نثارابڙو
نائب منتظم
هڪ دوست، ٻي دوست کان پڇيو؛
پهريون دوست؛ يار! ڏي خبر تو واري پرڻيل زندگي ايتري ڪامياب ۽ خوشين ڀريل ڪيئن آهي؟
ٻيو دوست؛ اوهان صرف ، هڪ ٻئي سان پيار ڪيو، هڪ ٻئي جي عزت ڪيو ۽ ذميواريون ونڊ ڪيو ته معاملا آسان ٿي ويندا آهن ...
پهريون دوست؛ ڇا ان جي وضاحت ڪندا؟
ٻيو دوست؛ گهر ۾ وڏن وڏن مسئلن تي آءُ فيصلا ڪندو آهيان جڏهن ته ننڍا ننڍا مسئلا منهنجي گهر واري حل ڪندي آهي ۽ اسين ٻئي هڪ ٻئي جي انهن فيصلن ۾ ڪا به مداخلت ناهيون ڪندا ...
پهريون دوست، اڃان مطمئن نه ٿيو ۽ سوال ڪيائين، ڀلا ڪجهه مثال ڏيو؟
ٻيو دوست؛ ننڍا ننڍا مسئلا، مثلن؛ گاڏي ڪهڙي وٺجي؟ ڪيترا پئسا بچائي رکجن؟ ڳوٺ گهمڻ ڪڏهن وڃجي؟ گهر جو ڪهڙو سامان جيئن ڪرسيون، صوفا، يا ٿانوَ وغيره ڪهڙا وٺجن، مهيني جو خرچ ڪيترو ڪجي؟ نوڪرياڻي بيهارجي يا نه؟ اهي سڀ فيصلا منهنجي گهر واري ڪندي آهي ... آءُ صرف ها ۾ ها ملائيندو آهيان ...
پهريون دوست؛ ته پو اوهان ڇا ڪندا آهيو؟
ٻيو دوست؛ آءَ وڏا وڏا فيصلا ڪندو آهيون، مثلن؛ آمريڪا کي ايران تي حملو ڪرڻ گهرجي يا نه؟ برطانيا کي زمبابوي تان پابنديون هٽائڻ گهرجن يا نه؟ آفريڪي ۾ خوشحاليءَ لئه ڇا ڪرڻ گهرجي؟ يونس خان کي ڪرڪيٽ تان رٽائرڊ ٿيڻ گهرجي يا نه؟ وغيره وغيره ؛ ۽ وڏي مزي جي ڳالهه ته مون واري گهر واري انهن فيصلن تي ڪو به اعتراض ناهي ڪندي ...