سنڌي فونٽس انسٽالر ڪيئن ٺاهجي۔۔۔۔

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2010۔

?

توهان کي هي ٽيوٽرل ڪيئن لڳو....؟

  1. تمام ڪارآمد

    5 ووٽ
    100.0%
  2. گذاري لائق

    0 ووٽ
    0.0%
  3. ڳالهه ڳاٽي کان چڙهيل

    0 ووٽ
    0.0%
  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت جي پڳ تي هڪ پٽي رکيل آهي ته ”مهربان سنڌي دوستو سنڌ سلامت جون لکڻيون صحيح طور پڙهڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪري سنڌي فونٽس ڊائونلوڊ ڪريو“ جنهن تي ڪلڪ ڪري سنڌي فونٽس ڊائونلوڊ ڪري سگهجن ٿا ۔۔۔ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته فونٽس کي ڊائونلوڊ ڪرڻ کان پوءِ ايڪسٽريڪٽ ڪري ڪاپي ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي آهي بلڪه هي هڪ قسم جو انسٽالر ٿينداو آهي جن کي ڊبل ڪلڪ ڪري انسٽال ڪبو آهي۔۔۔ جنهن سان پاڻمرادو سنڌي فونٽس ڪاپي ٿي توهان جي ونڊوز جي فونٽ ڊائريڪٽري ۾ محفوظ ٿيندا آهن۔۔۔
    اڄ ادا احمد خان جي درخواست تي مان توهان کي اهڙي قسم جو انسٽالر ٺاهڻ سيکاري رهيو آهيان۔۔۔۔
    هن انسٽالر کي ٺاهڻ لاءِ سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري Installer2Go نالي سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔۔ جنهن کي انسٽال ڪرڻ کانپوءِ کوليو نظارو ڪجهه هن طرح هوندو۔۔۔

    [​IMG]

    هاڻي ok پريس ڪريو ۽ نئين پروجيڪٽ کي کوليو۔۔۔ توهان ڏسندو ته توهان جي اڳيان مختلف ٽيبس سان ڀريل ونڊوز نظر ايندي۔۔۔ جتي توهان سڀ کان پهريان جنرل ٽيب ۾ گهربل معلومات لکو جهڙوڪ هن تصوير ذريعي ٻڌايو ويو آهي۔۔

    [​IMG]

    هوئن ته ونڊوز ۾ ٻيا به ٽيب آهن جن جي وضاحت مان آخر ۾ ڏيان ٿو۔۔۔ في الحال توهان مطلب واري ٽيب فائيل کي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ هتي موجود Windows فولڊر کي ايڪسپينڊ ڪريو جتان Fonts فولڊر سليڪٽ ڪريو ۽ پنهنجي مطلب جي فونٽس کي ڊريگ ڪري فونٽس فولڊر جي سامهون موجود ايريا ۾ آڻيو۔۔۔ ياد رهي ته فونٽس اهي شامل ڪريو جنهن جا ايڪسٽينشن TTF. هجن۔۔۔

    [​IMG]

    هاڻي ٻين سمورن ٽيبس کي ڇڏي "Create Setup" کي سليڪٽ ڪريو۔۔۔ جتي هيٺ تصوير کي ڏسي آئوٽ پٽ فولڊر جي لوڪيشن ڏيو ۽ پنهنجي هن پروجيڪٽ جو نالو ڏيو۔۔۔۔ ۽ هن اختيار کي چيڪ لڳايو۔۔۔۔ "Create Self-Extracting Executable that will contain your MSI file"

    [​IMG]

    هاڻي "Build" بٽڻ دٻايو ۽ منهنجي هن جادوئي ڪرتب سان عمل ڪندي فونٽس انسٽالر ٺاهي وٺو۔۔۔۔

    توهان کي هي ٽيوٽريل ڪيئن لڳو ۔۔۔۔ ضرور آگاهه ڪندا۔۔۔
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌي فونٽس انسٽالر ڪيئن ٺاهجي۔۔۔۔

    هتي مان توهان جي سهولت لاءِ هن سافٽويئر ۾ موجود ٻين اهم ٽيبس جو ذڪر ڪندي ٻڌائيندو هلان ته سيٽ اپ سيٽنگ ۾ توهان انسٽاليشن کان پوءِ سافٽويئر جو روٽ يا دڳ جو فولڊر سيٽ ڪري سگهو ٿا جيڪو عمومن Program Files ٿيندو آهي۔۔۔۔ تفصيل لاءِ هي تصوير ڏسو۔۔۔

    [​IMG]

    Requirement ٽيب ۾ توهان پنهنجي پروگرام لاءِ ونڊوز جو ورجن سيٽ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ تفصيل لاءِ تصوير ڏسو۔۔۔۔

    [​IMG]

    رجسٽري جي سيٽنگ لاءِ هي تصوير ڏسو۔۔۔۔

    [​IMG]

    ۽ ڊائلاگ سيٽنگ لاءِ هي سيٽنگ ڏسو۔۔۔۔

    [​IMG]
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌي فونٽس انسٽالر ڪيئن ٺاهجي۔۔۔۔

    سائين عبدالرشيد الله تعالي توهان کي توهان جي ٻچن کي سلامت رکي واه جو ڪم واري ڳالهه ٻڌائي اٿوَ مون هڪ دوست کي عرض ڪيو هو ان لاء ان دلاسو ڏنو هو ته توهان کي ٻڌائيندس ليڪن ان جي احسان کڻڻ کان پهريان اوهان جي عنايت ٿي ۔ بس ايتروئي چوندس ته ٿورا نا آهن ٿورا مون تي ماروئڙن۔۔۔۔
    الله توهان جي علم ۾ اضافو فرمائي۔ سنڌ سلامت جي هن اڱڻ کي سلامت رکي ۔۔۔۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي فونٽس انسٽالر ڪيئن ٺاهجي۔۔۔۔

    سائين رشيد سمون صاحب۔۔۔ حسبِ معمول توهان جي هيءَ شيئرنگ به معمول کان هٽي ڪري زبردست آهي ۔۔۔۔ اهڙي بهترين شيئرنگ ۽ سبق تي اوهان جا ٿورائتا آهيون۔۔۔ اميد ته ادي احمد خان جو به مسئلو حل ٿي ويو هوندو۔۔
     
  5. احمدخان

    احمدخان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جولائي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: سنڌي فونٽس انسٽالر ڪيئن ٺاهجي۔۔۔۔

    ادا رشيد صاحب
    اوهان صاحبن جي مهرباني جو اهڙي مفيد معلومات ڏني جنهن سان نه رڳو مون اڪيلي کي پر ڪافي دوستن کي معلومات ملي هوندي ۽ ڪافي دوستن جو مسئلو حل ٿي ويو هوندو۔
    احمدخان ڀرڳڙي
     
  6. محمد مگسي

    محمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌي فونٽس انسٽالر ڪيئن ٺاهجي۔۔۔۔

    زبردست توهان جي وڏي مهرباني
     
  7. bakhtawar

    bakhtawar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    mir pur khas sindh
    جواب: سنڌي فونٽس انسٽالر ڪيئن ٺاهجي۔۔۔۔

    tmam zabar dast ada excelence
    wade mehrbani ada tawhan je
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو