• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فائر فاڪس جو جديد ورجن۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
logo-wordmark-version-preview.png

تيز ترين انٽرنيٽ برائوزر جي دعوا ڪندڙ موزيلا ڪمپني فائر فاڪس جو نئون ۽ جديد ورجن رليز ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔ فائر فاڪس جي هن 6۔3 ورجن ۾ ڪجهه دلچسپ فيچرس سان گڏو گڏ پرسونا ۽ HTMLجي پڻ سپورٽ موجود آهي ۔۔۔۔ ۽ نئين ورجن ۾ جيڪا مونکي مزي جي ڳالهه لڳي اها آهي سندس ٿيمس جيڪي بس هڪ ڪلڪ سان تبديل ٿين ٿا۔۔۔ ڪجهه ٿيمس کي هن تصويري جهلڪ سان ڏسو۔۔۔

firefoxthemes.png

هتي ڪلڪ فائرفاڪس جو مرڪزي صفحو وزٽ ڪري وڌيڪ معلومات حاصل ڪري وٺو۔۔۔
فائرفاڪس جون نئون ورجن 6۔3 ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته سنڌ سلامت فائرفاڪس برائوزر تي بغير ڪنهن مسئلن جي وزٽ ڪيو ته هتي ڪلڪ ڪري فائر فاڪس جو IE Tabايڊون ڊائونلوڊ ڪريو ۔۔۔۔۔ ۽ انٽرنيٽ جي تيز ترين برائوزر تي سنڌ سلامت کولي لطف وٺو۔۔۔
 
جواب: فائر فاڪس جو جديد ورجن۔۔۔

سائين ٻين برائوزرن تي سنڌي لکڻ ۾ اسپيس ڪي ڪم نه ٿي ڪري هن ۾ اوهان تجربو ڪيو آهي ته ٻڌائيندا۔۔۔۔۔
 
جواب: فائر فاڪس جو جديد ورجن۔۔۔

سائين جيڪڏهن هن ۾ سنڌي زبان جي پوري سپورٽ آهي ته پوءِ بَلي بَلي۔۔۔ نه ته پوءِ اهو سافٽ ويئر هَلي هَلي۔۔۔
 
جواب: فائر فاڪس جو جديد ورجن۔۔۔

ادا۔۔رشيد۔۔توواري۔۔جادو۔۔ڪم۔۔ڪيو۔۔آهي
جو۔۔جنهن۔۔۔ڪممپيوٽر۔۔تي۔۔مان۔۔لاگ۔۔ان۔۔نه۔۔ٿي۔۔سگهندو۔۔هيس۔۔انتي۔۔هن۔۔۔فائرفوڪس۔۔جي۔۔مدد۔۔سان۔۔ٿي۔۔ويس۔۔باقي۔۔حالتون۔۔اوهانجي۔۔سامهون۔۔آهن۔۔اهو۔۔۔سپيس۔۔وارو۔۔مسئلو
wslam
shal judy hujeen
 
جواب: فائر فاڪس جو جديد ورجن۔۔۔

ادا رشيد مان ان کي استعمال ڪندو آهيان تمام بهترين برائوزر آهي

سدائين گڏ
 
جواب: فائر فاڪس جو جديد ورجن۔۔۔

ادا۔۔رشيد۔۔توواري۔۔جادو۔۔ڪم۔۔ڪيو۔۔آهي
جو۔۔جنهن۔۔۔ڪممپيوٽر۔۔تي۔۔مان۔۔لاگ۔۔ان۔۔نه۔۔ٿي۔۔سگهندو۔۔هيس۔۔انتي۔۔هن۔۔۔فائرفوڪس۔۔جي۔۔مدد۔۔سان۔۔ٿي۔۔ويس۔۔باقي۔۔حالتون۔۔اوهانجي۔۔سامهون۔۔آهن۔۔اهو۔۔۔سپيس۔۔وارو۔۔مسئلو
wslam
shal judy hujeen

سائين توهان جي اسپيس جو مسئلو بلڪل به نه رهندو جيڪڏهن مٿي ٻڌايل IE Tab ايڊون ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔۔۔۔
هڪ اهم ڳالهه اهو ايڊون صرف فائرفاڪس تي برائوز ڪري ئي ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔۔
ايڊون ڊائونلوڊ ڪرڻ ۽ انسٽال ڪرڻ کان پوءِ فائرفاڪس کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔ جتي سنڌ سلامت جو کي برائوز ڪريو ۽ پوءِ Tool مينو تي ڪلڪ ڪري Corel IE Tab Options سليڪٽ ڪريو۔۔۔ توهان جي اڳيان هڪ ونڊوز کلي ايندي جنهن جي پهرين ٽيب Sites Filter تي ئي هيٺ سنڌ سلامت جو URL لکيل جنهن کي Add بٽڻ ڪلڪ ڪري شامل ڪريو پوءِ Apply ۽ Ok کي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

pic1s.jpg

هاڻي توهان جو فائرفاڪس مائڪرو سافٽ جي انٽرنيٽ ايڪسپلورر سان مماثلت رکندو ۽ هن دفعي توهان لاگ ان جاءِ تي نالي ۾ ۽ پوءِ سنڌ سلامت ايڊيٽر ۾ پڻ اسپيس ڪم ڪندو۔۔۔

pic2n.jpg

هڪ ٻي ڳالهه ذهن ۾ رکندا ڪريو ته جيئن ته سنڌ سلامت تي ڊيفالٽ طور ايم بي سنڌي ويب فونٽ سجايل آهي جنهن ۾ انگريزي جي لکائي ڪجهه مختلف ۽ سائيز ۾ ننڍي ٿيندي آهي ۔۔۔ ان ڪري پاسورڊ لکڻ دوران جن دوستن جو پاسورڊ مختصر آهي انهن جو ڏسڻ ۾ گهٽ يا ڏسڻ ۾ نه اچڻ جهڙو ٿي سگهي ٿو جنهن ڪري اڪثر دوست پاسورڊ وري وري يا غلط سلط لکندا ۔۔۔ جنهن سان کين لاگ ان ٿيڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي ۔۔۔۔ ان ڪري انهن دوستن کي گهرجي ته هڪ دفعو ئي پاسورڊ لکن بي شڪ ظاهر ٿئي يا نه ٿئي ۽ پوءِ لاگ ان بٽڻ کي پريس ڪن۔۔۔
 
جواب: فائر فاڪس جو جديد ورجن۔۔۔

سائين، يار هاڻ ته واقعي چوڻو پوندو ته تون جادوگر آهين ۔۔۔ پاڻ هروڀرو توکي نه مڃيندا هئاسون ۔۔۔
معاف ڪندا ۔۔۔ ڏسو هاڻ اسپيس به ڪم ڪري پيو ۽ لاگ ان ۾ به ڪو مسئلو ناهي ۔۔۔ ۽ هي اهو ئي ڪمپيوٽر آهي، جنهن تي آ سنڌي لکڻ جا جتن ڪري ڪري ٿڪجي پيو هيس ۔۔۔
مهربانيون سڄڻ دوست ۔۔۔
يار اهو تو جادو وارو اوطار غلط ناهي هنيو ۔۔۔ شل نظر نه لڳي
دعائن ۾ گڏ
 
جواب: فائر فاڪس جو جديد ورجن۔۔۔

سائين، يار هاڻ ته واقعي چوڻو پوندو ته تون جادوگر آهين ۔۔۔ پاڻ هروڀرو توکي نه مڃيندا هئاسون ۔۔۔
معاف ڪندا ۔۔۔ ڏسو هاڻ سپيس به ڪم ڪري پيو ۽ لاگ ان ۾ به ڪو مسئلو ناهي ۔۔۔ ۽ هي اهو ئي ڪمپيوٽر آهي، جنهن تي آ سنڌي لکڻ جا جتن ڪري ڪري ٿڪجي پيو هيس ۔۔۔
مهربانيون سڄڻ دوست ۔۔۔
يار اهو تو جادو وارو اوطار غلط ناهي هنيو ۔۔۔ شل نظر نه لڳي
دعائن ۾ گڏ



منهنجا ادا ڀاء توهان جي لاء جادوگر هوندو پر منهنجي لاء منهنجو استاد آهي

استاد الله توهان کي اسان کان دور نه ڪري نه ته اسان جاهلن جو ڪير آهي
 
جواب: فائر فاڪس جو جديد ورجن۔۔۔

واه سائين واه زبردست سائين به ڏئي ٿو پر کنگهائي پوء ٿو ڏئي سائين اوهان جي مهرباني۔
 
جواب: فائر فاڪس جو جديد ورجن۔۔۔

مهرباني ادا رشيد ۔۔۔ هي تمام بهترين طريقو ڏسيو اٿوَ
 
جواب: فائر فاڪس جو جديد ورجن۔۔۔

ڪجهه ڏينهن جي مسلسل محنت کان پوءِ ڪي بورڊ تان سپيس جو مسئلو ختم ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ هاڻي توهان آزادي فائر فاڪس برائوزر استعمال ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔توهان لاءِ ڪي بورڊ تان سپيس جي نه لڳڻ جو مسئلو مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي ان ڪري ڪنهن اضافي ٽيب جي انسٽال ڪرڻ جي ضرورت نه آهي۔۔۔
 
Back
Top