• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄ احمد خان مدهوش جي ٽئين ورسي آهي

حفظ الله ڪاڪا

سينيئر رڪن
مدهوش
جي مرڻ کان پو
ئي مون هوش سنڀاليو،
نه ڄاڻ ائين ڇو ٿيندو آهي،
جيڪڏهن ڪير اسان کان دنيا مان اوپرو ٿي ويندو آهي،
ته سندس ياد اسان جي روحن کي ائين جهنجهوڙيندي آهي،
جيئن سر جي موسم ۾ تيز هوائون
وڻن مان پنن کي زبردستي ڪيرائي ڇڏينديون آهن۔
ها!
بس شايد اسان قدر ۽ قيمت کي ان پل پرکي
نه سگهندا آهيون
ان ڪري ئي شايد ائين ٿيندو آهي۔
خير۔۔
اڄ هڪ ڀيرو وري مدهوش اسان جي هوش کي هواس ڏئي رهيو آهي۔۔
اسان مدهوش کي وساري ڇو ويٺا آهيون؟؟

حفظ الله ڪاڪا،
قاسم آباد، حيدرآباد،
سنڌ۔
 
اُنهيءَ جي فلسفي جي ڳالهه تي ايمان ڪيئن آڻيان؟
نظر جنهن کي اچي ٿي، دوست! دنيا ئي سڄي دوکو.
سمايل روح ناهي جيڪڏهن ’مدهوش‘ شعرن ۾،
ته اهڙي قسم واري آ سموري شاعري دوکو.
احمد خان مدهوش سنڌ جو عوامي شاعر، جنهن پريت ۽ پيار جو پيغام پکيڙيو​
 
Back
Top