• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قرآن شريف جي حافظن جي دستار فضيلت

رحيم بخش

ايڊيٽر
3 صفر 1431 هجري تي مورو شهر ۾ حضرت علامه مولانا مرحوم نالي مٺو رحمه الله عليه جن جي مدرسه محمديه غوثيه رفيع العلوم ۾ هڪ ديني جلسه ٿيو جنهن ۾ ڪافي شاگردن کي قرآن شريف جي حفظ ڪرڻ تي کين دستار فضيلت ٻڌرائي وئي ۽ سَنَدون ڏنيون ويون ان موقعي تي منهنجي استاد محترم مفسر قرآن حضرت علامه مولانا ادريس ڏاهري جن خطاب فرمايو خطاب ۾ قرآن ڪريم جي فضيلت ۾ هڪ شعر چيو جيڪو اوهان دوستن سان شيئر ڪري رهيو آهيان.


مالڪ جو ڪلام مٺو قرآن ڪــــريم آهـــي .
اول ۾ بـســم الله الرحـمن الرحــــيـــــم آهــــــي .
1. مـــحــبــوب مــحــمــد کــي هـي مـعـجـزو مــلـــيو
جـنـهـن ۾ ٿـيو بـيان سندن اخـــلاق عـظيم آهي .
2. ان جي هڪ آيت جهڙو ڪير نه پيش ڪـندو
هــي خالـق اڪـبر جـو ســو ڪلام قــــديم آهي
3. جــبــريل کــڻــي آيـــو هـــــو غـــار حــــــــــرا ۾ اول
ان مـالڪ کان جـيــڪو عالــــم ۽ عـلـيـم آهي .
4. رب پاڪ ڪريم آهي هي ڪتاب ڪريـم ڏنو
جـنـهـن ڪينَ مـڃـيو تـنـهن لاء عذاب الـيم آهي .
5. هڪ حرف پڙهڻ سان ڏهه نيڪيون آ خدا ڏيندو
جــنــهــن ياد ڪــيــو ان لاء جنت الــنـعـيم آهي.
6. ڏاهــــــري ٿا ڏاج مـلــن قــــرآن جــي پـــڙهــنــدڙ کي
ادريــــس اهــــو بــيـشــــڪ فاضـــــل ۽ فـهيم آهي.
 
جواب: قرآن شريف جي حافظن جي دستار فضيلت

مٺا عبدالرحيم، الله تعالا، قرآن جو علم رکندڙ انسانن ۾ اضافو فرمائي ۽ انهن جي علم مان اسانجي معاشري ۾ روشنين جا سج اڀرن ۔۔۔ اوهان جي مدرسي مان نڪرندڙ هڪ به اهڙو انسان نڪتو جنهن قرآن جي علم جي پيروي ڪندي، اسانجي معاشري ۾ شيطان خلاف جنگ جوٽي ته سمجهو اسانجا ٻيڙا پار ٿي ويندا ۔۔۔
جزاڪ الله خئير ۔۔۔
 
جواب: قرآن شريف جي حافظن جي دستار فضيلت

سائين بيشڪ قرآن جي عظمت صرف الله ڄاڻي يا ان جو نبي ڄاڻي اسان گنهگار انسانن کي ان جي عظمت جي ڪهڙي خبر۔۔۔ اڄ ڪلهه اسان جي معاشري ۾ ان پاڪ قرآن جي مقصدن کي ڀلائي بس ان کي باس، ساک، قسم کڻڻ جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي۔۔۔ يا الله تون هن قوم جي حالت ۾ بهتري آڻ۔۔۔ ان کي قرآن جي صحيح مقصد مطابق پڙهڻ ۽ عمل ڪرڻ جي توفيق ڏي۔۔۔
قيامت جي ڏينهن جيڪا قرآن پاڪ جي حافظن ۽ سندن والدين جي عظمت پاڪ رسول پاڪ بيان ڪئي آهي اها اسان جي بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي۔۔۔
 
جواب: قرآن شريف جي حافظن جي دستار فضيلت

سائين رحيم بخش اهڙي زبردست ونڊ ۽ شاعري تي لکين کيرون لهڻو، رب سائين توهان کي جزاءِ خير ڏيندو (آمين ثم آمين)
 
Back
Top