• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منتظمين کي هڪ گذارش

نثارابڙو

نائب منتظم
سلام دوستو،
سنڌ سلامت جي منتظمين کي هڪ گذارش آهي ته ... اوهانجو ڪم ساراهڻ جهڙو ۽ بي بها آهي جو سنڌي ٻولي جي واڌاري لاءِ جيترا در کلن اوترو ڀلو ... پر مونسان ڪجه هيٺيون مشڪلاتون آهن هن سائيٽ تي مواد موڪلڻ ۽ راين ڏين وقت ... يا ته مون واري مشين صحيح ڪم نه ٿي ڪري يا وري شايد سائيٽ ۾ اڃان ڪي ڪميون آهن سي سڌارجن ته هوند ڀلو ٿي پوندو
1. راين واري خاني ۾ لکي نه ٿو سگهجي جو لفظن ۾ فاصلي ڏيڻ واري چاٻي ڪم ئي نٿي ڪري ... Space Key
2. ڪو فوٽو يا وري ڪا پاور پائنٽ پريزنٽيشن ڳنڍي نه ٿي سگهجي جو محدود آهي ۽ ڳنڍڻ وقت تورتڪ ۽ حساب ڪتاب سامهون اچيو وڃن
دوستن کي عرض آهي ته ڪجهه وڌيڪ جڳهه مهيا ڪن ته آزاديءَ سان مواد موڪلي سگهجي ...
ٻيا سڀ خئير آهن ۽ اوهان دوستن لاءِ دعاڳو آهيون ته ڌڻي سڳورو اوهانکي بري نظر کان بچائي
سدائين گڏ
نثار ابڙو
مڪو پاڪ
 

السلام عليڪم

ادا سڀ کان پهريان اوهان کي ڀليڪار ۽ اوهان جا لک ٿورا جو اوهان پهنجي قيمتي مشورن سان نوازيو

ادا تصوير اٽيچ ڪرڻ ۾ اوهان کي پرابلم آهي اهو ايرر ڪهڙو ٿو اچي ڇا اوهان اهو ايرر هتي لکي سگهو ٿا؟باقي ڪافي دوستن پڪچر اپ لوڊ ڪيون آهن ۽ هر روز ڪندا آهن وري به اسان ان جي سائيز وڌايون ٿا يا ڪو ٻيو پرابلم آهي ته اهو به چيڪ ڪيون ٿا
۽ اسپيس جو بٽن سائين نثار احمد ناز به ان جو ذڪر ڪيو هو انشاء الله ان کي حل ڪري ٿا وٺون باقي مون وٽ اسپيس جو بٽڻ بلڪل ڪم ڪري ٿو ليڪن پوسٽ ڪرڻ کان پهريان اهو ڪم ادا عامر جو آهي ان کي آگاه ڪيو ويو آهي باقي ادا ڪجهه وڌيڪ جڳهه مهيا ڪن مان اوهان جي ڇا مراد اهي ؟ ان جي وضاحت ڪيو ها ته مهرباني ٿيندي ادا اوهان جا لک ٿورا جو اوهان مشورا ڏنا مزيد مشورن جو انتظار رهندو
 
ادا نثار احمد ۔۔۔ توهان جي مشورن جو واقعي اسان کي انتظار رهندو آهي۔
ادا هڪ ته وي بليٽن انتهائي پاورفل ۽ ٿورو مشڪل پيڪيج آهي ٻيو ته هن پيڪيج تي سنڌ سلامت واحد سنڌي فورم آهي ان ڪري غلطين کي پري ڪرڻ ۾ ٿورو وقت پيو لڳي۔
ڪجهه پروفيشنل مجبوريو به آهن تنهن ڪري هر وقت فورم تي حاضر به نه ٿو رهي سگهان۔
منهنجي ڪوشش رهي آهي ته فورم تي ايندڙ سنڌي سڄڻن کي آسان سنڌي ملي ۽ تحرير موڪلڻ ۾ به ڪا پريشاني نه ٿئي۔
ان لاءِ ڪم جاري آهي اڳتي هلي توهان کي ڪافي نواڻ ملندي بس ان لاءِ ٿورو انتظار ڪيو۔
توهان جي مسئلي نمبر هڪ لاءِ عرض ته ادا عامر جي ٺاهيل سنڌي پيڊ مائڪرو سافٽ جي انٽرنيٽ ايڪسپلورر تي بهترين ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٻين برائوزر تي ڪجهه ايرر اچن ٿا جنهن کي پري ڪرڻ لاءِ ادا عامر ڪم ڪري رهيو آهي۔ ان لاءِ توهان کي عرض آهي ته في الحال انٽرنيٽ ايڪسپلورر تي ئي سنڌسلامت برائوز ڪريو۔
توهان جي مسئلي نمبر 2 کي ختم ڪيو ويو آهي۔ هاڻي توهان آرام سان فوٽو به ڳنڍي سگهو ٿا ۽ پاورپوائينٽ جي فائيل کي pps فارميٽ ۾ لڳ ڀڳ 3 ميگا بائيٽ تائين اپلوڊ ڪري سگهو ٿا۔
اهڙن وڌيڪ مشورن جو انتظار رهندو

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
سلام دوستو،
سنڌ سلامت جي منتظمين کي هڪ گذارش آهي ته ... اوهانجو ڪم ساراهڻ جهڙو ۽ بي بها آهي جو سنڌي ٻولي جي واڌاري لاءِ جيترا در کلن اوترو ڀلو ... پر مونسان ڪجه هيٺيون مشڪلاتون آهن هن سائيٽ تي مواد موڪلڻ ۽ راين ڏين وقت ... يا ته مون واري مشين صحيح ڪم نه ٿي ڪري يا وري شايد سائيٽ ۾ اڃان ڪي ڪميون آهن سي سڌارجن ته هوند ڀلو ٿي پوندو
1. راين واري خاني ۾ لکي نه ٿو سگهجي جو لفظن ۾ فاصلي ڏيڻ واري چاٻي ڪم ئي نٿي ڪري ... Space Key
2. ڪو فوٽو يا وري ڪا پاور پائنٽ پريزنٽيشن ڳنڍي نه ٿي سگهجي جو محدود آهي ۽ ڳنڍڻ وقت تورتڪ ۽ حساب ڪتاب سامهون اچيو وڃن
دوستن کي عرض آهي ته ڪجهه وڌيڪ جڳهه مهيا ڪن ته آزاديءَ سان مواد موڪلي سگهجي ...
ٻيا سڀ خئير آهن ۽ اوهان دوستن لاءِ دعاڳو آهيون ته ڌڻي سڳورو اوهانکي بري نظر کان بچائي
سدائين گڏ
نثار ابڙو
مڪو پاڪ

وعليڪم سلام ادا نثار،

ادا توهان جيڪا غلطي اسان کي ٻڌائي اُن کي درست ڪيو ويو آهي، مان معزرت ٿو گُهران ته توهان کي ان مشڪل کي ڏسڻو پيو
ادا جيڪڏهن توهان ٻي ڪا به مشڪلات کي فيس ڪري رهيا آهيو پيڊ جي باري ۾ ته توهان مونکي ضرور ٻڌائيندا،

توهان جو دوست

عامرضياء چارڻ

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top