ابا ! رڳو لانڍيون چونئرا نه ماڙيون به ٽمن ٿيون معني ۽ مطلب مرحوم مٺو پڃاري جو مٺي ۾ درزڪو دڪانڙو هوندو هو، جتي ڪچهري جا ڪوڏيا اچي ڪٺا ٿيندا هئا۔ جڏهن ڪنهن بيٺل گهراڻي جو ڪو ڀاتي ڪنهن بدعت واري ڪم جو مرتڪب بڻجي پڪڙجي يا پڌرو ٿي پوندو هو ته مٺو پڃارو امالڪ پنهنجي واتان اهو چئي ڏيندو هو ته ابا ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪريو۔ ابا ! رڳو لانڍيون چونئرا نه ماڙيون به ٽمن ٿيون