• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

احمد خان لوچ تعلقو ميرپور ساڪرو

شبير ساگر

سينيئر رڪن
احمد خان بلوچ ميرپور ساڪرو جو وسندڙ ڳوٺ آهي، هي ڳوٺ ساڪري کان پنجن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي غلام الله روڊ ۽ ان کانپوءِ ٻه ڪلوميٽر ڏکڻ طرف واقع آهي، هن ڳوٺ جي گهرن جي آبادي تقريبن1500 کن ٿيندي، جڏهن ته مردمشماري جو ڪاٿو 5000 کان 6000 آهي، هن ڳوٺ ۾ ڪلمتي بلوچ قبيلي جا ماڻهو رهائش پذير آهن۔ معاشي طور هن ڳوٺ جو طبقو سرڪاري نوڪري ۽ زراعت سان لاڳاپيل آهي۔
dsc01442-jpg.2812
 
پهرين سيپٽمبر 2008 تي منهنجي هن ڳوٺ جي اسڪول ۾ بطور هاءِ اسڪول ٽيچر پوسٽنگ ٿي، زندگي جي هن پيچري تي پهچندي پهچندي مون زندگيءَ جون 37 بهارون گذاري ڇڏيون هيون، هتي اچڻ کان پهرين آئون بلڪل به نه ڄاڻندو هئس ته احمد خان بلوچ ڪٿي آهي، احمد خان بلوچ جو نالو ٻڌندي منهنجي ذهن ۾ ٽنڊوڄام جي مڪراني ڳوٺ جا بلوچ ياد اچي ويا ۽ لياري جا بلوچ پڻ هري ٿي آيا، ميرپور ساڪرو کان اوڀر طرف ستن ڪلوميٽرن تي هي ڳوٺ گذريل ٽن صدين کان آباد آهي، ڳوٺ جي آبادي تقريبا ٽن هزار ماڻهن تي مشتمل آهي. ڳوٺ جي تقريبن ست سئو گهرن مان، منجهس ڪجهه پڪيون جايون آهن باقي ماڻهو ڪاٺ جي ٺهيل جاين ۽ ڪانن وارين جاين ۾ رهن ٿا. ڳوٺ ۾ پنج، ڇهه پڪا دڪان، چار پنج مانڊڙيون، ٽي چار هوٽلون، هڪ اسپتال، هڪ پرائمري ۽ هڪ هائر سيڪنڊري اسڪول آهي.
ڳوٺ ۾ ٻه مسجدون به آهن، جنهن مان هڪ ڳوٺ جي مين اسٽاپ تي پري کان نظر اچي ٿي جڏهن ته ٻي ڳوٺ جي اندر زناني حصي ۾ آهي، جيڪا اڃا تائين نظرن کان اوجهل آهي.
ڳوٺ جا ماڻهو سادا ۽ ملنسار آهن، ڳوٺ ۾ سندن چواڻي هر سهولت مليل آهي، سواءِ هڪ سرڪاري اسپتال جي، جيڪا اسڪول جي اڳيان اڻ مڪلمل بيٺل آهي. پاڻيءَ لاءِ ڳوٺ جي ٻاهران هينڊپمپ لڳل آهن، جنهن مان پاڻيءَ جو لائينون ڳوٺ جي تقريبن هر گهر ۾ ڇڪيل آهن، جڏهن ته گئس جي سهولت پڻ هتي ناهي پر سندن چواڻي اها هنن لاءِ ايتري ضروري ناهي.
ڳوٺ جي اڀريندي پاسي روڊ آهي، جنهن جي کاٻي پاسي اسڪول ۽ اسپتال آهي، جڏهن ته ساڄي پاسي سڄو ڳوٺ، مسجد، دڪان ۽ ڳوٺ جي واحد ڊاڪٽر عطاء الله بلوچ جي ڪلينڪ جڳهيءَ جي صورت ۾ موجود آهي.
ڳوٺ جي اڀرندي طرف ملاحن جي ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستي تي ابوبڪر ڪلمتي جي رائيس مل پڻ موجود آهي، جنهن کي آپريٽ ڪرڻ جو ڪم ڀنڀو خان ڪندو آهي، رائيس مل کان ٿورو ئي اڳتي ڳوٺ جو قبرستان پڻ آهي.
اسڪول جي چئوديواري پويان هڪ ڍورو آهي جنهن جي ڪنڌيءَ تي بيدمشڪ جي وڻن جا جهڳٽا آهن، جنهن مان جڏهن هوائن جو گذر ٿئي ٿو ته هوا جا زوزاٽ ماحول گرمائي ڇڏيندا آهن.
مون کي هي ڳوٺ گهمائڻ ۾ اسان جي ڊپارٽمينٽ جي بالا آفيسر ۽ ان وقت جي اِي. ڊي. او محترم عبدالوهاب عباسي صاحب جو وڏو هٿ آهي جنهن مون کي سزا طور هن ڳوٺ ۾ موڪليو. هن دور ۾ ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪرڻ (خاص ڪري استاد جي پيشي سان وابسته) کل جهڙي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. هن وقت به ڪيترائي اسڪول ماسترن جي ڊيوٽي ادا نه ڪرڻ سبب بند پيل آهن، جڏهن ته جيڪي اسڪول وڏيرن جون اوطاقون آهن اهي ڳڻپ کان علاوه آهن، آئون به جڏهن نئون نئون هتي آيو هئس ته گهڻن ئي دوستن ۽ هتي جي ڪجهه ماڻهن جو اهو ئي خيال هو ته نئون ماستر آهي پاڻهي ڪجهه ڏينهن ۾ ماحول سان ايڊجسٽمينٽ ڪري يا اِي ڊي او جي ڪلارڪ سان منٿلي طئي ڪري پنهنجي ڳوٺ ڀڄي ويندو، پر الله سائين جا ڪرم آهن جو آئون ماستر ٿي ڪري نه پر هڪ استاد ٿي ڪري پنهنجا فرض خوش اسلوبي سان ادا ڪري رهيو آهيان.
هن ڳوٺ جي ماڻهن مون کي ايتري محبت ڏني آهي جو مون کي هي ڳوٺ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪوٽ عالمون جيترو ئي پنهنجو ٿو لڳي، اڄ جڏهن مون کي هتي چئن سالن کان مٿي جو عرصو ٿي چڪو آهي پر لڳي ائين ٿو ڄڻ آئون هتي صدين کان رهندڙ آهيان.
 
تمام سهڻو لکيو اٿو ۔۔۔۔ جيڪڏهن اهي تصويرون ڪنهن ٻئي فورم تي اپلوڊ ڪري لنڪ ڏيو ها ته بهتر رهي ها۔
 
سنڌ سموري سون،سنڌ سڄي سرهاڻ
سنڌ ڀٽائي گهوٽ جي سنڌ ڀٽائي ساڻ۔۔
ادا سائين سنڌ ۾ اهڙا تمام گهڻا ڳوٺ آهن جيڪي واقعي
مثالي آهن،اسان جي ٿر ۾ اهڙا ڪيئي ڳوٺ آهن۔۔جيڪي مٿي بيان ڪيل خاصيتن سان ڀريل آهن۔۔۔
 
Back
Top