اڄوڪي ڏينهن 25 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
25 جون 1922ع شاعر سائق بخاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 جون 1929ع تعليمي ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي (ايم اي قاضي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 جون 1939ع سماجي اڳواڻ محمد طالب ڀُرٽ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 جون 1968ع ليکڪ غلام مصطفى چنا جو جنم ڏينهن آهي.
25 جون 1971ع شاعر محمد عرس اوٺو (ميرپور بٺورو) جو جنم ڏينهن آهي.
25 جون 1974ع باليووڊ اداڪاره ڪرشما ڪپور جو جنم ڏينهن آهي.
25 جون 1978ع باليووڊ جي سنڌي اداڪار آفتاب شوداساڻي جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
25 جون 1976ع شاعر حاجي عبدالله واصف جو انتقال ٿيو.
25 جون 2009ع پاپ موسيقي جي بي تاج بادشاهه مائيڪل جيڪسن جو انتقال ٿيو.
_______
اڄوڪي ڏينهن 25 جون جا ڪجهه اهم واقعا

حواله:
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
_______