برسات ڪٿان ۽ ڪيئن پئي اچي؟ هونئن ته اوهان ٻڌو ۽ پڙهيو هوندو ته برسات ڪيئن ٺهندي ۽ ڪيئن پوندي آهي پر هن ڀيري برسات جي حوالي سان ڪجهه نيون حقيقتون به سامهون آيون آهن، برسات ٺهندي ته سمنڊ جي ٻاڦ مان آهي جيڪا ڪڪرن مان وري پاڻي جي صورت ۾ زمين تي موٽي ايندي. هن ڀيري به برسات اهڙي ئي ريت جي آهي پر ڪهڙي طرف کان ۽ ڇا جي ڪري اچي پئي انهن جا تفصيل ڪجهه هن ريت آهن جيڪي ماهرن سامهون آندا آهن. تازو ئي جڏهن اڄ کان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي اها برسات غير متوقع آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي موسميات کاتي مطابق مخالف سمت کان ايندڙ ٻن موسمي نظامن جو غير متوقع ٽڪرا اتر ڀارت ۽ اوڀر نيپال ۾ طوفاني برساتن جو سبب بڻيو آهي. موسميات جي اختيارين موجب ڏکڻ ايشيا کان ايندڙ سانوڻي واري مينهن جو نظام اولهه کان ايندڙ تيز هوائن جو ميلاپ تازين برساتن جو ڪارڻ آهي. ڀارت ۽ پاڪستان جي موسيمات اختيارين پهريان ئي خبردار ڪندي ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي ۽ چيو هو ته موسمي نظام جي انهي خطرناڪ ميلاپ سان وڏي تباهي ايندي جڏهن ته اتر ڀارت ۾ ٻوڏ ۾ هن وقت تائين 1000 جي لڳ ڀڳ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ مواصلاتي نظام به چٿ ٿي ٿي ويو آهي. ڀارتي موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر بي پي ياديو جو چوڻ آهي ته اهڙي آهي جيڪا ڪافي عرصي کان ناهي ڏٺي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن دوران پهريون ڀيرو موسمي نظامن جو ٽڪرا 3 ڏينهن تائين رهيو هو. پاڪستان ۾ موسمي ماهرن جو چوڻ آهي ته غير متوقع طور تي اولهه طرف کان موسمي نظام آيو ۽ پوري ملڪ تي ڇائنجي ويو. پاڪستان جي موسميات کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل قمر الزمان چوڌري جو چوڻ آهي ته سال جي هلندڙ ڏينهن ۾ ان طرح جو موسمي نظام انتهائي حد تائين غير معمولي آهي ۽ گذريل 26 سالن جي دوران پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي. هن بي بي سي کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ اڪثر مئي ۽ جون مهينو خشڪ هوندو آهي ۽ سانوڻي جي مينهن جي مند جولائي کان سيپٽمبر تائين رهندي آهي. قمر الزمان چوڌري وڌيڪ چيو ته اولهه کان آڪٽوبر ۽ اپريل مهيني ۾ موسمي نظام ايندو آهي پر سال ۾ هن وقت اسان انهي کي ڏسي رهيا آهيون، جيڪو سمجهه کان ٻاهر آهي، اهو پوري ملڪ جي مٿان آهي هماليه جبل کان سامونڊي علائقن تائين. هن چيو ته صرف هن هڪ منفرد واقعي کي ماحولياتي تبديلي سان ڳنڍڻ مشڪل آهي. جڏهن اسان پنهنجي ملڪ ۾ 10 کان 15 سالن ۾ تيزي سان ماحولياتي ۽ موسمي تبديليون ڏٺيون آهن ته پو اسان هڪ تبديلي کي با آساني عالمي ماحولياتي تبديلي سان نٿا ڳنڍي سگهون. ماحولياتي تبديلين تي تحقيق ڪندڙ هڪ اداري پوٽس ڊيٽم انسٽيٽيوٽ جي پروفيسر بل هير ان ڳالهه تي متفق آهي ته اولهه واريون هوائون ۽ سانوڻي جي نظام جو شديد ٽڪرا ئي طوفاني برساتن جو ڪارڻ بڻيو آهي پر سوال اهو آهي ته شديد ٽڪرا سان ٿيندڙ برساتن جو تعلق ڇا گلوبل وارمنگ يا عالمي سطح تي حدت ۾ اضافي سان آهي؟ پروفيسر بل وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي اعتماد سان چئي سگهون ٿا ته مستقبل ۾ اهڙا واقعا وڌيڪ پيش اچي سگهن ٿا ۽ عالمي حدت جي مقابلي ۾ اهي وڌيڪ نقصانده هوندا، طبعيات جو اهو جامع تجزيو آهي. ماحولياتي تبديلي بابت مختلف ملڪن جي ماهرن تي مشتمل پينل جي چوٿين جائزي واري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايشيا ۾ سانوڻي جو مينهن موسم ۾ تبديلي جي ڪري ٿي سگهي ٿو. سانوڻي (مون سون) ۾ تبديلي جو مطلب رواني ۽ شدت آهي، جيڪو گرين هائوس گيسز تي خارج ٿيڻ واري تفصيل تي منحصر آهي. گلوبل وارمنگ سان برساتن جي وقت ۾ تبديلي آئي يا نه ان تي اڃا بحث جاري آهي پر فضائي آلودگي ڏکڻ ايشيا ۾ سانوڻي واري مند کي نقصان پهچايو آهي. ماحوليات تي گڏيل قومن جي 2011ع ۾ جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ايشيا ۾ سانوڻي واري مند ۾ تبديلي لکين ماڻهن کي متاثر ڪري سگهي ٿي. اولهندي هوائن جو سلسلو ايشيا ۾ ڪيئن پهتو؟: اولهه واريون هوائون ايشيا ۾ ڪيئن پهتيون آهن انهي حوالي سان ماهر وڌيڪ ڄاڻ حاصل نه ڪري سگهيا آهن پر پروفيسر بل جو چوڻ آهي ته اهو (موسمي نظام) اڃا به علائقي ۾ موجود آهي جيڪو سائنسي طور تي ڪافي غير واضح آهي پر خطي ۾ ڪٿان به ايندڙ نمي ۽ مون سون نظام سان ٽڪرا ٿيو ته غالبن ان سان شديد برساتون پونديون. گلوبل وارمنگ ۽ خطرا: ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته سڄي دنيا ۾ موسمي تبديلي جي ڪري ڏکڻ ايشيا، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ آفريقا ۾ وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو. ورلڊ بئنڪ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته گلوبل وارمنگ جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لا هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ورلڊ بئنڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته خوراڪ جي فراهمي ۾ گهٽتائي پاڻي جا مسئلا ۽ وڌيڪ گرمي جي ڪري ايندڙ ٻوڏون اسان جي دنيا لا انتهائي خطرناڪ آهن. ان رپورٽ مطابق جنهن کي ”گرمي ختم ڪريو“ جو نالو ڏنو ويو آهي. ماضي ۾ ڪيل تحقيق کان معلوم ٿيو آهي ته فضا ۾ ڪاربان جي اخراج کي گهٽ نه ڪيو ويو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ دنيا جي موسم 2 ڊگري ۽ هن صدي جي آخر تائين 4 ڊگري تائين وڌڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته خطي کي خشڪ سالي (ڏڪار) يا ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پوندو. سنڌو درياهه ۽ گنگا ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي ويندي جنهن ڪري تقريبن 6 ڪروڙ 30 لک ماڻهن کي خوراڪ جو مسئلو پيدا ٿيندو. جڏهن ته ڪلڪتي، ممبئي ۽ بنگلاديش جي سامونڊي شهرن جي درياهه ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سان ٻوڏن جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي. سامونڊي طوفان: سڄي دنيا ۾ هاڻي آلودگي ۾ اضافي جو شور متل آهي پر ان ۾ ڪمي وڌيڪ سامونڊي طوفان جو سبب بڻجندي اهڙي حيرت انگيز دعويٰ برطانيا ۾ ٿيندڙ هڪ نئين تحقيق ۾ سامهون آئي آهي. برطانوي موسمياتي کاتي جي تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته صنعتي آلودگي ۽ سامونڊي طوفان ۾ واضح تعلق ملي ٿو. تحقيق موجب فضا جيتري آلوده هوندي آهي طوفان لا حالتون اوتريون ئي غير موزون ٿينديون آهن ۽ تباهي جو خطرو گهٽجي ويندو آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته فضائي آلودگي سان ڪڪر وڌيڪ چمڪدار ٿي ويندا آهن ۽ سج جي روشني کي خلا ۾ ئي واپس ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن سان سامونڊي درجه حرارت ۽ وهڪري جو پيٽرن ڪنٽرول ۾ رهندو آهي ۽ سامونڊي طوفان جو امڪان گهٽجي ويندو آهي. جڏهن ته صاف هوا سامونڊي طوفان لا وڌيڪ موزون ثابت ٿيندي آهي. تحقيقي ٽيم جي قائد ڊاڪٽر نڪ ڊون اسٽون جو چوڻ آهي ته 1980ع کانپو هوائي آلودگي کي روڪڻ لا ڪافي قدم کنيا ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ هلندڙ سالن ۾ سامونڊي طوفانن جو تعداد وڌي ويو آهي. هوڏانهن موسمي ماهرن جو چوڻ آهي ته موسمي تبديلي جي ڪري هن سال سانوڻي جو مينهن گذريل 60 سالن جي مقابلي ۾ وڌيڪ هوندو. (ترجمو: فاضل عباس) روزاني سنڌ ايڪسپريس جي سائنس پيج ۾ 28 جون 2013 تي ڇپيل ،،،،وڌيڪ تفصيل http://sindhexpress.com.pk/epaper/i...wBiz_Culture009&Date=20130628&Pageno=9&View=1
الله کي ئي پارت آ غريب مسڪين ماڻهو وڏن ماڻهن جي عتاب ۾ رهندا اچن ٿا،هن دنيا ۾ هر آفت کي غريب ئي سهي ٿو ۽ نروار ڪري ٿو،وڏا ماڻهو ته انهن کي ملندڙ امداد تي هنبوشيون هڻي پنهجو گزران ڪندا رهن ٿا ،الله پاڪ پنهجي پناه ۾ رکي ۽ انهن آفتن کان بچائي۔رحمت جا ڪڪر وسائي ۔اهو ئي اڪيلو مالڪ ڪل ڪائنات جو والي وارث آهي ،ڪنهن کي به مجال ناهي جو ان جي عمل ۾ دخل اندازي ڪري سگهي، هو ڪن فيڪون جو مالڪ آهي ،سڀ ان جي اختيار ۾ آهي ،