• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاڻي گٽار به ٽچ اسڪرين سان گڏ۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
توهان موبائل ليپ ٽاپ ۽ ڪمپيوٽر ۾ ته ٽچ اسڪرين ٻڌي هوندي پر هاڻي موسيقي ۽ گٽار جي شوقينن لاءِ گٽار به ٽچ اسڪرين سان اچي ويا آهن۔۔۔ هن جو طريقو تمام سولو آهي۔۔ انهن گٽارس ۾ روايتي تارن جي جڳهه تي هڪ سو 44 ڊجيٽل بٽڻ هنيا ويا آهن جيڪي مختلف سرن سان وڄن ٿا ۽ جنهن جڳهه تي تارن کي ڇيڙبو آهي انهيءَ جڳهه تي ٽچ اسڪرين لڳل آهي جنهن کي هڪ ڊجيٽل ميوزڪ سافٽ ويئر ڪنٽرول ڪري ٿو، گٽار وڄائڻ واري جي هٿ جي حرڪت سان اهو سافٽ ويئر مختلف ڪمانڊس جاري ڪري ٿو، جنهن سان ميوزڪ ترتيب ۾ اچي ٿو۔ اهو سافٽ ويئر انهيءَ ٽچ اسڪرين سان گڏ ئي نصب ٿيل آهي۔ گٽار وڄائڻ وارو کاٻي هٿ سان بٽڻن کي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ ساڄي هٿ سان ٽچ اسڪرين تي آڱيريون ڦيري مختلف سرن سان گٽار وڄائي سگهي ٿو۔
guitar-hero-gizmodo.jpg

guitar-hero-touchscreen.jpg
 
جواب: هاڻي گٽار به ٽچ اسڪرين سان گڏ۔۔

ادا جامشورائي عرف "مست" سائين لاجواب شيئرنگ آهي وڏي مهرباني ادا​
 
Back
Top