ڪهاڻيتنهائي مُنهنجي بدن جي خُوشبوءِ آهيعزيز قاسماڻيساروڻيون ساههُ کڻن ٿيونهُن جي بدن جي مهڪ، مون کي انڪار جي چُمي وٺڻ لاءِ بيوس پئي ڪري،پر مون وٽ ته هُن جي ڀريل ٿڌن ساهن جي ڍُڪ جي ڌُن اڃا تائين رقصان آهي، جنهن جي ڪري مان ويساهه واري گهڙي کان سواءِ ٻئي ڪنهن به ٿانوَ مان پاڻي نه پيتو آهي.مون وٽ اڃا تائين محفوظ آهيهُن جي ڪاوڙ مان کنيل لال اکين جي آنڀُوءَ جو هُڳاءُ.چريءَ کي ڪهڙي خبر ته مان ٻه حصا نه ٿو ٿي سگهان، ڇوته هُن کان پوءِ نٽهڻ اُس جي ڳاڙهي گار کي برداشت ڪرڻ جي سگهه مون وٽ آهي.بس اڪيلائي منهنجي ڇپر آهي.هُن جي ڏنل آخري، عاشقيءَ واري عرق جي مٺاس، مون وٽ تنهائي آهي.تنهائي ئي منهنجي بدن جي خوشبوءِ ٿي وئي آهي.ٽشُو پيپر واري واري سان اکين کي ڀاڪيون پائي ٿو، مان روڪيندي به هُن کي ۽ ٽشُوءَ کي پنهنجي ڳلن تان پري ڏسڻ نه چاهيدس.هُن چريءَ کي پڪ آهي ته مان اُهو عزازيل آهيان، جنهن تنهائيءَ جي ڪوڙهه ۾ به هُن جي ڀاڪُرن جي عبادت کي هڪ لمحي لاءِ به قضا نه ڪيو آهي.مون پنهنجي انائن جون اکيون چٻاڙي اُن ۾ گُهنگهرو پوئي پايل جوڙي ورتي آهي ڇو ته ڪاري وڳي سان پايل جي هُجڻ جو احساس رهندو آهي هُن کي.هُن چيو هو؛ ميندي کڻي اچُ!مون کي خوش ڏسڻ واري خواب جي تعبير جي مهڪ مينديءَ ۾ آهي.چوي پئي ته جڏهن مان ننڍي هُيس ۽ امان سان جهيڙيندي هُيس ته اَمان خوش ٿيندي هُئي ۽ سڀني کي ٻُڌائيندي هُئي۽ جي ٻيو ڪو پيرن واري اک سان رُڳو ڏسندو هُيس ته ڪجهه به نه ڪِڻڪندي هُئي.صرف تنهائيءَ سان ڳارو ڪري روئيندي هُئي.۽ اڄ مان جهيڙڻ وارو چاهيان ٿي.ساروڻيون رُڳو پيار جي زبان هونديون آهن ۽ اکين جي ديري تي پاريهرن جيان ولر ڪري لهنديون آهن پر دل جهڙي اٿاهه سمنڊ کي سُڪائي وجهن ٿيون.مان ايئن ٿو ڀانيان اڳ جيئن اڃا تائينهُوءَ ڀريل ٿڌن ساهن جو وِهاڻو سيراندي ڪري سُتي پئي آهي.هُن جو انتظار ۾ ويساههُ آهي.ته مان هُن جي لاءِ ميندي آڻيندس.