عابد بلوچ
سينيئر رڪن
گهڙي لاءِ پنهجو هو جوڀن پسائي
ويو منهجي نيڻن جا ڏيئا اجهائي
سڄي ڳوٺ وارن جون ڳالهيون ڪيوسين
مگر ڪين پنهجون سگهياسين ٻڌائي
وڏي شهر جو شوق ڪيڏو هو توکي
اجايو اچي پاڻ ويٺين وڃائي
سوين دوست پنهجا سنجيده ويا ٿي
نه مرڪي ٿو ڪوئي نٿو ڪو کلائي
بارش جيان ايندڙ ڏکن جي گهڙين لاءِ
اسان ٽهڪ ٿورا رکيا آهن بچائي
سڀن نانءُ پنهنجي پرين جا کنيا پر
اسان سنڌ تنهجا ويٺاسين سڏائي
ڪکائن جهڳين ۾ جنم ڏينهن ڪهڙا
جتي هر خوشي ٿي اچڻ کان لنوائي
ادل سومرو