دوستو ڪاوش اخبار ۾ هي نظم غلطيءَ سان سائين حيدر بخش جتوئيءَ جي نالي سان ڇپجي وئي آهي جڏهن ته اها نظما اصل ۾ ننڍي کنڊ جي مشهور شاعر... هري درياني دلگير جو آهي اڄ جيئن ئي ڪاوش اخبار کوليم ته ان ۾ ٻئي صفحي تي سائين __________ جي هي تاريخي نظم سڀ کان اڳيان نظر آئي۔۔۔ سوچيم توهان سان ونڊ نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي۔۔۔
جواب: سنڌوندي۔۔۔ سنڌو ندي۔۔۔ مهرباني دوست، جو اوهان اسانکي سائين محترم حيدربخش جتوئي جو سنڌوندي جي عڪاسي ڪندڙ سهڻو گيت پڙهايو ۔۔۔ اهڙو گيت ته اسانجي ڪنهن ڪورس ۾ ضرور هجڻ کپي ها ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته گيت جا سڀ بند هڪ ٻئي ۾ ملنٿا ۔۔۔ علاوه جيڪي تصوير جي هيٺان آهن ۔۔۔ مثلن: ٽهه ٽهه ڪندي، ڦهه ڦهه ڪندي، نرتئون نهاريندي اچي۔ ۽ تصوير جي هيٺان واري مصرع اڻپوري پئي لڳي مثلن: تن کي مٽائيندي اچي ۔۔۔ مطلب ته گيت ۾ ڪٿي ڪا ڪمي ضرور آهي ۔۔۔ وڌيڪ جيڪي دوست ڄاڻيندڙ هجن سي آگاهي ڏين ته خبر پئي ۔۔۔ sindhsalamatsaathsal
جواب: سنڌوندي۔۔۔ سنڌو ندي۔۔۔ سائين بلڪل ۔۔۔ پر شاعريءَ جا مختلف قسم آهن،، ڏسون سائين نثار ناز صاحب ڇا ٿو چئي
جواب: سنڌوندي۔۔۔ سنڌو ندي۔۔۔ ادا اسد ڄامشورائي ۔۔۔۔۔۔۔ باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي سائين جي شاعري آهي ڀائو، جنهن کي سنڌ ڌرتي لاءِ پهرين قومي شاعري لکڻ جو باني پڻ سڏيو وڃي ٿو، پاڻ سنڌ ڌرتي لاءِ نظم جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ لکيو هو ۽ ان قومي نظم لکڻ جي پاداش ۾ مڇ جيل ۾ بندي بڻايو ويو، جيئن ته سائين حيدربخش جتوئي سنڌي جوڌو هو، هن سنڌوءَ تي نظم ان وقت جي حساب سان بلڪل صحيح ۽ توري تڪي لکيو هو، بلڪل ائين جيئن سنڌو پنهنجي ڦُوهه جواني ۾ رواني سان وهندو آهي۔۔۔۔۔۔ باباءِ سنڌ سائين حيدربخش جتوئي جي هن لکڻي تان هن شاعري تان مون جهڙا هزارين ٽي درجي وارا شاعر قربان، ان کان علاوه جيڪي هن دنيا ۾ ئي نه رهيا، انهن جي تصنيف تي ڇنڊ ۽ ڇاڻ ڪڏهن به نه ڪئي ويندي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي تنهنجي هي شيئرنگ انتهائي لاجواب آهي۔۔۔۔ شال جُڙيو هُجين۔۔۔۔ ڳالهه سنڌو جي سونهن جي هلي پئي ۔۔۔۔۔۔۔ 24 جنوري تي سنڌو کي گلن جي ڀيٽا ڏني ويندي۔۔۔۔ هڪڙي ڀيٽا سنڌوءَ کي مان ڀي ڏيڻ ٿو چاهيان۔۔۔۔۔۔۔ هي ڀيٽا سنڌ سلامت تي ڪافي ڏينهن اڳ ۾ ڏئي چُڪو آهيان پر جيئن ته هن ڪافي جي هن وقت ضرورت آهي سو پيش آهي ڪافي سنڌو سونهن تنهنجي سلامت رهي شل
جواب: سنڌوندي۔۔۔ سنڌو ندي۔۔۔ شاعري جي رمزن کان تان پاڻ واقف ناهيون پر 24 جنوري جي موقعي جي مناسبت سان جتي ادا رزاق ميمڻ گناهه سيريل سميت هڪ لکڻي ونڊي تهڙي نموني هن لکڻي تي پڻ ادا اسد جا ٿورائتا آهيون۔۔۔ بابا سائين حيدر بخش جتوئي جو تڪيل توريل ۽ سنڌوءَ جي جوڀن جي تعاريف سان ڀريل گيت ڀلو لڳو ۔۔۔۔۔ سائين جي گيت کي لفظن تي آڻڻ کانپوءِ مٺاس جو ذائقو لٿو ئي نه ته سائين نثار ناز پنهنجي اڳ جي ونڊيل ڪافي کي موقعي جي مناسبت سان ٻيهر ونڊي اصل لطف آڻي ڇڏيو ۔۔۔۔
جواب: سنڌوندي۔۔۔ سنڌو ندي۔۔۔ سنڌ سڳوري سلامت رهي شال اهائي دعا اسان جي آهي اهو ئي دل جو آواز آهي الله تعالي اسان جون دعائون قبول فرمائي پنهنجو ڪرم فرمائي والي وسائيج درد مندي جو ديس ۔۔۔۔
جواب: سنڌوندي۔۔۔ سنڌو ندي۔۔۔ سائين نثار ناز صاحب۔۔۔ سنڌ ڌرتيءَ جي سورن ۽ صدمن کي شاعري ذريعي نروار ڪندڙ هر شاعر اسان جي لاءِ ديوتا مثل آهي۔ اسان جي لاءِ اوهين وڏو رتبو رکو ٿا۔۔ اوهان جي هن شاعريءَ جي اندر جيڪا دعا آهي۔ مولا ڪندو اها ضرور قبول پوندي ۽ اسان جي سنڌ امڙ جي حياتيءَ جو ڪارڻ سنڌو ندي جلد پنهنجي جوڀن تي واپس پهچندي۔۔۔