پاڪستان دنيا جو ٽيون بدنام ترين ملڪ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏30 جون 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ڪجهه ڳالهيون دل کي ڀلي نه وڻندڙ ئي هجن پر ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ ئي گهرجي ته دنيا اسان کي ڪيئن پئي ڏسي۔۔۔
    هڪا بين الاقوامي مشارتي فرم ملڪ جي ماڻهن جي اعتماد، انتظاميه، احترم ۽ ماڻهن جو هڪ ٻئي سان تعلق کي سامهون رکندي نيڪ نام ملڪن جي هڪ فهرست تيار ڪئي آهي۔۔۔ 50 ملڪن جي هن فهرست ۾ ڪينيڊا کي مسلسل ٽئين سال به دنيا جو نيڪ نام ترين ملڪ ٻڌايو ويو آهي جڏهن ته سئيڊن ٻئي ۽ سوئيزرلينڊ ٽئين نمبر تي آهي۔۔۔۔
    ان طرح آسٽريليا چوٿين نمبر تي نيڪ نام ملڪ آهي۔۔ جنهن کان پوءِ ناروي پنجين، ڊئنمارڪ ڇهين، نيوزيلينڊ ستين، فن لينڊ اٺين، نيڌرلينڊ نائين ۽ آسٽريا ڏهين نمبر تي آهي۔۔۔
    ان فهرست ۾ عراق دنيا جو بدنام ترين ملڪ آهي۔۔۔۔ جنهن کانپوءِ ايران ٻئين نمبر تي ۽ پاڪستان ٽئين نمبر تي بدنام ترين ملڪ طور ٻڌايو ويو آهي۔۔ ۽ جي ٿورو اڳتي ڏسجي ته ٽاپ 5 بدنام ترين ملڪن ۾ نائيجيريا چوٿين ۽ روس پنجين نمبر تي موجود آهن۔۔۔۔


    آمريڪي ميگزين فوربز تان ورتل
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    اوهو اسان پهريون نمبر ڪڏهن ايندا سين
     
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا ڏاڏل اچي پهتا آهيون۔۔۔بس ٿورو ٽائيم آهي۔۔ اها منزل به اچڻ واري آ۔۔۔:(
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    منتظم اعلي صاحب ڪڏهن ڳالهيون دل کي نه وڻنديون آهن پر حقيقت تي مبني هونديون آهن انهن کي يقينن تسليم ڪرڻ گهرجي پر اگر ڳالهيون هجن ئي حقيقت جي خلاف ته ڪهڙو عقل وارو انهن کي مڃيندو۔ ان بين الاقوامي فرم جي رپورٽ کي ان وقت اکيون بند ڪري قبول ڪريون ها اگر ايران ۾ رهائش نه هجي ها مان مسلسل 10 سالن کان ايران ۾ رهائش پذير آهيان۔ مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ايران ڪهڙي طرح بدنام ملڪن جي فهرست ۾ ٻئين نمبر تي آهي۔ جڏهن ته پاڪستان ۽ عراق جي ڳالهه بلڪل درست آهي۔ اصل ۾ اهي بين الاقوامي فرمون به ڪجهه قوتن جي اشاري تي اهڙيون رپورٽون جاري ڪنديون آهن۔ جن ۾ اڌ سچ اڌ ڪوڙ هوندو آهي ۽ ان ذريعي ماڻهن کي حقيقت کان دور رکيو ويندو آهي۔ منهنجو اوهان کان سوال آهي ته اوهان عراق جون خبرون ته روز ٻڌندا آهيو اڄ فلاڻي شهر ۾ بم ڌماڪو ٿيو اڄ هيترا ماڻهو قتل ڪيا ويا اوهان ڪڏهن ايران جي باري ۾ ٻڌو آهي؟ منهنجي ڏهن سالن جي قيام دوران ايران ۾ ڪڏهن لائيٽ ناهي وئي۔ ڪڏهن گئس بند ناهي ٿي۔ پاڻي جي سهولت ايتري آهي جو حيدرآباد ۽ ڪراچي جيڏا وڏا شهر آهن انهن جي ڪنهن به گهر ۾ ٽانڪي ٺهيل نه آهي ان ڪري جو هر وقت لائين ۾ پريشر سان پاڻي موجود هوندو آهي۔ هر ماڻهو ايتري تائين پيدا ٿيندڙ ٻار لا به گورنمينٽ الائونس موجود آهن۔ اگر ڪو ماڻهو گهر وٺي، گاڏي وٺي ته ان لا بنا وياج جي آسان قسطن تي قرض وٺڻ جي سهولت موجود آهي۔ هجڻ ته ائين کپندو هو جو ان فرم ۾ ايران جو نالو ٽاپ ٽين نيڪ نام ملڪن ۾ هجي ها۔ليڪن خبر ناهي عالمي سطح تي اهڙي پرامن ملڪ کي بدنام ملڪن ۾ درج ڪيو ويو آهي۔ جڏهن ته صدر يا ٻين حڪومتي اهلڪارن جي سادي زندگي اوهان مختلف سماجي فورمن تي مشاهدو ڪري چڪا آهيو۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    هڪ ٻئي ڳالهه به دوستن سان ونڊيندو هلان ته ايران ۽ لبنان اسلامي وحدت جا مثالي علمبردار آهن۔ جتي شيعه سني هڪ ٻئي سان روح جو رشتو رکن ٿا۔ ايران ۾ ڪنهن وڏي شيعه عالم کي به اها اجازت نه آهي ته اهو اهل سنت برادران يا انهن جي مذهب جي خلاف ڳالهائي اگر ڪنهن اهڙو عمل انجام ڏنو ته فورن قانون تحرڪ ۾ اچي ويندو ۽ ان کي نظر بند ڪيو ويندو۔ هتي پاڪستان وانگر جهنگل جو قانون ڪونهي هتي قانون جي بالادستي آهي۔ هتي شيعه سني ڪلهو ڪلهي م ملائي هڪ مسجد ۾ نماز پڙهندا آهن۔ فلسطين جي آزادي واري تحريڪ حماس جا سڀ ڪارڪن سني آهن پر دنيا گواهه آهي ته پوري دنيا ۾ انهن جا سڀ کان وڏا حامي ايران ۽ حزب الله لبنان آهن جيڪي ان جي فوجي مدد به ڪن ٿا مالي مدد به ڪن ٿا۔ عرب دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تعليم يافته ماڻهو شام ۾ رهن ٿا ۽ سڀ کان وڌيڪ جمهوري عمل شام ۾ آهي پر آمريڪا دهشتگردن جي حمايت ڪري ان ملڪ سان جيڪو حشر ڪري رهيو آهي اهو ڪنهن کان ڳجهو نه آهي۔ اگر شام جا ماڻهو حڪومت جا مخالف هجن ها ته هن مهل حڪومت جو نالو نشان ئي نه هجي ها پوري دنيا جي گڏيل محاذ سان مقابلي جي باوجود ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر شام اڃا تائين مضبوط بيٺو آهي ان مان ٻيو ڪجهه به ثابت نه ٿئي پر اهو ضرور ثابت ٿئي ٿو ته اتان جا ماڻهو حڪومت سان گڏ آهن۔ ۽ آمريڪا ۽ ان جا استعماري ساٿاري نه ٿا چاهن ته دنيا ۾ ايران جهڙو پر امن ملڪ ۽ ان جا شام جهڙا ساٿي هجن۔ الله سائين مسلمان ملڪن کي پنهنجا دشمن سڃاڻي انهن جي مقابلي م گڏيل محاذ جوڙڻ جي توفيق عطا ڪندو۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا ابو جواد توهان ته وري به سٺن لفظن سان پنهنجا خيال پيش ڪيا۔۔۔ ان ساڳي ئي رپورٽ تي هڪ ٻئي هنڌ آيل هڪ تبصري کي سنسر ڪري پيش ڪجي ٿو۔۔۔۔
    ”ڪم==ن انگريزن پنهنجي ملڪن کي نيڪ نام قرار ڏنو آهي ۽ اسان جي ملڪ کي بدنام۔۔ س==ا ٿيندا ڪير آهين اهڙو فيصلو ڪرڻ وارا۔ انهن اگهاڙن ماڻهن کي ته پنهنجي زالن جي ي==ن جي تعداد جي خبر ناهي۔۔۔ ۽ هليا آهن اسان کي بدنام ڪرڻ۔۔۔ جن کي پنهنجي ماء، ڀيڻ، زال ۽ ڌيء ۾ تميز ناهي ته انهن جو مقام ۽ مرتبو ڇا ٿيندو آهي۔۔۔ اهي اسان کي هن فهرست ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڏيندڙ وري ڪيئن ٿيا۔۔۔۔“

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. علي حيدر

    علي حيدر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    71
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    298
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور ميرس
    ادي ابوجواد بهترين انداز ۾ اسلام دشمنن (انسان دشمنن) جي آپريشن ڪئي آ۔۔۔۔
    وڏي تعجب جي ڳاله اها آهي ته روس بدنامي ۾ پنجين نمبر تي! ڳاله مڃڻ جهڙي آهي؟ آمريڪا ۾ روبرو استادن کي شاگرد ئي گوليون ٿا هڻن! لڳي ٿو انهن اسلام دشمني کي نيڪ نامي جو معيار قرار ڏنو هوندو۔۔۔ ان جو ثبوت روس جي اسلام مخالفت نه ڪرڻ آهي۔

    صاحبِ موضوع کي پنهنجي طرفان ڪجه رد عمل به پيش ڪرڻ گهرجي ها۔
    ادا دنيا اسان کي ائين نه پئي ڏسي بلڪه اسان کي دنيا جي سامهون ائين ڏيکاريو ٿو وڃي۔
     
  8. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    ادا علي حيدر ۽ منتظم اعلي جو ٿورائتو آهيان جو انهن حوصلا افزائي ڪئي۔ اصل ۾ جتي علم ۽ فڪر هوندو آهي۔ اتي جارحيت ناهي هوندي۔ ڀلو تجزيه نگار اهو هوندو آهي جيڪو علم ۽ دليل جي روشني ۾ تجزيو ڪري باقي ٻين کي گارين ڏيڻ ۽ انهن سان بدڪلامي ڪرڻ سان ماڻهو ڪڏهن به پنهنجي حق تي هجڻ کي ثابت نه ٿو ڪري سگهي۔ اسان جي دين اسلام به اسان کي اهو سبق ڏنو آهي ته پنهنجي ڪردار جي ذريعي سان ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو۔ سهڻي روش به اها ئي آهي ته پنهنجي روين جي ذريعي ٻين جي دلين تي حڪومت ڪجي۔ مسلمانن جو مقام ته بالا آهي پر دين اسان کي ايترو به چيو آهي ته ڪافرن جي خدائن کي به برو ڀلو نه چئو متان ري ايڪشن ۾ هو توهان جي سچي خدا جي توهين جا مرتڪب ٿين۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    وڃ ميان هتي ته قبلو ئي عجيب ٿي ويو توبه ڪرڻي پئجي وئي ادا مهرباني۔وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو