گڏيل سياسي سگھه ئي سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل آهي. سنڌ جي سمورن سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن کي قومي تحريڪ جي سگھه ۽ طاقت سمجهون ٿا. سنڌ جي قومي آزادي ۽ سمورن اهم مسئلن جي حل لاءِ گڏيل جدوجهد تي يقين رکون ٿا. جسمم جسقم پاران اعلانيل ٽن ڏينهن واري ڌرڻن جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. پنجاب سامراج سنڌ جي پاڻي مٿان مڪمل قبضو ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي سنڌ جي اندر ڊئمن لاءِ هڪ راءِ عامه جوڙڻ لاءِ وري خدشو آهي سنڌو دريا جي بندن کي هٿرادو ٽوڙي سنڌي ماڻهن کي ٻوڙيو ويندو. ٻي پاسي سنڌ جي وجود ۽ حياتياتي زندگي کي تباهه ڪرڻ لاءِ سنڌ جي جابلو پٽي ۾ ايٽمي هٿيار سرنگون هڻي محفوظ ڪيا ويا آهن. جن جي ڦاٽڻ سان سڄي سنڌ تباهه ٿي سگھي ٿي. پاڻي جي چوري سميت سنڌ جي سمورن مسئلن تي گڏيل جدوجهد تي يقين رکون ٿا. جسمم چيئرمين شفيع محمد برفت
سنڌ جي قومي آزادي ۽ سمورن اهم مسئلن جي حل لاءِ گڏيل جدوجهد تي يقين رکون ٿا محترم شفيع برفت ڏاھو ۽ دلير قومپرست اڳواڻ آھي۔ ڳالھ بيانن تائين محدود نه رکجي، بيان ته مان به ڏئي ٿو سگھان ڳالھ آ ته عمل جي ھاڻي ڏسو ته عمل ڪنھن وٽ آھي۔ جنھن ڏينھن ئي قوم پرست گڏ ٿي ويا تنھن ڏينھن سمجھو ته سنڌ آزاد ٿي وئي۔