• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن پهرين جولاءِ تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن پهرين جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

پهرين جولاءِ 1914ع شاعر موتي رام وليچا زندهه (سکر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين جولاءِ 1923ع شاعر محمد خان مولائي (وڳڻ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين جولاءِ 1924ع ليکڪ رام ڪرشن هيرانند راهي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين جولاءِ 1933ع آرٽسٽ هاشو شهدادپوري جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جولاءِ 1934ع شاعر ڊاڪٽر عبدالخالق راز جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جولاءِ 1939ع شاعر احمد بخش مسرور بدوي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جولاءِ 1940ع صحافي عبدالفتاح ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جولاءِ 1944ع شاعر آسنداس خوشنصيب (جاتي) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جولاءِ 1945ع شاعر رام بيلاڻي خمار (ٺارو شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جولاءِ 1948ع ليکڪ قابل ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جولاءِ 1949ع صحافي ممتاز علي مڱريو (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جولاءِ 1934ع شاعر ڊاڪٽر عبدالخالق راز جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جولاءِ 1970ع سياستدان طارق مسعود آرائين (نوابشاهه) جو جنم ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

پهرين جولاءِ 1892ع بزرگ فقير دريا خان عباسي جو لاڏاڻو ٿيو.
پهرين جولاءِ 1956ع مذهبي عالم مولانا عبدالحڪيم بروهي لاڏاڻو ڪري ويو.
پهرين جولاءِ 2005ع اداڪار ۽ صداڪار اي آر بلوچ جي وفات جو ڏينهن آهي.

_______

اڄوڪي ڏينهن پهرين جولاءِ جا ڪجهه اهم واقعا

ikopCHRpgCQug.jpg


حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

_______
 
اداڪار ۽ صداڪار اي آر بلوچ صاحب جي اڄ ورسي آهي.
اي آر بلوچ صاحب جو اصل نالو عبد الرسول شاهي هو پاڻ حيدرآباد شهرم 15 مارچ 1923ع م ڄاوا. والد جو نالو اميد علي هو. بلوچ صاحب رائل ايئر فورس م نوڪري ڪئي ٻه ساک نوڪري ڪرڻ دؤران نماز پڙهڻ جي اجازت نه ملڻ تي آفيسر سان سندس منهن ماري ٿي. جنهنڪري کيس چريو قرار ڏئي نوڪري مان ڪڍي کيس گدو م چرين جي اسپتال م داخل ڪيو ويو. اسپتال مان صحتياب ٿيڻ تي امن ئي اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر پنهنجي نياڻي سندس نڪاح ۾ ڏني. جنهن مان کيس هڪ پٽ ۽ چار نياڻين جو اولاد ٿيو. کيم ريڊيو پاڪستان تي انور بلوچ ۽ ٽي وي تي عبدالڪريم بلوچ صاحب متعارف ڪرايو. بلوچ صاحب ٽي وي تي پهريون ڊرامو جيڪو آغا رفيق جو لکيل هو ڪيو. جنهنجو نالو هو. خوانب جو سوج“ سنڌي فلمن. ليلي ا مجنون. بادل ۽ برسات. رت ۽ اجرڪ م پڻ اداڪاري ڪئي. ڊرامن. م ديوارين. جهنگل. هٿين گل ميندي. دنگي منجه دريا هئا. سندس ڊرامون بخت خان بيحد مشهور ٿيو . سندس آخري ڊرامو ٽيپو سلطان هو.
اي آر بلوچ پهرين جولاء 2005ع تي الشفا ڪراچي م وفات ڪئي.
 
اداڪار ۽ صداڪار اي آر بلوچ صاحب جي اڄ ورسي آهي.
اي آر بلوچ صاحب جو اصل نالو عبد الرسول شاهاڻي هو پاڻ حيدرآباد شهرم 15 مارچ 1923ع م ڄاوا. والد جو نالو اميد علي هو. بلوچ صاحب رائل ايئر فورس م نوڪري ڪئي ٻه ساک نوڪري ڪرڻ دؤران نماز پڙهڻ جي اجازت نه ملڻ تي آفيسر سان سندس منهن ماري ٿي. جنهنڪري کيس چريو قرار ڏئي نوڪري مان ڪڍي کيس گدو م چرين جي اسپتال م داخل ڪيو ويو. اسپتال مان صحتياب ٿيڻ تي امن ئي اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر پنهنجي نياڻي سندس نڪاح ۾ ڏني. جنهن مان کيس هڪ پٽ ۽ چار نياڻين جو اولاد ٿيو. کيم ريڊيو پاڪستان تي انور بلوچ ۽ ٽي وي تي عبدالڪريم بلوچ صاحب متعارف ڪرايو. بلوچ صاحب ٽي وي تي پهريون ڊرامو جيڪو آغا رفيق جو لکيل هو ڪيو. جنهنجو نالو هو. خوانب جو سوج“ سنڌي فلمن. ليلي ا مجنون. بادل ۽ برسات. رت ۽ اجرڪ م پڻ اداڪاري ڪئي. ڊرامن. م ديوارين. جهنگل. هٿين گل ميندي. دنگي منجه دريا هئا. سندس ڊرامون بخت خان بيحد مشهور ٿيو . سندس آخري ڊرامو ٽيپو سلطان هو.
اي آر بلوچ پهرين جولاء 2005ع تي الشفا ڪراچي م وفات ڪئي.
 
Back
Top