• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايڊوب فوٽوشاپ سي سي جي رليز جي ٻئي ڏينهن ئي ڪريڪ ورجن جاري..

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
Adobe.Photoshop.CC.v14.0-goldescargas.com+(1).jpg
سافٽويئر ڪمپنين لاءِ سافٽويئر پائريسي اصل مٿي جو سور بڻيل آهي۔۔ ان کان بچڻ لاءِ ڪمپنيون نوان نوان طريقا اختيار ڪنديون آهن۔۔ ايڊوبي ڪمپني به هڪ اهڙي ڪمپني آهي جنهن جي تيار ڪيل سافٽويئر جا ڪريڪ پوري دنيا ۾ استعمال ٿي رهيا آهن۔۔۔ ان ڪري ايڊوبي پنهنجن سڀني سافٽويئرس کي سبسڪرپشن بيسڊ بڻايو آهي۔۔ جنهن ڪري ايڊوبي جو ڪهڙو به سافٽويئر انسٽال ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته استعمال ڪندڙ انٽرنيٽ سان ڳنڍيل هجي ته جيئن استعمال ڪندڙ جي سبسڪرپشن کي ايڊوبي طرفان چيڪ ڪري سگهجي۔۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر انسٽاليشن کان پوءِ هر مهيني هي سافٽويئر ايڊوبي جي سروس سان ڪنيڪٽ ٿي سبسڪرپشن جو اسٽيٽس چيڪ ڪندو رهندو آهي۔۔۔
پر ايڊوبي لاءِ اها ترڪيب به ناڪام وئي ۔۔۔ ڇو ته هن ئي هفتي جڏهن ڪمپني فوٽوشاپ جو نئون ورجن ”فوٽوشاپ سي سي“ رليز ڪيو ته ان جي ٻئي ڏينهن ئي ان جو ڪريڪ ورجن thepiratebay تي ڊائونلونڊنگ لاءِ موجود مليو۔۔۔ هي ٽورينٽ جيڪو Adobe Photoshop CC 14.0 Final Multilanguage جي نالي سان هاڻي مختلف ٽورينٽ سائيٽس تي موجود آهي۔۔۔ ان لاءِ ڪيترن ئي استعمال ڪندڙن جا رايا پڻ اچي چڪا آهن جن ٻڌايو آهي ته اهو ڪريڪ ورجن بلڪل ڪم ڪري رهيو آهي۔۔
اهو ئي سبب آهي جو ايڊوبي کي پنهنجي نئين سبسڪرپشن سسٽم جي ناڪامي تي ڪافي مايوسي ٿي هوندي۔۔۔:)
 
اهو ڪم ته ڀلو ٿو ٿيئي، ڪمپنيون هونهن به ڪمائي رهيون آهن، ڪريڪ ورجن جي ڪري انهن سوفٽ وائرن تائين هرڪو پهچي ٿو نه ته اهي سوفٽ وائر صرف ملٽي نيشنل ادارا ئي استعمال ڪري سگهن ها، بهرحال اوهان هن کي ڊائونلوڊ جو لنڪ نه ڏيئي بيواجبي ڪئي آهي
 
Back
Top