ســـيــــنـڌ جمــــــــال ابڙو کپري شھر جي سرڪاري اسپتال جي لاش گھر ٻاھران مٽيءَ ۽ ڌڌڙ ۾ ڪارا ڳُنڌيل وار، چوٽيءَ سينڌ سميت، ڌوڙ ۽ جهڪ ۾ پئي ليٿڙيا. اندر ڀنگي ۽ ڊاڪٽر، مکين جي ڀُون ڀُون، ننگو لاش اگھاڙي ڇاتي. سنڌ جي ڄائي، ڪنھن جي لڄ، سڀ جو ننگ، ست ڌارين آڏو ننگي پئي ھئي. ھٿ رونڊڙا، پير ڦٽل. اکيون حيرت، حسرت ۽ ھيبت کان ڦاٽل، سٻاجهي، سدوري، سُگهڙ، ڪونئرو ڪُسڻي. پيار جي راھه ۾ ھڪ ٻي قرباني. ڪُسڻ قبول ڪيائين، سينڌ جي پت نه وڃايائين. ٽھڪڙا ڏئي چار آڱريون سينڌ تي رکي انجام ٻڌائين، پر ٽھڪڙا ڪھاڙين جي ڪڙڪن ۾ بدلجي آيا، آڱريون ڪپجي ويون، سينڌ ڪوڙجي وئي۔ اتي ئي سندس ڀاءُ ٻاھر ھو، ابي ڄائو، امڙ جي رت مان ٺھيل ۽ کير تي تاتيل. جنھن لاءِ ننڍي ھوندي کان ”الله ڏيندو ادل کي . . .“ ڳايو ھئائين. بي غيرت ڀاءُ جنھن ’غيرت‘ مان ڀيڻ ماري ھئي، ھٿڪڙين ھوندي ائين ڳاٽ جهليو بيٺو ھئو، ڄڻ ڪوٽ کٽيو ھئائين. امڙ ھئي، جنھن جي رازدار ساٿڻ اڄ ڪھاڙيون جهلي، چاقن سان چِيرجي رھي ھئي. جنھن ڌيءَ جون ڪچيون ڦڪيون ساھه ۾ سانڍيون ھيون. جنھن ور ور ڏيئي کيس سمجھايو ھو ۽ سمجھيو ھو. سندس ڊڦ پيرو مڙس، جو پٻن تي ٿيڙ کائيندو، لؤڻا ڦيريندو ھلندو ھو، ڳالھائيندو ھو ته گِگ وھندي ھئس. ور ور ڪري لاش گهر ڏي ٿي ڏٺائين. رڙ پئي پيس، ’الا ! منھنجي سھڻي پنج ھزار لھندي ھئي.“ ڍڳن جو جوڙو، ٻه جريب زمين ۽ عورت جي جند، اھا پنجوڙ جنھن ۾ نچڻي ٽپڻي تيرھن سال جي پدمڻيءَ ڄم کان موت تائين گوگهجي وئي. لِڪ لڪوٽي، ليٽ ڪبوتر، گهڻ گهڻ گهٽو ۽ ڳيچ سھرا سڀ ان پنجوڙ جي ساھه نِپوڙ، سوڙھه ۽ گهٽ ۾ گهٽجي گم ٿي ويا.” الله ڏيندو ادل کي !“ ... ۽ الله ادل کي ڍڳا ۽ ٻه جريب ڏئي ڇڏيا ۽ اديءَ جي جند مڙس جو حق ٿي وئي، مُلھه ڳِڌو حق. شاديءَ جا جوڙا، ھٿن کي ميندي، چانديءَ جي ٻانھين، خوشيءَ مان ھر ھر ماءُ کي چنبڙي ٿي پئي. ٻاراڻي ٽھي، شاديءَ کي ائين ٿي ڀانيائين ڄڻڪ گُڏي گُڏيءَ جو وھانءُ. مڙس کي ائين ٿي سمجهائين جيئن سندس ڀاء ُ يا پيءُ ۽ جڏھن وڃي ساڻس ستي ته آڌيءَ کان پوءِ ماڻھن سندس ڪِيڪون ٻڌيون ۽ چماٽن جا ڦھڪا. ٿڪل ٿڪل، پيلي، زندگي ائين ٿي وئي جيئين آرھڙ جون ٻُٽون. ھر صبح ۾ سانجهيءَ جي گُهٽ ھئي ۽ ھر سانجھيءَ ۾ صبح جو سُور ھو. نار جي لوٽي ھئي، ڳچيءَ ۾ رسو، کوھه ۾ گهوتا ۽ رات جو رينگٽ، ٻي ھزارين جي ٻانھي، سانجڻ، ٻھاري، دال، کار، گاھه، رونبو، زور ۽ زوري. سندس زنانو حسن نه ڄائو نه مئو، نه اسريو نه اڀريو. جڏھن ٻن سالن کان پوءِ ماءُ وٽ آئي ته ھنيانؤ ڦِسي پيس. پار ڪڍي رني. ”ادا!“ چئي ڀاڻس کي چنبڙي پئي. ڀاءُ ۽ مڙس جي فرق جو شدت سان احساس ٿيس. ٻارڙن جون ٽوليون ڏسي ٻٽا ڳوڙھا ڳاڙڻ لڳي. اباڻي گهر سندس ٻوساٽيل روح کي آٿت، سندس جسم کي آرام ڏنو. جنھن گهر جي ڇپر ڇني ڪنڌيءَ ڪوٽ سان ٻالڪپڻو چنبڙيو پيو ھو تنھن سان پاڻ به چنبڙي پئي. روح رلي ويس، ميخ لڳي ويس. ائين ئي محسوس ڪيائين ته وري ڳائي، ”نم جي نموري پڪي، الله ڏيندو ابي کي، سو وجھندو ڌيئن کي، چنڊ ڏٺو کير مٺو!“ سندس دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ھلڪڙو آرس ڀڃڻ جي تمنا، نحيف کنوڻ وانگر اِنگڙ وِنگڙ اُڀري گُم ٿي وئي. ڪارونڀار ڪڪرن ۾، ھلڪڙي ھير سندس سنھڙي چولي کي سندس سيني مٿان گسڪائي رھي ھئي. عجيب انوکي ڪيفيت چولي منجھان، سيني منجھان، سندس دل ۾ سمائجي وئي. مينھن وسيو، ھوءَ بيٺي رھي. ٻارڙن جا ٽولا ڳائڻ لڳا، ”اکريءَ ۾ ڪڪڙو، مينھن آيو تڪڙو!“ چولو ساڻس چُـھٽي ويو. ھن محسوس ڪيو ڄڻ ته ھوءَ پاڻ ڪڪڙو آھي ۽ مينھن سندس جسم سان وڪوڙيو وڃي، جنھن جي گستاخ آلاڻ کيس وَڏ ڦُـڙي جي بشارت ڏني. اگھاڙن پٺن سان، سندس ھم عمر جوڙ ۽ جيس ميھار، مينھن بڻجي کيس وڪوڙي ويو. سندس چَپ کليل رھجي ويا. خبر تڏھن پيس جڏھن ميھار اچي ھٿ کان ورتس، ڇرڪ ڀري ڀڄي وئي. سندس جنسي جذبو، عين عورتپڻو، حيات جو موجب، قدر جو عجيب ۽ مٺو ڪرشمو جو وحشانيت جي ڄَـرُ ساڙيو ھو، سو پيار جي مينھن ۾ سائو ٿيو. جنھن کي چماٽن ۽ ڪيڪن ڊيڄاري دٻي دساڙي ٿڌو ڪيو ھو، تنھن کي ھٿ جي گرمائش جياري ڇڏيو. ڳلن ۾ تؤ، تَـنَ ۾ تونس، آگمجي رني. چڻگ ھئي جا جلڻ ۽ جلائڻ لاءِ نسنگ نروار ھئي. لوڪ لڄا، ادي جي عزت، دل جي دل ۾، ساڳيو ميھار جڏھن اڇا ڪپڙا اوڍي، وارن کي ڦڻي ڏيئي، اکين ۾ سرمو وجهي اچي لنگهندو ھو ته اکيون ھيٺ ڪري ڇڏيندي ھئي ۽ پوتي ڇڪي مٿو ڍڪيندي ھئي. بس ميھار لاءِ اھو ڪافي نياپو ھو. ھن جو من به ٽِڙي پوندو ھو ته هڪ مرد محض سندس لاءِ سينگار ڪري. سندس اکيون ھڪ ٽِڪ دور افق جي پريان وڃي کُپنديون ھيون. پنھنجيءَ باھه ۾ ڀسم ٿيڻ لڳي. جيئن روڪيائين تيئن ڀڀڙ ھئا. وري جو ڳنڍڙي مليس، خالي باڪس ۾ سُرخي، ڪجل، مصريءَ جي تَـڙ، رک جي چپٽي، ميٽ جو ذرو ته کڙي تپي آيس. ويھڻ وِھهُ ٿي آيس. ماءُ سان سليائين. عورت جو عورت سان سلڻ ڄڻ خالق ۽ مخلوق جو ازلي راز سلڻ ۽ سمجهڻ. ماڻس چنبا ھڻي ڪڍيس. ويڻن سان وڍيائينس، نيٺ ٻِٽ ٿي بيٺس. ڌيءُ ۽ ماءُ جو ميلاپ، ڇا نه ٿي ڄاتائون! ڇا نه ٿي سمجھيائون! حياتيءَ جي سُڪي سرءَ ۾ پَنَ ڇاڻيندي ڪڏھن ڪا سُرور جي گهڙي گهاري ھئائون، سا به ڪھاڙين جي پاڇي ۾، گهڙيءَ جي معراج لاءِ ڪنڌ ڪپائڻ، ٽھڪڙا ٽاڪوڙا، ڄڻ ته جيڪي ڏنائون ٿي تنھن کان وڌ ورتائون ٿي. ميھار سان ملڻ وئي ته ھِيرون ھئس ھنج ۾، ڌرتي ھندورو ھئي؛ گل ٽڙيل ھئس دل ۾. سڳند ھئس ساھه ۾. سُڌ ٻُڌ پرائي ٿي چڪي ھئي. سندس سڄي ڪائنات پرائي ھئي. وٽس پھتي ته پاڻي ٿي پئي. ھٿ وڌائينس ته هٽي بيھي رهي. ڏيڻ آئي هئي، ڏيئي نه سگهي. واسطا وڌائين، پلؤ پاتائينس، ھٿ لائڻ نه ڏنائينس. موٽي اچي ماءُ کي ليلڙاٽ ڪيائين، ”پلؤ آجا ڪرائينم!“ امڙ کي ٻاڏايائين. جڳ کي دانھن ڏنائين، ٻارڪاريائين، چڱن مٺن جا در کڙڪايائين. جنھن سندس جسم کي نپوڙيو ھو تنھن سان جسم ڪيئن ملائي! مٺوءَ کي ڇڏي ڏينڀوءَ کان ڪيئن ڏنگائي. ڏنگ ۽ ڏنڀ ھئس ڏاج ۾، نڪاح جي . . . سان، يا نڪاح ٽٽي يا ڪنڌ ٽٽي. جتي ٻنيءَ ۽ ونيءَ تي سر ڏجن ٿا، اتي نينگرين جو سودو به ٿئي ٿو. اَملھه جو مُلھه ٿئي ٿو. ھتي نينگرين جو نيلام، ست قرآن، ڪوڏين جي دام، اتي ڪير ڏئي طلاق! ڊڦ پيرو چوي، ”ڪُھي وجھو نڪاح نه ڇڏيان، ڀلي عمر کائي وڃي، ٻني ۽ وني ڪنھن ڇڏي آ !“ ٻه ٻه ھٿ پيو اڏامي. ڪوٽ جي آڙ ۾ بيغيرت جي نگاھه لڄ تي نه، لڄ جي قيمت تي. دڙڪا ، دھمان، ڏنگايون ڏاڍ، بي فرمان- ۽ ھيڏانھن ڪچي تند، نياڻي نينگري، سَرءَ جي ساڙيل سڪل پيلي وَل. جنھن جي من ۾ پھريون ڀيرو پيار جي رس ڀري ھئي. اڏول، پنھنجي حق تي قائم، سائي ٿيڻ جو حق، گُلن جي ڪڍڻ جو حق. ڪچيءَ تند ۾ حق ڇڪڻ جي ايڏي قوت ! پر ايجاب ۽ قبول جو ڌاڳو ٻن ھزارن روپين ۾ ٿلھي موٽي سنگهر ٿي چڪو ھو. نياڻي نينگري ڪچي تند، پر جڏھن سندس نحيف تنتن ۾ عورتپڻي جي آفاقي حق گھرڻ جي برقي قوت پھتي ته وڄ بڻجي وئي. چمڪا، چڻنگون ۽ ٽانڊا جن سندس مڙس جي اڌاري مردانگيءَ کي ڪنبائي ڇڏيو. ھو طلاق ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ھن لاءِ رڳو ٻه اکر چوڻ جي دير ھئي، پر جنھن کان عورتپڻي جو حق کسيو ٿي ويو، جنھن جان جي بازي لڳائي ھئي، جيڪا اھڙو ئي انسان ھئي جھڙو مڙس، جا پاڻ مظلوم ھئي، سا بس فقيرياڻين وانگر خيرات جي محتاج ھئي. سندس لفظ ۽ ارادي کي ڪو وزن ڪو نه ھو. ڇا ته توازن ھئو ! نڪاح ٻن ڌرين جي ھڪجھڙي قبوليت ھئي، ھڪ ٽوڙي سگھيو ٿي ان کي ٽاڪئين ٺڪر وانگر ۽ ٻئي لاءِ ڳَٽ ھو ڳچيءَ جو. نقصان ڪنھن کي ٿي ٿيو. بازاري اگهه ڪنھن جو ٿي ڪريو. جسماني باغ ڪنھن جو لٽيو ويو ته به معاوضي جي گهر مڙس ڪئي ڪئي ۽ سڄي دنيا سندس انھيءَ حق جي تائيد ڪئي. اھو حق ايڏو ته ڪو اٽل ھو جو سندس ماءُ ۽ ڀاءُ به ھارجي ويا. قبوليت جو ڌاڳو رپين جي بار ھيٺ سوگهي سنگهر ٿي ويو. باغ جو، گلستان جو، ميوو ڏيندڙ شجر جو، ٺيڪو عمر ڀر ٻن ھزارن ۾ ! ڀيڻ جنھن ڀاءُ کان نماڻين نظرن سان صدقو گھريو، اکئين آب جاري ھو. پر سندس نير، نيئر کي ٽوڙي ڪو نه سگھيا. ڀاءُ به فيصلو ڏنو ته، ”رن ڪميڻيءَ کي ڄُنڊن کان گھلي مڙس کي ڏيو!“ جنھن ٻه ھزار مِٺا ڪيا سو مڙس مان وارو بڻيو ۽ جنھن جي جسم جذبن ۽ جان جو نيلام ٿيو سو ڪميڻو. اھا آخري رات ھئي، ڇيھه نا اميديءَ سندس حِس ۽ حواس سلب ڪري ڇڏيا ھئا. جڏھن ميھار اشارو ڏنس ته چار آڱريون کڻي سينڌ تي رکيائين. سندس روح ۽ جسم ھڪ قلب بڻجي ويا. جنھن کي اوڏو اچڻ نه ڏنو ھئائين، تنھن سان موڪلاڻيءَ جو انجام ٻڌائين. جسم ۽ روح جي آرتي کڻي پيار جي قربان گاھه ڏانھن وڌي ته ڀاڻس ڏسي ورتس. ڪھاڙي کڻي وريو ته ويچاريءَ جي جيئڻ جي سموري تمنا اجهڪو ڏئي موٽي آئي. پوتي لاھي ڀاءُ جي پيرن کي چنبڙي وئي، ”ادا منھنجا، مون کي نه مار!“ ماڻس به ڀڳي، وڃي قرآن کڻي آئي، ”ابا! ھي وسيلو ٿئي.“ مڙسس به رڙ ڪئي، ”جھڙي آ منھنجي آ، مون کي ڪاري به قبول، متان منھنجيءَ کي ماريو اٿئي!“ ”چُپ ڪر ڪميڻا ڪاري آ!“ ”ھل ڙي معتبر! تو گهڻيون ڪاريون ڪيون آھن؟“ تيسين ماڻس به قرآن آڻي آڏو جهليس. ماءُ کي ڌڪو ڏئي پري ٿيلھيائين، لت ڀيڻ جي ڪلھي تي ڏيئي سندس مٿو ڇڏائي پري ڪيائين. ڪھاڙي کڄي ھيٺ ٿي. ڊپ ۾ ويچاريءَ ھٿ آڏو ڏنو. اول چار آڱريون پوءِ ڪنڌ. ماءُ ۽ قرآن رتو رت! ڀاءُ ۽ ماءُ گڏجي نياڻيءَ جو اڳٺ کولي سٿڻ لاٿي ڀاءُ دنبھو ھنيو. اسپتال جو لاش گهر، ڪپيل چوٽي، چاقن جي چر چر، ڀنگي، ڊاڪٽر، مکين جي ڀُون ڀُون، ننگي ڇاتي، ادي، ڀيڻ، نياڻي، ست قرآن. ____________ ٽائيٽل ۽ چونڊ رضوان گل جي ٿورن سان
ڪمال جي ڪهاڻي آهي،روايتي موضوع پر ليکڪ اهڙي ڪمال سان لکي آهي جو ڇا چئجي بيشڪ جمال صف اول جي ڪهاڻيڪارن ۾ شُمار ٿئي ٿو۔۔