رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
ڪا رات اسان به ساري هئي،
جا ڪارونجهر تي گهاري هئي،
پئي هلڪي هلڪي بارش هئي،
ڇا ٿر جي پُسيل واري هئي،
دل کي ڇُهندڙ واءٌ گهليوٿئي،
منظر منجھـ ملاري هئي،
يادون بڻجي رهجي وئي ،
سا رات به ڪيڏي پياري هئي۔