سينٽرل جيل ڪراچي جي قيدي جو ڄامشوري لاءِ پيغام راجا ڏاهر تيوڻو او اويلا ڪڪر، منهنجي نيڻن جا گھر اڄ تکو ٿو وڃي، بي ليکو ٿو وڃين جي وڃين ٿو ته، ٻڌ ڳالهه هڪڙي پرين ٽن يونيورسٽين جي هنج ۾ اٿئي منهنجو گھر منهنجي جيجل جي در ۾ ئي هوندءِ نظر ان جي پيرن تي برسي ڏجانءِ تو چُمي چئج ان کي ته تنهنجي جگر جو ٽڪر پنهنجي جوڀن جا ڪجهه ڏينهن جيلن پٺيان تنهنجي لولي بچائيندي آهي ويو ان لاءِ پنهنجي هٿن سان امان دعا ته گھُر جيئن سڦل ٿي پوي، تنهنجي ٻولي بچي ۽ ڪروڙين سنڌين جي جيئن جهولي بچي ان لاءِ پهريا آهن، اڄ وري هي سنگھر او اويلا ڪڪر، منهنجي نيڻن جا گھر ان شهر جي سري ٻئي ۾ هوءَ ٿي رهئي جنهن جو چهرو هت مون سان گڏ ٿو رهي ان جي چهري تي برسين ته چئجانس هيئن پنهنجي ڪومل ادائن سان ڪُهندڙ پري تنهنجي محبوب تنهجي حفاظت جي لئه پنهنجي پيرن ۾ پاتا آهن اڄ نيئر جيئن توکي تڪي نه ئي لنگور ڪو جيئن توکي ڏسي نه ڪوئي مجبور ڪو تنهنجي ڀاڪرن کان ڪجهه ڏينهن آهيان پري تنهنجي وارن جي ڇانئن ۾ رهبو وري تنهنجي مڌُ جي پيالن کي پيئبو وري بس ٻه ٽي ڏينهن ڏي يار مون کي به ڍر پنهنجي ڌرتي جي ويرين کي ماري اچان ڏينهن جيلن ۾ به چار ڪاٽي اچان تون سهيلين جي وچ ۾ رهين مهڪندڙ او اويلا ڪڪر، منهنجي نيڻن جا گھر ان شهر ۾ سوين، دوست احباب هِن ان شهر ۾ سوين منهنجا اڌ خواب هِن ان شهر نامور جي پڍن کي چمي منهنجي نياپي جا هي لفظ چئجان وڃين سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ ۽ لمس جا نوجوان ساٿيو، سنڌ جا وارثو انقلابين جا آهيو اوهان ئي ته ير ڏڍُ، همٿون، ۽ جوالا ۽ ڀَرَ او اويلا ڪڪر منهنجي نيڻن جا گھر ڄام شوري جي دلڪش مٺي شام کي چئج هيئن تون وڃين، منهنجا پيارا پرين نيٺ ٽٽندا سنگھر، نيٺ لهندا نيئر نيٺ ڊهنديون هي ديوارون دوکي سنديون نيٺ ”ڏاهر“ جي نظمن کي ملندي زبان نيٺ توڏي وربو، او سهڻا شهر نيٺ آزاد سنڌوديش ٿيندي وري نيٺ هر قوم جا ٿيندا آجا نيئر او! اويلا ڪڪر، او اويلا ڪڪر
نيٺ ٽٽندا سنگھر، نيٺ لهندا نيئر نيٺ ڊهنديون هي ديوارون دوکي سنديون نيٺ ”ڏاهر“ جي نظمن کي ملندي زبان نيٺ توڏي وربو، او سهڻا شهر نيٺ آزاد سنڌوديش ٿيندي وري نيٺ هر قوم جا ٿيندا آجا نيئر او! اويلا ڪڪر، او اويلا ڪڪر اسان جون دعائون ، اسان جون سدائون به اهي ئي ساڳيون آهن ۔۔۔۔۔
ادا سائين جنهن جسسمم جي باندي اڳواڻ جو هي نظم لکيل آهي اُن جو نالو لکندا ت قُرب ٿيندا۔ڇو ته اهو نظم منهنجو پُراڻو پڙهيل آهي ۽ جسمم جي ترجمان رسالي ۾ پڙهيو هو۔۔