هوءَ مڪمل پردي ۾ قاضي جي سامهون بيٺي هئي۔۔ هُن پنهنجي مڙس خلاف مقدمو ڪيو هو۔۔ جنهن جي نوعيت به ڪجهه عجيب هئي۔۔۔ ته۔۔ ”منهنجي مڙس ڏي حق مهر جي رقم 500 دينار رهي ٿي جيڪا نه ٿو ڏئي۔۔۔ جيڪا ڏياري وڃي۔۔“ قاضي جڏهن مڙس کان پڇيو ته هن ان الزام جو انڪار ڪيو۔۔ ته کيس هن عورت کي ڪا رقم ناهي ڏيڻي۔۔۔ عدالت عورت کان گواه گهريا۔۔۔ جنهن ڪجهه گواهن جا نالا پيش ڪيا۔۔ قاضي گواهن کي عدالت ۾ گهرايو۔۔۔ گواهن چيو ته ۔۔ ”اسان هن عورت کي ڏسي ٻڌائي سگهنداسين ته واقع هيء ساڳي عورت آهي ۔۔ جنهن لاءِ اسان کي عدالت ۾ گهرايو ويو آهي۔۔۔ ان ڪري عورت کي چيو وڃي ته پنهنجي چهري تان پردو هٽائي ته جئين اسان سڃاڻي سگهون۔۔۔“ عدالت عورت کي حڪم ڏنو ۔۔۔ ته۔۔۔ ”چهري تان پردو هٽائي ته جيئن سڃاڻپ ٿي سگهي۔۔۔“ عورت مونجهاري جو شڪار ٿي پئي۔۔۔ ته گواهن جي سامهون نقاب لاهي يا نه۔۔۔ جڏهن ته گواهه منتظر هئا۔۔۔ اچانڪ مڙس غيرت ۾ ايندي چيو۔۔ ته ۔۔۔ ”مون کي اهو بلڪل به پسند ناهي ته ڪو غير محرم شخص منهنجي زال جو چهرو ڏسو۔۔ ان ڪري گواهن کي ان جو چهرو ڏسڻ جي ضرورت ناهي۔۔۔ هن جو حق مهر واقعي منهنجي ذمي رهي ٿو۔۔۔“ عدالت اڃان فيصلو ڏيڻ واري هئي۔۔۔ ته عورت چيو۔۔۔ ”محترم قاضي صاحب۔۔! جيڪڏهن منهنجو مڙس ڪنهن کي منهنجو چهرو ڏيکارڻ برداشت نه ٿو ڪري۔۔۔ ته مان به ان جي توهين برداشت نه ٿي ڪري سگهان۔۔۔ ان ڪري معزز عدالت کي درخواست آهي ته مقدمو ختم ڪيو وڃي جو مون پنهنجو حق مهر پنهنجي مڙس کي معاف ڪري ڇڏيو۔۔۔ مان غلطيء تي هيس جو اهڙي شخص خلاف مقدمو ڪيو۔۔۔“
مطلب ته اوھان جيڪڏھن پنھنجي گھر واري کي گھر واري سمجھندا ته اُھا به اوھان کي پنھنجو مڙس تسليم ڪندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واھ جوان واھ