شاهه جي ڌرتي هاڻ وحشين سان ڀرجندي پئي وڃي۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    روز اخبار جي پنن تي ڪا اهڙي خبر پڙهون ٿا جيڪا هانءَ کي ڏڪائي وجهي ٿي۔۔ ذهن ڇرڪي پوي ٿو ته هي ڇا پيو ٿئي اسان جي پرامن ديس ۾۔۔۔
    ڪڏهن ننڍن ٻارن کي حوس جو نشانو بڻايو پيو وڃي۔۔
    ڪٿي هٿيارن جي زور تي گهرن ۾ گهڙي ڪنهن نياڻيءَ جي عزت کي پامال ڪيو پيو وڃي۔۔
    ڪڏهن رت جي رشتن کي لڄايو پيو وڃي۔۔۔
    معاشري جي بي حسي ايتري ته وڌي وئي آهي جو انسان جو قتل ته هاڻ ڪنهن عام جانور يا ڪيڙي ماڪوڙي جي قتل کان به آسان سمجهيو پيو وڃي۔۔۔
    اڄ به هڪ اهڙي خبر پڙهي اٿم جيڪا ذهن کي تڙپائڻ لاءِ ڪافي آهي۔۔
    اوٻاوڙو ۾ ماڇڪي شهر ۽ ڳوٺ گل محمد سولنگي ويجهو ڪمند جي فصل ۾ ڪم ڪندڙ هڪ بيواهه عورت کي ظالمن صرف والين جي خاطر ڪات سان ڪهي ڇڏيو۔۔ ايترو ئي نه پر انساني تقدس کي پامال ڪندي جاهليت جي دور واري روايت نڀائيندي سندس ڪنَ ڪپي هليا ويا۔۔۔ ايترا وحشي ٿي ويا آهن انسان۔۔۔؟ سو به شاهه ڀٽائيءَ جهڙي امن جي درس ڏيندڙ جي ڌرتيءَ جا ماڻهو۔۔؟
    ڇا مستقبل آهي اسان جي سنڌ جو۔۔
    اهڙو ئي هڪ واقعو ڪوٽڙي شهر ۾ به ڪجهه مهينا اڳ ۾ پيش آيو هو جتي 2 سالن جي معصوم نينگريءَ کي ڪن ۾ پيل سونين والين جي لالچ ۾ ڪنهن ظالم سندس مٿي کي چٿيندي ماري ڇڏيو۔۔۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شاهه جي ڌرتي هاڻ وحشين سان ڀرجندي پئي وڃي۔۔

    انا لله وانا اليه راجعون ۔۔۔ اي رب العالمين اسانجي معاشري ۽ سنڌ ڌرتي تي رحم ڪر ۔۔۔

    جي اهڙا پرڪار رهيا ته الله معاف ڪري ۔۔۔ ڪنهن وڏي قهر جي اچڻ جا آثار آهن ۔۔۔ڇاڪاڻ الله جو قهر جڏهن ايندو آهي ته، ايترو شديد هوندو آهي جو سڪن سان گڏ ساوا به سڙي ويندا آهن ۔۔۔

    دوست حق ۽ سچ جي پرچار جاري رکو ۔۔۔ ڪنهن هڪ ماڻهون کي به سڌي راه ڏيکاري سگهياسون ته سمجهو فرض ادا ٿيو ۔۔۔

    يا الله رحم ڪر ۔۔۔
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: شاهه جي ڌرتي هاڻ وحشين سان ڀرجندي پئي وڃي۔۔

    الله جي امان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يا الله اسان جي حال تي رحم فرماء ۔۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: شاهه جي ڌرتي هاڻ وحشين سان ڀرجندي پئي وڃي۔۔

    آمين

    sadayeen gud
     
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: شاهه جي ڌرتي هاڻ وحشين سان ڀرجندي پئي وڃي۔۔

    سنڌ ۾ جنهن به سنڌي کي ترقي ملي ٿي انهيءَ همشه سنڌ کي کائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو