• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊومحمد خان پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي ريلي

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا دوستو: سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ”سنڌي ٻولي قومي“ واري تحريڪ کي هٿي ڏيڻ واسطي سموري سنڌ جيان ٽنڊو محمد خان ۾ به ريلي ڪڍي وئي، هن ريلي جي سرواڻي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جا سمورا ڪارڪن پنهنجي سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪري رهيا هُئا، هن ريلي ۾ مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ سنڌي ماڻهن جي هڪ وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي۔۔ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي معاملي تي سنڌي ڀائرن ۾ تمام گهڻي ايڪتا جو مظاهرو ڏسڻ ۾ آيو۔۔۔۔۔۔۔۔ هن ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ اهم ترين سنڌي سياسي رهنمائن ۾ جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جو صدر محترم ڊاڪٽر احمد نوناري، جيئي سنڌي قومي محاذ (بشير خان قريشي) ضلع ٽنڊو محمد خان جو صدر محترم عبدالرحيم ابو هاليپوٽو، پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو گروپ جو ضلع ٽنڊو محمد خان جو صدر محترم پير غلام نبي جان سرهندي، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو ضلعي صدر محترم بشير شاهه، عوامي تحريڪ پليجو گروپ ضلع ٽنڊو محمد خان جو صدر محترم عزيز پليجو، ڊاڪٽر اتحاد گروپ جو صدر ۽ يونين ڪائونسل 3 جو نائب ناظم محترم ڊاڪٽر گرڌاري مرچومل (جي ايم گُل) پنهنجي ڪارڪنن سميت شريڪ ٿيا۔۔۔۔۔۔ هن ريلي شهر جي مشهور مسجد اقصي چوڪ کان وٺي پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان تائين گشت ڪيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جتي مٿي ڄاڻايل سڀني سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪنن ۽ سياسي ماڻهن پنهنجون تقريرون ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ کي آئيني طرح ٻين ٻولين وانگر مُلڪ جي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت وارن ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن کان هڪ ياداشت نامي تي پڻ صحيحون ڪرايون ان يادشت نامي ۾ حُڪومت کان گهر ڪئي وئي ته سنڌي ٻولي جيڪا فني ۽ تاريخي لحاظ کان هڪ شاهوڪار ٻولي آهي ان کي هن مُلڪ جي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي۔۔۔۔ ان موقعي تي اها به قرارداد پاس ڪئي وئي ته شهر جي انهن مڙني پرائيويٽ اسڪولن کي چتاءُ ڏنو وڃي جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي جڳه تي اردو ٻوليءَ کي هٿي ڏئي رهيا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙي طرح هي ريلي ٿوري دير پهرين پر امن طور پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهتي۔۔۔۔
پيش آهي انهي ريليءَ جي تصويري رپورٽ۔۔۔​

P1010019.JPG


P1010012.JPG
مهراڻ ٽي وي ضلع ٽنڊو محمد خان جو نوجوان رپورٽر محمد اڪرم ڀٽي پنهنجون آفيشل ذميواريون ادا ڪندي​

P1010008.JPG
ڪي ٽي اين ضلع ٽنڊو محمد خان جو ڪئيمرامين ۽ سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر سيد غلام علي شاهه پنهنجون آفيشل ذميواريون پوريون ڪندي​

P1010002.JPG
سنڌي ادبي سنگت شاخ جو جهونو ڪارڪن ، محمد خان غني ادبي تنظيم جو سرپرست ۽ ٻن ڀلوڙ ڪتابن ، ”طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو“ ۽ ”زندگي آهي سفر“ جو تخليق ڪار محترم محمد دائود ميمڻ المعروف ”تاج ٽکڙائي“ ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو آهي۔۔​
P1010007.JPG
جيئي سنڌ ترقي پسند ضلع ٽنڊو محمد خان جو صدر محترم احمد نوناري ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي قومي ٻولي سنڌي ٻولي جي باري ۾ بريف ڪري رهيو آهي​

P1010017.JPG
پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جو ضلعي صدر محترم پير غلام نبي جان سرهندي خطاب ڪري رهيو آهي​

P1010025.JPG
سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ڪائونسلر ۽ سنڌ مشهور کاهوڙي شاعر محترم مشڪور ڦلڪارو سنڌي ٻولي قومي ٻولي تي سنڌي عوام سان مخاطب آهي​
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊومحمد خان پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي ريلي

سنڌي ٻولي قومي ٻولي ريلي جون وڌيڪ تصويرون​
P1010010.JPG


P1010009.JPG


P1010011.JPG


P1010013.JPG


P1010016.JPG


P1010022.JPG


P1010023.JPG


P1010018.JPG


P1010028.JPG


P1010027.JPG
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊومحمد خان پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي ريلي

انشاء الله ضرور ائين ئي ٿيندو الله سائين ۾ اميد آهي ............
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊومحمد خان پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي ريلي

انشاء الله ضرور ائين ئي ٿيندو الله سائين ۾ اميد آهي ............

مٺا محمد مگسي شال جُڙيو هُجين۔۔۔۔۔۔
تُنهنجي مُنهن ۾ گُلاب ، کنڊون ۽ کير۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔​
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊومحمد خان پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي ريلي

سائين ڪرنٽ افيئرز ۽ آس پاس جي سرگرمين تي توهان جي رپورٽنگ کي سلام آهي۔۔۔ تمام بهترين ڪم آهي سائين اوهان جو۔۔ اوهين سنڌ سلامت جي اسٽوڊيو جي جان آهيو۔
 
Back
Top