• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

استاد بخاري جي شاعري

جهاندادسمون

سينيئر رڪن
استاد بخاري جي شاعري


جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

منڇر، ڪينجھر سنڌو، ساگر،
گج گج لهرون، ڇم ڇم ڇولي.
deep.gif


او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

پَٽَ جو پَٽڪو، پَٽَ جي پوتي،
ڍَٽَ جو ڍولو، ڍٽ جي ڍولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

شهر وارن سيني سانڍي،
ڳوٺن ۾ ڳڻوانن ھولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

پنهنجي ٻولي، ٻول بخاري،
سُهڻي سُرهي سچي سولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
 
استاد بخاري جي هي غزل پڙهي روح کي راحت اچي وئي، ادا جهانداد توهان جي ٻين شيئرنگس جو انتظار رهندو۔
 
Back
Top