اي سنڌ توکي الوداع..!!! ڇو؟

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏26 جون 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    اي سنڌ توکي الوداع..!!! ڇو؟

    جڏهن رات انڌاري ۾ سڄي سنڌ جا ماڻهو گهري ننڍ ۾ ستل هئا ۽ اها ڪنهن کي ڪَل نه هئي ته سنڌ مان ڪو لڏي هميشه لاءِ سنڌ کي الوداع ڪري وڃي رهيو آهي،سنڌ جيڪا شاهه، سچل،عنايت،سامي، روحل فقير، سچو سترام داس ۽ ڀڳت ڪنور جي مڌر آوازن سان سونهندي آهي جتي محبتي مارو ماڻهو سُک شانتي سان رهندا هئا ۽ اُتي هاڻي ايئن لڳي رهيو آهي ڄڻ ڪو امن جو پکي هميشه لاءِ جوءُ ڇڏي هليو ويو هجي.
    اسان اڄ ڪهڙي دور جي گهٽين ۾ ڦاسجي ويا آهيون، جتي ڦرون، ڌاڙا، ڪاروڪاري جي واقعن، اغوا، قتل عام جا چرچا، پکين جي ڦٿڪڻ جو آواز، پاڻي لپ لاءِ معصوم ٻچڙن جون دانهون ڪهڙي سماج جون نشانيون آهن، احساس جو نانءَ ناهي رهيو، وقت جو قدر ڪٿي آهي. چيچن مان ڇلا کسڪندا ٿا وڃن، دوريون ۽ ويرانيون پر پکيڙي رهيون آهن، اڄ اسان هن سماج ۾ ڪيئن پيا جيئون، ڪڏهن به ڪنهن پنهنجو پاڻ ڏانهن ڏٺو ئي ناهي!
    هرڪو اجنبيت ۽ اڻ ڄاڻائي جي دُٻڻ ۾ دٻڄندو ٿو وڃي. مون کي ڪڏهن ڪڏهن ايئن لڳندو آهي ته ڪٿي مان وڃائجي ته نه ويو آهيان، ڪڏهن مايا جي ڇايا ٿي کائي ته ڪڏهن سماج ۾ مليل سور ناسور ٿو ڏکائي، محبتن۽دوستن کي . اڄ ڪٿي معاشرو بيٺو آهي پنهنجي خسيس مفادن لاءِ ڀاءُ، ڀاءُ کي پيو ٿو ماري،
    آهي ڪو هن سماج ۾وڌندڙ بدامني جي باهه جي شعلن کي وسائڻ وارو. اعتبار، وفا جا رشتا رڪجي ويا آهن، قرب جون ڪڙيون ڪٽجي ويون آهن، هرڪو هڻ هڻان ۾ پنهنجي منهن لڳو پيو آهي. ڪنهن کي رازدار بڻائڻ جهڙا لفظ ڦٿڪڻ لڳا آهن، محبتن، رشتن، ناتن، پيار ۽ پنهنجائپ جهڙا لفظ بي معنيٰ ٿيندا پيا وڃن، انسان هن معاشري کي اڏڻ بدران بنياد کان اکوڙڻ ۾ لڳو پيو آهي. آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي،
    سنڌي هندن جو سنڌ کي الوادع آلين اکين سان ڏسندا رهون ٿا. ڪنهن کي ڪا ڪَل ئي ناهي ته ڪير پنهنجو ديس ڇڏي ويو آهي ۽ ڪير وڃڻ لاءِ واجھائي رهيو آهي.سنڌين جي مالڪي نه هئڻ سبب ڪيترائي سنڌي هندو خاندان پنهنجن ابن ڏاڏن جا وٿاڻ ڇڏي پرڏيهه روانا ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ڌرتيءَ ماءُ جي ڪوسي هنج ڇڏڻ جو سبب بدامني، ڀتاخوري، اغوا ۽ نياڻين کي اغوا ڪري زوري مذهب مٽائڻ۽ شادي ڪرڻ ، مطلب ته ڪو به تحفظ نه ملڻ تي جنم ڀومي ڇڏڻ ٻڌائي رهيا آهن. مون کي اڄ به گهاريل گڏ خوشين وارا ڏينهن ۽ ڪيئي خوشين وارا تهوار ڏنگ هڻن ٿا.
    جڏهن کان ڪائنات وجود ۾ آئي تڏهن کان ئي غم ۽ خوشي جو ساٿ نڀائيندا پيا اچن. چيو ته ايئن ويندو آهي ته انسان کي ڏکيون حالتون ئي گهڻو ڪجهه سيکارينديون آهن پر ڪڏهن ڪڏهن حالتون انسان کي ميساري ڇڏينديون آهن،موجوده حالتن يا ماضي ۾ جهاتي پائي سوچينداسين ته دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو ،لڳي ايئن ٿو ته سڀني حالتن جو محور انسان پاڻ ئي آهي ۽ انسان کي ايئن ڪرڻ جڳائي ڪو نه ٿو۔ ڪاش! سڀ ماڻهو ميٺ محبت سان رهن، هڪ ٻئي جو قدر ڪن عيبن کي فروغ نه ڏين ته ڇا اسان جو معاشرو اڄ جهڙي بدترين حالتن مان جنگ جوٽيندو هجي ها اڄ جتي سڄي دنيا ترقيءَ جو منزلون طئي ڪري رهي آهي اتي سنڌ ۾ڌرتي ڌڻين کي رڳو مذهب جي بنيادن تي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڪڻي کان ڪڻوڪرڻ جي سازش ڪئي وڃي ٿي. يقينن هي هڪ گھري سازش آهي. جنهن ديس ۾ صدين کان سنڌي گھڻ مذهبي هوندي رڳو سنڌي ٿي رهيا آهن اتي هاڻي هندو ۽ مسلمان جي نالن سان سڃاڻجڻ لڳا آهن. ڪڏهن هندو مسلمان ته وري ڪڏهن ڪارنهن ته وري ڪڏهن قبيلائي قتل عام جهڙا ناسور بڇيا وڃن ٿا۔
    منهنجي راءِ موجب ته هندن ۽ مسلمانن کي ان مامري تي ويچارڻ گھرجي ته آخر هي ڇو آهي جو ورهين نه پر هزارين ورهين کان گڏ رهندڙ مارن کي ايئن اڪيلو اڪيلو ڪري ماريو وڃي ٿو؟ ڪٿي ايئن ته ناهي جو هڪ گھري سازش تحت سنڌين کان سنڌ کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟سمورن سنڌين کي اهو ويچارڻو پوندو ته هي جي پنهنجا گھر تڙ ڇڏي پرڏيهه ويا آهن انهن جي اندر مان ڪهڙي آهه نڪرندي هوندي؟
    جن سنڌ کي روئندي روئندي الوداع چيو ۽ چيو بس اي سنڌ توکي الوداع، اي جند توکي الوداع!
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو