اها هڪ مسلمه حقيقت آهي ته لعل شهباز قلندر رحمت الله عليه جي درگاهه جو شمار دنيا جي عظيم ترين درگاهن ۾ ٿيي ٿو۔ لعل سائين (1177–1274) جي وفات کانپو سندن پهرين ورسي (جنهن کي تِل چيو ويندو آهي) سندن پهرين مجاور يا خدمتگار سيد علي سرمست جي سرپرستي تحت سندن فقرائن ملهائي ڇو جو سندن ڪو به گادي نشين يا سجاده نشين مقرر ٿيل ڪو نه هو۔ پاڻ هڪ مجدد جي زندگي گُذاريائون ۽ 97 ورهن جي زندگي ۾ ڪا به شادي نه ڪيائون انڪري سندن ڪو به اولاد ڪو نه هو ليڪن سندن مهردار فقير ئي سندن اولاد هئا جو قلندري طريقت ۾ مُرشد ، مهردار فقير جو پي بڻجي ويندو آهي ۽ پنهنجي اصلي پي کي وساري سموري زندگي مُرشد جي مڪمل تعبيداري ۽ اطاعت ۾ گذاري ڇڏيندو آهي ۽ آخري دم تائين ساڻس گڏ رهندو آهي۔ قلندر لعل شهباز رحمت الله عليه جي گادي نشين يا سجاده نشين جي شروعات ڪنهن کان ۽ ڪڏهن کان ٿي ان بابت تاريخ مان ثابتي ڪانه ٿي ملي۔ سال 1960 ۾ اوقاف کاتو وجود ۾ آيو۽ درگاهه شريف جو انتظام مڪمل طرح سنبالي ورتواهڙي طرح سجادهه نشيني جو خاتمو ڪيو ويو۔ ان وقت ٻه خاندان سجاده نشين جا دعويدار هئا۔ هڪ لڪياري سادات جنهن جو سربراهه سيد گل محمد شاهه هو۽ ٻيو سبزواري سادات جنهن جو اڳواڻ سيد صادق علي شاهه هو۔ در حقيقت اهي ٻئي خاندان هن خطي ۾ تمام وڏو مذهبي ۽ سياسي اثر رسوخ رکندڙ هئا۔ ليڪن بدقسمتي سان ذاتي مخالفتن جي ڪري درگاهه شريف جو انتظام وڃائي ويٺا ۽ لعل سائين جي فقيرن، خادمن، مريدن، معتقدن ۽ سيوهڻ شريف جي شهرين کي ناقابلِ تلافي نقصان رسيو جيڪو هو ڀوڳيندا پيا اچن۔ هن شهر جي رهواسين مان ڪڏهن به ڪو ايم پي اي، ايم اين اي يا سينيٽر نه چونڊجي سگهيو آهي ۽ نه ئي ضلعي يا تعلقي جي ناظمي ملي سگهي آهي۔ جيڪا وڏي بد نصيبي ليکجندي رهبي۔ بحرحال قلندر جي نگري جي هر رهواسي کي پوري دنيا ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو۔ سوا انهن جي جيڪي هن درگاهه ۽ شهر سان عقيدت ۽ وفاداري نه ٿا ڪن۔ اوقاف کات جي اچڻ کاپو ٻي وڏي بد قسمتي اها ٿي جو سبزواري خاندان ۾ ذاتي اختلافن جنم ورتو ۽ هاڻي ان گهراڻي جو هر فرد سجادهه نشيني جي دعويداري ڪري رهيو آهي۔ هوڏانهن لڪياري خاندان جي سيد گل محمد شاهه جو ڪو ڀا يا ويجهو عزيز ڪو نه هوليڪن سندس ٽئي فرزند سجادهه نشيني جا دعويدار آهن۔ مطلب ته هن وقت لاتعداد سادات قلندر سائين جا سجادهه نشين سڏائين ٿا جڏهن ته انهن مان ڪو به تاريخي سند يا ثابتي ڏيکارڻ لا تيار نه آهي۔ ڪي ته اڄ تائين به اهڙي جستجو ۾ مشغول آهن۔ اهو واضع ڪرڻ ضروري آهي ته قلندري طريقت ۾ باب درويشي جي ڪا به گنجائش موجود نه آهي۔ هاڻي ستم ظريفي اها آهي ته مذڪوره سمورا سجادهه نشيني جا دعويدار هڪ ٻئي جي سخت مخالفت ڪندا رهن ٿا ۽ ڪا به تاريخي حقيقت قبول ڪرڻ لا تيار ناهن۔ خير وڏي ذات جا دعويدار آهن سو پاڻ ڄاڻن۔ انکان علاوه هاڻ ته اوقاف کاتي جا ڪيترائي ننڍا ملازم به پاڻ کي سجادهه نشين سمجهڻ ۽ سڏائڻ لڳا آهن ۽ عقيدتمندن کي گمراهه ڪرڻ ۾ مشغول آهن۔ اهڙا ملازم آهن ته خادم مقرر ٿيل ليڪن خادمي ڪندي نظر نه ايندا۔ انهي سان گڏ ڪيترائي غير واسطيدار ماڻهو پنندا ۽ زائرين کي لُٽيندا نظر ايندا جيڪي درگاهه شريف جي بي حرمتي ڪندا رهن ٿا ۽ اوقاف انتظاميه انهن سان ڀاڱي ڀائيوار آهي۔ هتي حد درجي بد انتظامي هر وقت نظر ايندي رهي ٿي۔ هاڻي ذڪر ڪجي ٿو ميلي جي رسومات جو۔ شروع ۾ لعل سائين جي ورسي فقرائي تِل جي صورت ۾ ملهائي ويندي هئي۔ وقت گذرڻ سان گڏ اها ورسي هڪ ميلي جي صورت اختيار ڪندي وئي۔ ميلي جون ٻه اهم رسمون ادا ٿينديون آهن۔ جن جو تعلق روحانيت سان آهي۔ ڌمال ميندي هون ته هر رات درگاهه شريف جي ڌمال ڪوٽ ۾ نغارن جي ڌُن تي ڌمال منعقد ٿيندي آهي۔ جنهن کي نوبت چئبو آهي۔ ليڪن اها ميلي دوران 18،19،20 شعبان المعظم تي ڏينهن جو پهرين پهر ۾ قديم علم پاڪ واري صحن ۾ وڏين ڀيرن ۽ نغارن وڄائڻ سان ٿيندي آهي۔ جنهن ۾ لعل سائين جا فقير، مريد ۽ معتقد هڪ خاص لباس ۽ يونيفارم ۾ مخصوص انداز سان نهايت عقيدت ۽ احترام سان ڌمال هڻدا آهن ۽ اهو روح پرور منظر هر خاص ۽ عام وڏي شوق سان نظارو ڪندا آهن۔ اهو عمل ٽئي ڏينهن تقريبن ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهندو آهي اهو دلڪش نظارو قلم يا زبان سان بيان نٿو ڪري سگهجي۔ شام جو وري ميندي جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي۔ ميندي جي رسم کي هندن جي رسم چوڻ سراسر غلط ۽ ناانصافي ٿيندي۔ پهريئن ڏينهن تي سائين محمد مراد شاهه لڪياري پنهنجي حويلي تان هڪ غلاف نهايت ادب ۽ احترام سان کڻندو آهي ۽ ان سان گڏ پيالن ۾ ميندي ۽ خوشبويات پڻ مخصوص ماڻهو کڻي هڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ درگاهه شريف تي پهچندا ۽ رسم ادا ڪندا آهن۔ ان جلوس ۾ صوفي فقير وڏي تعداد ۾ صوفياڻو ۽ عارفاڻو ڪلام ڳائيندا هلندا آهن۔ ٻيا به ڪيترائي ٽولا رندي ڪلام ڳائيندا شريڪ ٿيندا آهن ۽ وڏي انگ ۾ زائرين ۽ عقيدتمند شهري دهلن، شرنائين، بينڊباجن، مگرمانن ۽ يڪتارن جي ساز آواز سان جهمريون پائيندا شريڪ ٿيندا آهن ۽ گهورون گهوريندا آهن۔ قلندر جا جملي فقرا بمع پنهنجي گروهن جي ميندي جي جلوس ۽ رسم ۾ پابندي سان شامل ٿيندا آهن۔ ساڻن گڏ لاهور جون خاص فنڪارائون نهايت عقيدت سان قصيده خواني ڪنديون هلنديون آهن۔ اهو جلوس مخصوص روٽ تان گذرندو هڪ خاص مقام تي پهچي ڪربلا جي شهيدن جو ذڪر ڪرڻ بعد درگاهه شريف تي مغرب جي وقت پهچندو آهي۔ جتي غلاف چاڙهي ميندي جي رسم ادا ڪرڻ بعد اجتماعي دعا گهري ويندي آهي ۽ ديسي پرديسي باسون باسي مرادون پائيندا آهن ۽ مٺايون ورهائيندا آهن۔ ساڳي ريت ٻئي ڏينهن سخي سُلطان محلي مان فقير مول چند ميندي کڻدو هو جيڪو چاليهارو سال کن اڳ فوت ٿي ويو ۽ ان بعد ديوان موهن لعل اها ميندي کنئي ۽ سندس وفات کانپو سندس فرزند رام لعل اها ڊيوٽي ادا ڪندو آهي۔ ٽئين ڏينهن وري کڏ محلي مان قالو گا گهراڻي سان واسطو رکندڙ هندو قبيلي جا ماڻهو ميندي کڻدا آهن۔ جنهن جو آخري فرد شيوو مل هئو جيڪو پڻ پنجاهه سال اڳ فوت ٿي ويو ۽ سندس اولاد نه هجڻ سبب اها ميندي فقير لعل داس کي منتقل ٿي ۽ ان جي وفات کانپو سندس فرزند اها ذميواري ادا ڪري رهيو آه۔ اهي ٻئي رسمون ته ٿيو مذهبي ۽ روحاني۔ عام پبلڪ جي تفريح خاطر هتي ٽئي ڏهاڙي ملاکڙو منعقد ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا وڏا پهلوان پنهنجا جوهر ڏيکاري داد ۽ انعام حاصل ڪندا آهن۔ چوپائي مال ۽ اٺن گهوڙن جو پڻ واپار ٿيندو آهي۔ اوقاف کاتي جي وجود ۾ اچڻ کانپو سرڪاري سطح تي سُگهڙن جي ڪچهري ۽ ادبي ڪابفرنس پڻ ٿيندي آهي جنهن ۾ مشهور سُگهڙ ۽ برک عالم، فاضل ۽ محقق شرڪت ڪري لعل سائين کي ڀيٽا پيش ڪندا آهن ۽ شاعر حضرات عقيدت جا گل نڇاور ڪندا آهن۔ انهن جديد رسمن جي پُڄاڻِ هڪ ثقافتي شو يا لوڪ رس پروگرام سان ٿيندي آهي جنهن ۾ ملڪ جا چوٽي جا فنڪار ۽ فنڪارائون پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري شريڪ ٿيندڙن جي تفريح جوذريعو بنجندا آهن۔ ياد رهي ته هن خاص پروگرام ۾ صوبي جي اعلى اختيارين سميت وڏا عملدار ۽ خاص ماڻهو ئي شرڪت ڪندا آهن۔ واضع رهي ته حضرت لعل شهباز قلندر رح جي وصال جي تاريخ پڻ 21 شعبان المعظم آهي ۽ ان رات فقراع ۽ معتقد مجلسون برپا ڪري نذر و نياز ڪندا آهن ته ٻئي طرف محفل موسيقي ۾ شريڪ ٿيندڙ عملدار ۽ خاص مهمان ميلا ڪميٽي جي فنڊن جو بيجا ذيان ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن۔ اهي خاص فرد ڌمال ۽ ميندي ۾ شريڪ ٿيڻ پنهنجي شايد توهين سمجهندا آهن۔ هي عوامي ۽ فقرئي ميلو آهي ۽ اهي عام ماڻهو ئي پوري ملڪ مان اچي شريڪ ٿي روحاني سڪون حاصل ڪندا آهن ۽ مرادن سان جهوليون ڀريندا آهن ۔ (نور محمد سيوهاڻي جي ٿورن سان)
سائين ممتاز قريشي صاحب بهترين ونڊ ڪئي اٿوَ۔ ميلي جي نقش نگاري پيرائتي ۽ سٺي انداز ڪئي اٿوَ، 600ڪلوميٽر ڏور هئڻ باوجود محسوس پيو ڪريان ته ڄڻ سيوهڻ جي ننگري ۾ آهيان۔ سادات جي سجاده نشيني تي رسا ڪشي ؟؟ به عجيب آ پاڻ ڄاڻن۔ لعل سائين (1177–1274) اوهان جي سن مطابق 97 ورهيه ڄمار ٿئي ٿي پر اڳتي هلي اوهان پاڻ ان ڳاله جي نفي ڪندي 110 ورهيه ڄاڻايو ٿا ( 110 ورهن جي زندگي ۾ ڪا به شادي نه ڪيائون) ان جي درستگي ٿيڻ کپي۔
تمام سٺي ۽ پيرائتي ڄاڻ ۔۔۔۔ ميلي ۾ ته ڪڏهن به وڃڻ ناهي ٿيو پر قلندر سرڪار جي روضي تي حاضري ڀريندا رهندا آهيون۔
دما دم مست قلندر سخي شهباز قلندر....!! قلندر لعل شهباز جو عرس مبارڪ سڀاڻي کان شروع ٿي رهيو آهي. درگاهه حضرت لعل شهباز قلندر رحمته الله عليه 5.06.2015 (9pm) انهي مناسبت سان قلندر جي ميلي جون ۽ گڏوگڏ درگاهه جي تعمير دوران نڪتل ڪجهه ٻيون يادگار تصويرون به پڙهندڙن تائين پهچايون وينديون. انشاالله.
ها مان تنهنجي بنا، ڪجهه به ته ناهيان تون جي گڏ گڏ هجين پوءَ مان آهيان. خوش هجو دوستو .... اوهان آهيو ته اسين به آهيون ... اهي پل زندگي ڀر ياد رهندا آهن