• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ون رار جي ذريعي ايگزي يا سيٽ اپ فائيل ٺاهڻ۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڇا توهان کي خبر آهي ته ون رار پروگرام ذريعي پڻ توهان سيٽ اپ فائيل ٺاهي سگهو ٿا۔۔۔۔؟
جي نه ته اڄ توهان کي سيکاريان ٿو۔۔۔ ون رار پروگرام ۾ اها سهولت آهي ته توهان ڪنهن به وڏي فائيل کي ٽڪڙن جي صورت ۾ ڪري ڪنهن سائيٽ تي اپلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ان کانسواءِ هن طاقتور ٽولز جي ذريعي ڊيٽا کي ڪمپريس ڪري ميل ڪرڻ ۾ پڻ آساني هوندي آهي ۔۔۔ ۽ انٽرنيٽ تي موجود هر سافٽويئر يا مواد کي پڻ هن ٽولز جي ذريعي ڪمپريس ڪري اپلوڊ ڪيو ويندو آهي۔۔۔ هن بهترين پروگرام ۾ هڪ اهم خصوصيت پڻ موجود هوندي آهي جنهن جي گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي آهي۔۔۔ هن پروگرام جي ذريعي توهان SFX يعني (SelF-eXtracting) به بڻائي سگهو ٿا جنهن جو ايڪسٽينشن exe يعني سيٽ اپ فائيل هوندو۔۔۔۔ ته اچو ته توهان کي هي عمل ڪرڻ سيکاريون۔۔۔۔
سڀ کان پهريان ته توهان وٽ ون رار پروگرام هجڻ گهرجي۔۔۔ جي نه هجي ته هتي ڪلڪ ڪري ون رار جو 9۔3 ورجن ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪري وٺو۔۔۔ جنهن کانپوءِ هڪ فولڊر ٺاهيون ۽ ان ۾ پنهنجيون ڪجهه تصويرون رکو۔۔۔ هاڻي پنهنجي تصويرن واري تيار ڪيل فائل تي مائوس جي مدد سان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ Add to Archive سليڪٽ ڪريو۔۔۔ تفصيل لاءِ تصوير ڏسو۔۔۔

sfx1.gif

اهڙي عمل سان Archive name and prameters ونڊوز کلندي جنهنجي جنرل ٽيب ۾ موجود Archiving Options مان Create SFX archive کي سليڪٽ ڪريو ۽ Ok بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔

sfx2.gif

توهان ڏسندو ته پروسيسنگ جو عمل شروع ٿي ويندو ۔۔۔۔

sfx3.gif

جيئين ئي عمل مڪمل ٿي ويندو ته توهان جي اڳيان هڪ سيٽ اپ فائيل تيار ٿي ويندي۔۔۔۔ جنهن کي ڊبل ڪري توهان ايڪسٽريڪٽ ڪري پنهنجين تصويرن وارو فولڊر حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔ جنهن کي ايڪسٽريڪٽ ڪرڻ لاءِ توهان کي ون رار پروگرام جي ضرورت پڻ نه پوندي۔۔۔
جن دوستن وٽ نيٽ جي سٺي رفتار هجي ته اهي هي وڊيو پڻ ڏسي سگهن ٿا۔۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=4B1p1F4-168

آهي نه مزي جي ڳالهه هاڻي دوستن کي پنهنجيون تصويرون سيٽ فائيل ڪري موڪليو ته جيئن انهن وٽ تصويرن کي ايڪسٽريڪٽ ڪرڻ لاءِ ون رار پروگرام نه به هجي ته به تصويرون حاصل ڪري سگهن۔۔۔۔
 
جواب: ون رار جي ذريعي ايگزي يا سيٽ اپ فائيل ٺاهڻ۔۔۔

سائين تمام زبردست ٽپ آهي ۔۔۔۔۔۔
سائين ون رار ذريعي جيڪڏهن ڪو وڏو فائيل آهي ته ان کي ڪيئن ڳنڍجي جو جڏهن هڪ فائيل پورو ٿئي ته ٻيو آٽوميٽيڪلي ڊائون لوڊ ٿيڻ شروع ٿي وڃي جيئن وڏا سافٽوئير نيٽ تان لاهيندا آهيون اهڙو عمل پاڻ ڪجي ته ڪيئن تيار ڪجي ان جي لاء هڪ ٿريڊ ۾ عنايت ڪندا ته مهرباني ٿيندي.....
 
جواب: ون رار جي ذريعي ايگزي يا سيٽ اپ فائيل ٺاهڻ۔۔۔

سائين بهترين ڏس آهي۔۔ اهڙا بهترين ونڊ اسان سان ڪندا رهندو ته جيئن اسان جي علم ۾ اضافو ٿيندو رهي۔۔
 
جواب: ون رار جي ذريعي ايگزي يا سيٽ اپ فائيل ٺاهڻ۔۔۔

سلام هجي توهان کي استاد اسان ته هاڻي اهو انفروميشن دماغ ۾ وجهي ڇڏيو
 
Back
Top