انتهائي ڏک ۽ افسوس جي خبر آهي ته اڄ منجهند جو منهنجي والد بزرگوار جو انتقال ٿي ويو آهي ، سڀاڻي صبح جو شهر وارھ ۾ سندن جنازه نماز ادا ڪئي ويندي ، دوستن کي دعا لاءِ درخواست آهي
انا لله و انا اليه راجعون اللھ پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام نصيب فرمائي ۽ توهان سميت سڀني سوڳوارن کي صبر ۽ اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا فرمائي۔۔ آمين ثم آمين
انا لله و انا اليه راجعون وڏي ڏک واري خبر آهي۔ ڌڻي پاڪ جي در دعا آهي ته الله تعالي ا اوهان جي والد بزرگوار کي جنت ۾ اعلي ا جڳهه عطا ڪري ۽ اوهان سڀني سوڳوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري۔۔ آمين ثم آمين
انا لله و انا اليه راجعون منهنجا سهڻا ڀا، رب العالمين اوهانکي ۽ اوهانجي خاندان کي بابا سائين جي موت جي ڏک تي صبر جميل عطا فرمائي ۽ بابا سائين کي جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا فرمائي ۔۔۔ آمين زندگي موت جي امانت ۽ موت رب سان ملاقات جو وسيلو آهي ۔۔۔ مومن لا موت ملاقات جي هڪ ڏاڪڻ ٿئي ٿو ۔۔۔جنهن تي گذري مومن محبوب سان ملاقات ڪري ٿو۔ ڪي اڳي ڪي پو، اسين سڀ ان منزل جا راهي آهيون ۔۔۔ دعا آهي ته رب اسانجي آخرت ايمان تي ڪري ۔۔۔ آمين
انا الله و انا اليه راجعون ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي، پر رب جي رضا تي سڀني کي راضي رهڻو آهي۔ هو مالڪ آهي جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو۔ وڏڙن جو سايو ڪنهن گهاٽي بڙ جي ڇانو جيان هوندو آهي، هو سدائين اسان لاء دعاگو رهندا آهن۔ سندن وڃڻ جو احساس ۽ قدر سندن وڇوڙي کانپوء وڌيڪ ٿيندو آهي۔ رب در دعاگو آهيون ته اوهان جي والد صاحب کي جوار رحمت ۾ جڳهه عطا ڪري ۽ اوهان سڀني گهر ڀاتين کي صبر جميل عطا ڪري۔ اسان پاران تعزيت قبول ڪجو۔ مان ڪالهه کان ڪوشش ۾ آهيان ته اوهان سان رابطو ٿئي پر اوهان جو نمبر بند پيو ملي۔ ڪراچي اچو ته اطلاع ڪجو جيئن حاضري ڀري سگهون۔
ادا عبد الغني لوهار صاحب ! انا لله و انا اليه راجعون ۔ الله توهان جي والد مرحوم ۽ توهان جي ٻين وفات شده رشتيدارن کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي ۽ کين رسول الله صلي الله عليه وسلم جي شفاعتِ ڪامله پڻ نصيب فرمائي۔ آمين۔ ادا ! الله تعالي توهان کي صبر جميل عطا فرمائي۔ آمين محمد عبد الله فهيمي لاڙڪاڻه۔
الله مرحوم و مغفور کي جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي سندس صغيره و ڪبيرڳ گناه معاف فرمائي سندس پسماندگان و لواحقين کي صبرِ جميل عطا فرمائي ۽ اسان سڀني کي موت جي تياري ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ وسلام
اسلام عليڪم ادا عبدالغني لوهار سائين انتهائي ڏک واري خبر آهي،اوهان جو والد بزرگوار هي فاني دنيا ڇڏي ويو، توهان اسان کي ڏسي ويو ته هي دنيا ٿوري دير جي آهي،وري به سڀ ڇڏي سفر اڳتي جو آهي، الله پاڪ اوهان جي والد جن کي جنت الفردوس ۾ جڳه عطا فرمائي،اوهان کي صبر ۽ همٿ جي توفيق عطا فرمائي،اُن جون اوهان جون اسان سڀن جون خطائون معاف فرمائي،
جڏهن قبرستان وڃو ته قبرستان وارن کي سلام ڪري اهو ضرور انهن کي چئو ته اوهان وڃڻ ۾ پهل ڪئي آهي اسان به اوهان جي پٺيان اچون پيا۔ وسلام
انا لله و انا اليه راجعون محترم ڀا، رب العالمين اوهانکي ۽ اوهانجي خاندان کي بابا سائين جي موت جي ڏک تي صبر جميل عطا فرمائي ۽ اوهان جي والد سائين کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي ۔۔۔ آمين ڏک جي خبر پڙهي بيحد افسوس ٿيو هڪ ختم شريف جو ثواب پڙهائي اوهان جي والد صاحب لاء ايصال ثواب ڪيو آهي الله تعالى قبول فرمائي۔
انا لله و انا اليه راجعون اسان سڀ اوھان جي والد صاحب مرحوم جي لا اھيا دعا ڪنداسين ۔اللھ پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام نصيب فرمائي ۽ توهان سميت سڀني سوڳوارن کي صبر ۽ اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔
ادا عبدالغني۔۔اوهان جي والد جي وفات جو پڙهي صدمو ٿيو۔ بيشڪ موت برحق آهي۔ الله رب العزت توهان کي ۽ سڀني عزيزن کي صبر ڏئي۔ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ سندس تمام صغيره ڪبيره گناهه بخش ڪري ۽ سندس درجا بلند ڪري۔ آمين۔
قالو انالله و انا اليه راجعون۔ الله سائين اوهانجي والد جي مغفرت فرمائي جنت الفردوس ۾ ڪُشادي جڳه عطا فرمائي، پنهنجي ٻچڙن لاءِ دعاڳو هجي۔ اوهان پونيئرن کي الله تعالىٰ صبر جي توفيق ۽ ٻَڌي جي طاقت عنايت ڪري۔ ڪوشش ڪري اهڙو عمل نه ڪجو جو سڀاڻي جڳ وارا آڱريون ته اوهان جي مٿان کڻن پر زبان تي نالو اوهانجي والد بزرگوار هجي ۽ اوهانجي بابا کي ڪو ڏک رسي، بحيثيت مسلمان جي ( جييئن اوهان به لکيو ته توهانجي بابا جو انتقال ٿيو) منهنجو ايمان آهي ته مسلمان مومن ڪڏهن به مرندو نه آهي پر منتقل ٿيندو آهي۔ ۽ جيڪو منتقل ٿيندو آهي، هوندو اتي آهي صرف اکين کان اوجهل هوندو آهي۔ ننڍڙو مثال ڏيندو هلان ڪا ب شي انتقال فارم تي ٻئي ڪنهن ڏانهن منتقل ڪندا آهيون، اها شي موجود هوندي آهي پر اسان توهانجو ان تي وس نه هوندو آهي۔ آخر ۾ آءُ وري به اوهان ۽ اوهانجي خاندان لاءِ دعاڳو آهيان۔