رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
وڃايل خواب نيڻن ۾ نهاري رات گذري وئي،
پرين توکي پڪاريندي وري پرڀات اڀري وئي،
اداسي جا رهيا پاڇا رڳو تنهنجي تلاش ۾ ،
سزا ۽ سور سان وڙهندي اها سڪرات گذري وئي،
نهاريو تو جڏهن مون ڏي پرين نازڪ نگاهن سان،
ائين محسوس ٿيو ٿر تان وسي برسات گذري وئي۔