استحصال ڇا آهي؟ شاهد رشيد استحصال مان مراد آهي ته ڪنهن فرد يا اجتماع جي صلاحيتن ۽ توانائين کي خود غرضيءَ وارن مقصدن ۽ مفادن جي تڪميل لاءِ استعمال ڪيو وڃي. مثال طور پراڻي زماني ۾ غلاميءَ جو نظام رائج هيو، جنهن ۾ آقا، غلام جي جسماني صلاحيتن جو مالڪ هوندو هو ۽ کيس پنهنجي مقصدن جي تڪميل لاءِ خواهش پٽاندڙ استعمال ڪندو هو. اهڙيءَ ريت جڏهن هڪ قوم، ٻي قوم کي فتح ڪندي هئي ته اتان جي سمورن پيداواري ذريعن تي قابض ٿيندي هئي ۽ ان ريت مفتوح قوم جو استحصال ڪندي هئي. استحصال جي وضاحت انفرادي ۽ اجتماعي حوالي سان ٿي سگهي ٿي. انفرادي استحصال ۾ هڪ فرد ٻئي فرد جي صلاحيتن ۽ طاقت کي پنهنجي خودغرضيءَ وارن مقصدن لاءِ استعمال ڪندو آهي. جيئن قديم دؤر ۾ غلاميءَ جو نظام هيو. اڄوڪي دؤر ۾ انفرادي غلاميءَ جو اهو نظام جيتوڻيڪ ختم ٿي چڪو آهي، پر انفرادي استحصال مختلف شڪلين ۾ جاري آهي. انفرادي استحصال ۾ استحصال ڪرڻ وارو، ٻئي ماڻهوءَ جي ڪمزوريءَ مان ناجائز فائدو حاصل ڪندو آهي. اهو فائدو مالي به ٿي سگهي ٿو ۽ نفساني هوس جي تسڪين ذريعي به. جيڪڏهن استاد شاگرد کي مار ان ڪري ڏئي ٿو ته هو کانئس ٽيوشن پڙهي ته اهو شاگرد جو استحصال آهي. جيڪڏهن قرض ڏيندڙ مقروض جي مجبوريءَ مان فائدو حاصل ڪري وياج وصول ڪري ٿو ته اهو مقروض جو استحصال ڪري ٿو. جيڪڏهن هڪ سرڪاري ڊاڪٽر مريض جو صحيح علاج ان ڪري نه ٿو ڪري ته جيئن مريض کي پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ تي اچڻ لاءِ مجبور ڪري سگهي ته اهو مريض جو استحصال ڪري ٿو. اسان جي سماجي زندگيءَ ۾ ان طرح جي استحصالي روين جون اڻ ڳڻيون شڪليون موجود آهن. اجتماعي استحصال ۾ هڪ طبقو (Class) ٻئي طبقي جو، هڪ ملڪ ٻئي ملڪ جو ۽ هڪ کنڊ (Continent) ٻئي کنڊ جو استحصال ڪندو آهي. اجتماعي استحصال جو عمل انفرادي استحصال کان وڌيڪ پيچيده هوندو آهي ۽ جيئن جيئن سماجي رشتن ۾ وسعت ايندي آهي، اهو اڃا وڌيڪ پيچيدو ٿيندو ٿو وڃي. ان ڪري اڄوڪي دور ۾ اجتماعي استحصال جو سمجهڻ نسبتاً ڏکيو آهي. ڇاڪاڻ ته اڄوڪين اجتماعي استحصالي قوتن پنهنجو پاڻ کي گهڻن ئي پردن ۾ لڪائي ورتو آهي. اجتماعي استحصال کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان ان جي مختلف شڪلين تي جدا جدا غور ڪريون. اجتماعي استحصال جي پهرين اهم شڪل معاشي استحصال آهي. معاشي استحصال جو سادو مطلب هي آهي ته هڪ انسان ٻئي انسان جي محنت تي زندهه رهي. معاشيات جي اصطلاح ۾ اسان چونداسين ته ڪنهن طبقي جي معاشي استحصال مان هيءَ مراد آهي ته استحصالي طاقت، ان طبقي جي پيداواري ذريعن تي سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح قابضَ ٿي ويندي آهي ۽ اهڙي ريت ان طبقي کي پنهنجي ڪمايل دولت کان محروم ڪري ڇڏيندي آهي. معاشي استحصال تمدني ترقيءَ جي ڪنهن به مرحلي تي ٿي سگهي ٿو. زرعي دؤر ۾ معاشي استحصال تي ٻڌل نظام، جاگيرداري نظام هيو. (جيڪو اسان وٽ اڄ به بدترين شڪل ۾ موجود آهي- سنڌيڪار) جڏهن ته اڄوڪي صنعتي دؤر ۾ معاشي استحصال تي مبني نظام سرمائيدارانه نظام آهي. جاگيرداري نظام ۾ جاگيردار (جيڪو استحصالي قوت جو عنوان آهي) زمين تي مستقل ملڪيت جو حق رکي ٿو ۽ پيڙيل طبقو زرعي غلامن (Serfs) جو هوندو آهي، جيڪو زمين ۾ پوکي راهي ڪندو آهي. ان نظام جو بدترين مثال يورپ جو ابتدائي جاگيرداري دؤر هيو، جتي ڪڙمت به وراثت ۾ ملندي هئي ۽ ڪڙمي هڪ ٻنيءَ کان ڪم ڇڏي ٻئي هنڌ نه وڃي سگهندو هو. سندس شهر ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي هوندي هئي. جيڪڏهن ڪو ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته، اهو پڪڙجي پوندو هو ۽ کيس سخت سزا ڏني ويندي هئي. اڄوڪي جمهوري دؤر ۾ جيتوڻيڪ ڪڙمين کي جسماني سزائون ته نه ٿيون ڏنيون وڃن پر جاگيردارن سندن زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي. غربت، بيماري ۽ جهالت هارين جو مقدر بڻجي وئي آهي. ٻئي پاسي هارين جي ئي پورهئي جي بنياد تي غيرحاضر جاگيردار (Absentee Land Lord) يورپ ۽ آمريڪا جي سياحت جا مزا ماڻين ٿا. سرمائيداري نظام جديد مشيني ۽ صنعتي دؤر جي پيداوار آهي. هن نظام ۾ مزدور ۽ سرمائيدار جي وچ ۾ هڪ معاهدو طئي ٿيندو آهي، جنهن پٽاندڙ مزدور پنهنجي اٺن ڏهن ڪلاڪن جي سگهه ۽ پورهيو سرمائيدار هٿان وڪڻندو آهي ۽ سرمائيدار ان جي عيوض مزدور کي طئي ٿيل رقم اجوري جي طور تي ڏيندو آهي ۽ اهو اجورو ايترو هوندو آهي جو مزدور ٻئي ڏينهن سرمائيدار جي فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ زنده رهي. اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ برطانيا، جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو صنعتي ملڪ هيو، اتي مزدورن جي حالت بيحد خراب هئي ۽ انهن ۾ وڏي بي چيني پکڙيل هئي. ان زماني ۾ فيڪٽرين ۾ روزانو سترنهن ڪلاڪ ڪم ٿيندو هو ۽ ڪم ڪندڙ گهڻو ڪري عورتون ۽ ٻار هئا، ان ڪري سندن اجورو مردن کان گهٽ هوندو هو. اسان وٽ گهڻن ڪلاڪن ۽ مشقتن سان پڻ ڪم و ٺڻ جو سلسلو اڃا تائين به جاري آهي. جن ماڻهن ڪوئٽه جي ڪوئلن جون کاڻيون ڏٺيون آهن يا سمنڊ ڪناري لوڻ ٺاهيندڙ مزورن کي ڪلاڪ جا ڪلاڪ پاڻيءَ ۾ بيٺل ڏٺو آهي، انهن کي ڀليءَ ڀت اندازو ٿيندو ته جسماني محنت ڪيڏي ٿڪائيندڙ ۽ غيردلچسپ شيءِ آهي. سوڙهين ۽ اونداهين ڪوٺڙين ۾ ڏهه ڏهه، ٻارنهن ٻارنهن ڪلاڪ لڳاتار ڪم ڪرڻ سان صحت ختم ٿي وڃي ٿي، جسم بيمارين جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، نظر گهٽجي ويندي آهي، مدي جو بخار، پيچش، دم ۽ ٻيا روڳ لڳي ويندا آهن. سرمائيداري نظام ۾ بنيادي حيثيت سرمائي (Capital) جي هوندي آهي ۽ انسان جي حيثيت ثانوي هوندي آهي. سرمايو، انهن شين تي خرچ ٿيندڙ رقم کي چوندا آهن جن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ٺاهيو وڃي. اهي شيون وڪرو ٿي استعمال ٿيل رقم کان وڌيڪ رپيا آڻينديون آهن. واڌو رپين کي منافعو چئبو آهي. جنهن رفتار سان سرمايو وڌندو آهي، انهيءَ ئي رفتار سان مزدورن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو آهي. اهي پورهيت ايستائين زندهه رهندا آهن، جيستائين کين ڪم ملندو آهي ۽ ڪم کين ايستائين ملندو آهي، جيستائين سندن پورهئي سان سرمائي ۾ اضافو ٿيندو رهندو آهي. ظاهر آهي ته جبر وارين انهن حالتن ۾ مزدورن ۽ سرمائيدار جي وچ ۾ ڪوبه معاهدو مستند نه رهندو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن بامقصد معاهدي لاءِ ٻنهي ڌرين جي آزادي ۽ برابري لازمي شرط آهي. سرمائيدارانه نظام جي هڪ ٻي خصوصيت چٽاڀيٽي (Competition) آهي. ان مقابلي ۾ هڪ طبقو ٻئي طبقي کي ۽ هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کي ڌڪي، کانئس اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ان معاشري جو نصب العين (Ideal) سرمايو هوندو آهي ۽ اهڙيءَ ريت ان معاشري ۾ انسان پنهنجي مرڪزي حيثيت کان محروم ٿي ويندو آهي. سرمايو جيڪو بي جان هوندو آهي، اهو محنت، يعني زندگيءَ کي خريد ڪري وٺندو آهي. سرمائيداري نظام جي قدرن ۾ جنهن ماڻهوءَ وٽ سرمايو هوندو آهي، اهو ان ماڻهوءَ تي غلبو حاصل ڪري وٺندو آهي، جنهن وٽ رڳو سندس زندگي، سندس انساني مهارت ۽ سندس تخليقي صلاحيت هوندي آهي. اهڙيءَ ريت انسان جي ڀيٽ ۾ شين جي اهميت وڌي ويندي آهي ۽ انساني معاشرو هڪ وڏي مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. هڪ جيئرو جاڳندو انسان بذات خود مقصد نه ٿو رهي. بلڪ، معاشي مفادن جو وسيلو بڻجي ويندو آهي. سرمائيداري نظام جو آخري مرحلو سامراج آهي. سامراج ڇا آهي؟ سامراج دراصل انهن طاقتن جو نالو آهي، جن ٻي عالمي جنگ کان اڳ آفريڪا، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جي قومن کي نوآبادياتي نظام (Colonial System) جي ذريعي ڦريو، ۽ جنگ کان پوءِ جديد نوآبادياتي نظام (Neo Colonial System) جي ذريعي انهن قومن جي معيشت کي پنهنجي تابع رکيو. (عالمي سامراج پنهنجي عالمي سامراجي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ مختلف خطن ۽ ملڪن ۾ ڪجهه ڀاڙيتو ۽ ايجنٽ طبقن ۽ قومن کي ٻين قومن تي مسلط ڪندو آهي ۽ ايجنٽ طور ڪردار ادا ڪرڻ تي کين مراعتون ڏيندو آهي، جيئن پاڪستان ۾ پنجاب جو مثال آهي- سنڌيڪار)جديد نوآبادياتي نظام جو بنياد گهڻ قومي ڪمپنين (Multi National Companies) تي آهي. اهي ڪمپنيون پنهنجي مزاج ۽ مقصدن جي لحاظ کان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وانگر ئي آهن، پر پنهنجي طاقت ۽ دنيا ۾ اثر رسوخ جي لحاظ کان، ان کان وڌيڪ آهن. (يعني اُهي ۽ ان جي جوڙيوال ملڪن جي وڏن وڏن سيٺين جون ڪمپنيون مختلف ننڍن ملڪن ۾ سرمائيڪاري ۽ سيڙپ ڪري اتان جي معيشت تي ڪنٽرول حاصل ڪري وٺنديون آهن، جنهن سان اتان جي مقامي ماڻهن جي صنعتي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو آهي ۽ اُهي ملڪ رڳو خام مال فراهم ڪندڙ بنجي پوندا آهن- سنڌيڪار) هن وقت سموري دنيا ملٽي نيشنلز جي دٻاءَ ۾ آهي. انهن ڪمپنين جا اثر نه رڳو ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪمزور معاشي نظام تي ڳولهي سگهجن ٿا، پر يورپ ۽ آمريڪا جو عوام به انهن ڪمپنين جي جبر کان آزاد نه آهي. ان سلسلي ۾ ٻن ماهرن جو لکيل ڪتاب (Modern Corporation and Private Property) ”جديد دؤر جي ڪارپوريشن ۽ نجي ملڪيت“ پڙهڻ جوڳو آهي. ان ڪتاب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن ملٽي نيشنلز هڪ فرد جي زندگيءَ کي ڪيئن جڪڙي ورتو آهي. ”اهي ئي وڏيون وڏيون ڪمپنيون آمريڪي صنعت جو ڍانچو ٺاهين ٿيون. آمريڪا جي هر هڪ فرد کي پنهنجي رومزره جي زندگيءَ ۾ انهن ڪمپنين سان واسطو پوندو آهي ۽ هر وقت کيس انهن (ڪمپنين) جي خدمتن جي ضرورت پوندي رهندي آهي. (مثال طور) جيڪڏهن هو ٿورو پري جو سفر ڪري ٿو ته کيس ريل جي پٽڙين جي زبردست نظام سان منهن ڏيڻو پوي ٿو جيڪا انجڻ جي ان دٻي کي ڇڪي ٿي اها آمريڪن لوڪو موٽوِ ڪمپنيءَ (American Locomotive Company) جي ٺاهيل آهي، جيڪڏهن اهو موٽر ڪار ۾ سفر ڪري ٿو ته اها به آمريڪن ڪار اينڊ فائونڊري ڪمپني يا ان جي ڪنهن ماتحت ڪمپنيءَ جي ٺاهيل آهي. پٽڙيون ته يقيناً لوهه جي يارنهن ڪمپنين مان ڪنهن هڪ ٺاهيون هونديون. جيڪڏهن پٽريءَ جي ڪمپنيءَ وٽ هڪ کاڻ (Mine) نه هوندي ته ڪوئلي جي چئن ڪمپنين مان ڪنهن هڪ ڪوئلو فراهم ڪيو هوندو. جيڪڏهن اهو فرد ڪنهن موٽر ۾ سفر ڪري رهيو هوندو ته اها موٽر ڪار يا ته فورڊ ڪمپنيءَ ٺاهي هوندي يا ”جنرل موٽر وي“ وارن. ٽائر به يا ته فائر اسٽون جا لڳل هوندا يا يونائيٽيڊ اسٽيٽس رٻڙ ڪمپنيءَ جا ٺاهيل هوندا.“ ”جيڪڏهن اهو فرد گهر ۾ اڪيلو ويٺو تنهائيءَ جا پل گهاري رهيو هوندو ته پوءِ سندس انهن ڪمپنين سان ڀلا ڪهڙو تعلق هوندو؟ پر سائين! سندس بجلي يا گئس ته يقين سان انهن ڪمپنين مان ڪنهن هڪ فراهم ڪئي هوندي. سندس بورچيخاني جا ايليومينم جا ٿانو به آمريڪا جي اليومينم ڪمپنيءَ جا ٺاهيل هوندا. سندس ريفريجريٽر به جنرل يا بجليءَ جي ساز و سامان ٺاهڻ وارين ٻين ڪمپنين ٺاهيا هوندا. ان جو به امڪان آهي ته ڪرين ڪمپنيءَ کيس نلڪو ۽ آمريڪن ريڊيئيٽر ڪارپوريشن ان لاءِ گرم ڪرڻ جا اوزار فراهم ڪيا هجن ۽ هن پنهنجي روزمره جون شيون گريٽ اٽلانٽڪ ڪمپنيءَ مان آنديون هجن. سندس کنڊ به ڪنهن وڏي ڪمپنيءَ جي صاف ڪيل هوندي. سندس بسڪوٽ به نيشنل بسڪٽ ڪمپنيءَ جا ٺهيل آهن، جيڪڏهن هو تفريح لاءِ ريڊيو ڏانهن وڃي ٿو ته اهو هڪ سيٽ جيڪو ريڊيو ڪارپوريشن آف آمريڪا جي اجازت نامي تحت تيار ڪيو ويو هوندو، استعمال ڪندو. جيڪڏهن هو سئنيما ڏسڻ ويندو ته پيرامائونٽ، فاڪس يا وارنربرادرز جون ڇڪيل تصويرون ڪنهن اهڙي تماشگاهه ۾ ڏسندو جيڪا انهن پارٽين مان ڪنهن هڪ جي نگرانيءَ ۾ هلندڙ هونديون. ڪوبه سگريٽ کيس پسند ايندو ته ان ۾ اهو تماڪ استعمال ڪري سگهندو، جيڪو چئن وڏين تماڪ ڪمپنين جو تيار ٿيل هوندو.“ حقيقت هيءَ آهي ته اهي ئي ملٽي نيشنل ڪمپنيون ۽ ڪارپوريشنون ”بادشاه گر“ آهن. جيئن ته سڌسماءَ جا ذريعا انهن جي ئي زير اثر آهن ۽ موجوده دؤر ۾ ميڊيا پڻ سڀ کان وڏي طاقت آهي. اجتماعي استحصال جي ٻي اهم شڪل سياسي استحصال آهي. جيڪڏهن معاشي استحصال جو تعلق دولت جي خواهش سان آهي ته سياسي استحصال جو واسطو طاقت (Power) جي خواهش سان آهي. هيءَ هڪ غلط فهمي آهي ته رڳو دولت، سهوليتون ۽ قيمتي شين جو حصول انسان کي استحصال ڪرڻ تي آماده ڪري ٿو. حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن انسان هڪ حد تائين ضرورتون ۽ سهولتون حاصل ڪري وٺي ٿو ته پوءِ هو اٿارٽي (Authority) ۽ طاقت جي اضافي لاءِ سوچي ٿو. تنهن ڪري ظلم ۽ جبر جي تاريخ ۾ طاقت جي هوس جو به ايترو ئي ڪردار آهي جيترو دولت جي هوس جو. انسان طبعي طور طاقت جي مظاهري کان متاثر ٿئي ٿو. قديم دؤر جو انسان قدرت جي مظهرن کي پوڄيندو هو، ڇاڪاڻ ته هو انهن کي پاڻ کان وڌيڪ طاقتور سمجهندو هو. سائنس جي شروعات، فطرت جي مقابلي ۾ انسان کي طاقتور بنائڻ جي ڪوشش سان ٿي. مادي جي مٿان هن طاقت انساني تهذيب جي ترقيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. سياسي استحصال جي شروعات انسان جي انسان تي طاقت سان ٿئي ٿي. انسان، انسان تي ڪيئن ٿو حڪومت ڪري؟ اها ڳالهه ڪجهه وضاحت طلب آهي. ڳالهه هيءَ آهي ته انساني معاشرو رڳو ماڻهن جي ميڙ جو نالو نه آهي، پر اهو ماڻهن جو هڪ باضابطه ۽ منظم (Organized) مجموعو هوندو آهي. معاشري جو بنياد دراصل کوڙسارن سماجي معاهدن (Social Contracts) تي ٻڌل هوندو آهي. انهن سماجي معاهدن تحت معاشري جي فردن تي مختلف ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون. هر فرد تي ڪانه ڪا ذميواري عائد ٿئي ٿي ۽ گڏوگڏ کيس ان ذميواري نڀائڻ جو هڪ اختيار پڻ ملندو آهي. ڄڻ ته ذميوارين ۽ اختيارن جي سموري نظام جو نالو معاشرتي تنظيم آهي. جڏهن انسان پنهنجي اختيار کي ذميواري نڀائڻ جو ذريعو بنائڻ بجاءِ، خود ان کي هڪ مقصد بنائي وٺي ته سياسي استحصال شروع ٿي ويندو آهي. سياسي استحصال جو مطلب آهي ته انسان پنهنجي اختيار مان ملندڙ طاقت کي ناجائز طريقي سان استعمال ڪري ۽ پنهنجي ذميواري پوري نه ڪري. ائين ڪرڻ سان هو دراصل هڪ سماجي معاهدي کي ٽوڙي رهيو آهي. مثال طور رياست (State) معاشري جو هڪ ادارو آهي جنهن جا ڪيترائي فرض آهن. جيڪڏهن رياست پنهنجا فرض ته ادا نه ڪري ۽ الٽو طاقت ۽ اختيارن ۾ اضافو ڪندي رهي ته اهڙي رياست سياسي استحصال جي ڏوهه جي مرتڪب ٿيندي. سياسي استحصال ان وقت به ٿيندو آهي، جڏهن طاقت يا اختيار رڳو ڪنهن هڪ ماڻهوءَ يا اداري وٽ هجن ۽ ڪوبه ٻيو ادارو ان جو محاسبو ڪرڻ وارو نه هجي. يعني جهڙيءَ طرح دولت جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ (ارتڪاز) معاشي استحصال جو سبب بڻبو آهي، اهڙيءَ ريت طاقت جو ارتڪاز سياسي استحصال جو ڪارڻ بڻبو آهي. ميڪاولي (Michawelli) پنهنجي مشهور ڪتاب ”ال پرنچي پي“ جنهن جو انگريزي ترجمو ”دي پرنس“ (The Prince) جي نالي ڪيو ويو آهي، ان ۾ حڪمران کي پنهنجي طاقت برقرار رکڻ جا حربا ٻڌايا آهن. تنهن ڪري جڏهن رياست جي سرگرمين جو جواز معاشري جي ترقيءَ جي بجاءِ رياست جي طاقت ۾ اضافو بڻجي وڃي ته عوام جو سياسي استحصال ٿيندو آهي. قديم مصر جو فرعون دراصل سياسي استحصال جي ئي هڪ علامت آهي. مصر جا فرعون پنهنجو پاڻ کي خدا يعني طاقت جو سرچشمو قرار ڏيندا هئا، انهن ماڻهن کي غلام بڻائي مصري اهرام ٺهرايا ۽ بادشاهيءَ جي پکيڙ کي وڌائڻ لاءِ بي شمار جنگيون وڙهيون. سياسي استحصال جي سلسلي ۾ هڪ ڳالهه غور جوڳي آهي ته انسانيت، اڄ تائين کوڙ سارا سياسي نظام اپنايا آهن ۽ پوءِ انهن ۾ ترميمون به ٿيون آهن. هر دور جي انسانن پنهنجي عقل ۽ شعور ۽ ان دور جي اجتماعي ترقيءَ مطابق سياسي ڍانچا تشڪيل ڏنا. ائين سماجي ترقيءَ سان گڏوگڏ سياسي نظام به بدلجندا رهندا آهن. اڄوڪي انسانيت سياسي نظام جي حوالي سان جن نتيجن تي پهتي، انهن ئي نتيجن جي روشنيءَ ۾ سياسي استحصال جي وصف ممڪن آهي. يعني هيءَ ڳالهه ممڪن آهي ته ڪنهن پراڻي دؤر ۾ هلندڙ صحيح سياسي نظام، اڄوڪي دؤر ۾ جبر ۽ استحصال جو نظام بڻجي وڃي. سياسي قدر سماجي ۽ معاشي ادارن جو ئي عڪس هوندا آهن. انهن ادارن جي بدلجڻ سان سياسي قدر به يقين سان متاثر ٿين ٿا. اڄوڪي انسانيت هن نتيجي تي پهتي آهي ته جمهوري قدر اجتماعي ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهن. تنهن ڪري آمريت ۽ بادشاهت جو دور ختم ٿي ويو ۽ جمهوري آزاديءَ جو دؤر شروع ٿيو. جمهوريت جي هن دؤر ۾ ڪنهن به شڪل جي آمريت وارو نظام انسانن جو سياسي استحصال آهي. جمهوري سياسي نظام مان مراد رڳو اها نه آهي ته هڪ خاص وقت کان پوءِ ماڻهو ووٽ ڏين. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته جمهوري نظام ماڻهن جي جسماني ۽ ذهني نشونما جو انتظام ڪندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو ذاتي راءِ ٺاهڻ جي اهليت پيدا ڪري وٺندا آهن ۽ پنهنجي مرضيءَ مطابق ووٽ ڏيندا آهن. جسماني ۽ ذهني نشونما ۽ اؤسر ۾ خلل جي نتيجي ۾ ماڻهن جي مرضي دراصل انهن جي مرضي نه ٿيندي، بلڪ اها چند خودغرض سياسي اداڪارن جي مرضي ٿيندي. جسماني نشونما جو تعلق معاشي نظام سان آهي، جڏهن ته ذهني نشونما جو تعلق ملڪ جي تعليمي ادارن، دانشورن ۽ سڌسماءَ جي ذريعن سان آهي. جمهوري نظام جا بنيادي شرط آهن ته هڪ ته معاشي استحصال نه هجي ۽ ٻيو علمي استحصال نه هجي. معاشي استحصال جو ذڪر ته مٿي ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي علمي استحصال کي سمجهجي. علمي استحصال مان مراد هي آهي ته علم، ڏاهپ يا روڳي مذهب جي عنوان سان مظلوم ۽ محڪوم طبقن کي هيءَ پڪ ڏياري وڃي ته استحصال بلڪل فطري شيءِ آهي ۽ معاشرو به بلڪل فطري بنيادن تي قائم آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي غيراخلاقي ۽ غيرمذهبي ٿيندي. هيءَ هڪ ويڌن آهي ته انسان کي انهيءَ رستي جي وسيلي غلام بڻايو ويو، جيڪو سندس آزاديءَ جي نشاندهي ڪندڙ هيو. علم ۽ مذهب جي نالي سان استحصال ڪندڙ اصل ۾ علم ۽ روڳي مذهب جا ٺيڪيدار بڻجي ويندا آهن ۽ عوام ۾ هيءَ پروپيگنڊا ڪندا آهن ته، علم، ڏاهپ ۽ خدا تائين پهچڻ جا سمورا طريقا فقط انهيءَ طبقي وٽ آهن. معاشري ۾ علمي ٺيڪيداري قائم رکڻ لاءِ اهي جهالت کي عام ڪندا آهن ۽ علم کي فقط پنهنجي طبقي تائين محدود ڪندا آهن، جيئن (قديم دؤر ۾) هندستان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ فقط برهمڻ جو ئي حق هيو ۽ اهو ئي طبقو معاشري لاءِ قانون ٺاهيندو هو. ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته، استحصالي طاقتن کي نفسياتي طور تي هڪ خوف هوندو آهي ته ڪٿي عوام کي معاشري ۾ جاري ظلم ۽ جبر جو احساس نه ٿي وڃي، تنهن ڪري نااهل، گهٽيا ذهن رکندڙ، بي غيرت، چاپلوس، خوشامدي، ڪوڙن ۽ مفادپرست ماڻهن تي مشتمل ”فلسفين، عالمن، استادن ۽ صحافين“ جي هڪ وڏي کيپ تيار ڪئي ويندي آهي جيڪي پنهنجي عمل، تقرير ۽ تحرير جي ذريعي نه رڳو معاشري ۾ موجود ناانصافين کي قائم دائم رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر ان کي اڃا به گهرو ڪري ڇڏيندا آهن. انهن مان هڪ ٽولو قوم کي سمجهائيندو آهي ته، ”الله جي مرضي اها ئي هئي ۽ هي سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري آهي جو توهان جا ايمان ڪمزور ٿي ويا آهن، تقدير ۾ ايئن ئي لکيل هيو ۽ هاڻي صبر ۽ شڪر کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي.“ ٻيو ٽولو اصل حقيقتن کان نظرون ڦيرائيندي لفظن جي تڪرار، خيالن جي مونجهاري ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا جي زور تي مسئلن جا نت نوان مصنوعي حل ڪڍندو رهندو آهي. ان ٽولي جي سموري ڏاهپ، فصاحت ۽ منصوبه بنديءَ مان وقت ۽ وسيلن جي ضايع ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو آهي. اهي عوام کي غلط اطلاع، ڪوڙي معلومات، ناقص دليل، مصنوعي ڏاهپ، سطحي منطق ۽ ڪوڙ جي ورجاءَ سان منجهائي ڇڏيندا آهن. ان عمل کان پوءِ عوام حيران، پريشان ۽ بيڪار بڻجي ويندو آهي. کيس ڪا خبر نه پوندي آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، ڪيئن ٿي رهيو آهي ۽ ڇو ٿي رهيو آهي؟ تنهن ڪري ماحول کان فرار جي ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي. سوچ ۾ به ۽ عمل ۾ به! ۽ اها ئي استحصالي طبقن جي ضرورت ۽ خواهش هوندي آهي. معاشي، سياسي ۽ علمي استحصال کان سواءِ استحصال جون ڪجهه شڪليون ٻيون به آهن، جن کي مجموعي طور تي سماجي استحصال چئي سگجهي ٿو. هونءَ ته معاشرتي (سماجي) استحصال جون به گهڻيون ئي شڪليون آهن، پر ان مان ٻه وڌيڪ اهم آهن. هڪ جو تعلق جنس جي بنياد تي استحصال ۽ ٻيءَ جو تعلق نسل جي بنياد تي استحصال سان آهي. جنس جي بنياد تي استحصال، استحصال جي ٻين قسمن وانگر قديم دؤر کان اڄ تائين جاري آهي. انساني تاريخ ۾ هڪ طويل دور ته اهڙو به رهيو آهي جو عورت بابت هي نظريو قائم هيو ته اها انسان نه آهي، بلڪ مال، متاع وانگر هڪ شيءِ (Thing) آهي. (اڄ به اسان جي ٻهراڙين ۾ عورت کي گهر ۽ ڪٽنب جو هڪ فرد سمجهڻ جي بجاءِ استعمال ۽ وڪري يا ڏ يڻ وٺڻ جي شيءِ سمجهيو ويندو آهي، جتي شاديءَ کان وٺي زندگيءَ جي ڪنهن به ننڍي مسئلي تائين عورت جي راءِ، خواهش ۽ سوچ جي ڪابه اهميت نه آهي- سنڌيڪار) نه هن لاءِ علم حاصل ڪرڻ جو ڪو موقعو هيو ۽ نه اجتماعي زندگيءَ ۾ ڪا سندس اهميت هئي ۽ سندس زندگي، ڳالهائيندڙ حيوان کان وڌيڪ نه هئي. ارسطوءَ جهڙي فلسفيءَ جو به اهو نظريو هيو ته جڏهن قدرت ڪنهن کي مرد بنائڻ ۾ ناڪام ٿيندي آهي ته ان کي عورت بڻائيندي آهي ۽ شيڪسپيئر جي بقول: Frailty, thy name is Women! اڄوڪي دؤر ۾ جيتوڻيڪ نظرياتي طور تي عورت کي انسان تسليم ڪيو ويو آهي، پر عملي طور تي اڪثريت هن ڳالهه کي اڃا تائين تسليم ناهي ڪيو. عورت کي يا ته انسان کان گهٽ درجي جي شيءِ قرار ڏئي نظرانداز ڪيو ويندو آهي يا وري کيس مافوق الفطرت وجود عطا ڪيو ويندو آهي. جنهن جو مقصد ڪائنات جي تصوير ۾ رنگ ڀرڻ آهي. عورت بابت ان غلط نظريي، نه رڳو معاشرتي زوال آندو آهي، بلڪ ان عورت جي صلاحيتن کي به منفي انداز ۾ متاثر ڪيو آهي. ننڍي کنڊ جي عظيم مفڪر مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي بقول عورت بابت غلط تصور، سڄي معاشري جي زوال جو ڪارڻ هوندو آهي. ”اسان وٽ ٿيو هي آهي جو اسان زالن کي پنهنجو محڪوم بڻائي ورتو سين ۽ انهن کي ذليل سمجهيوسين، جنهن جو نتيجو هي آهي ته اسان جي گهرن جي فضا محڪومي ۽ ذلت جي گدلاڻ سان ڀرجي وئي آهي. اسان ان فضا ۾ ساهه کڻئون ٿا ۽ اسان جا ٻار ان ۾ پلجن ٿا، تنهن ڪري اسان جي ان گهريلو زندگيءَ جو اثر اسان جي گهر کان ٻاهرين سموري زندگيءَ تي پيو ۽ جهڙيءَ ريت اسان گهر ۾ پنهنجين عورتن کي محڪوم ۽ ذليل سمجهيو، اهڙيءَ ريت اسان گهر کان ٻاهر پاڻ به ذهني، طبعي ۽ اخلاقي لحاظ کان محڪوم ۽ ذليل ٿي وياسين ۽ اسان جي اولاد ان سانچي ۾ ٺهندي وئي. سچ پڇو ته اسان جي موجوده قومي پستي، جمود، بي ضميري ۽ بداعمالي ۽ استقامت جي کوٽ، گهڻي حد تائين اسان جي ان گهريلو زندگيءَ ڪري ئي آهي. هاڻي جيڪڏهن اسان کي آزاد ٿيڻو آهي ۽ هن دنيا ۾ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي پاڻ ۾ همت پيدا ڪرڻي آهي ته ضرورت آهي ته اسان پنهنجي عورتن ۾ عزت نفس ۽ رفاقت جو شعور پيدا ڪريون.“ معاشرتي (سماجي) استحصال جي ٻي اهم شڪل جو تعلق نسل پرستيءَ سان آهي. هڪ نسل (Race) جيڪو پاڻ کي اتم، اعليٰ ۽ خالص سمجهندو آهي سو ٻين ”گهٽيا“ ۽ ”اڻ خالص“ نسلن جو استحصال ڪندو آهي. نسل پرستيءَ جي بنياد تي استحصال جو عمل خاصو قديم آهي. افلاطون ۽ ارسطوءَ يونانين جي فطري برتري جي دعويٰ جي تصديق ڪندي ان جو اظهار ڪيو ته هو وحشين کان افضل آهن. ارسطوءَ جو نظريو هي هيو ته ڪجهه ماڻهو فطرت پاران غلام پيدا ڪيا ويند اآهن ته جيئن هو يونانين جي خدمت چاڪري ڪري سگهن. اهڙي طرح يهودين جو خيال هيو ته، ”کين خدا جي محبوب خلق جو درجو ان ڪري مليو آهي، جو خدا ۽ ابراهيم عليه السلام ۽ سندس اولاد جي وچ ۾ هڪ ابدي معاهدو ٿي چڪو آهي. ان تحت برتريءَ جون وصفون ۽ خاصيتون يهودي والدين طرفان پنهنجي ٻارن ۾ وراثت جي طور تي اچي وينديون آهن ۽ اهڙيءَ ريت اهي مستقل طور تي اعليٰ ۽ افضل رهندا آهن.“ انهيءَ نسل پرست سوچ جو نتيجو آهي جو مغربي معاشرن ۾ جيتوڻيڪ قانوني طور تي ته ڪارا برابر آهن، پر عوامي سطح تي Kuk Lux Klan جهڙيون انتها پسند اڇي چمڙيءَ واريون جماعتون به موجود آهن، جيڪي ڪارن کي الڳ ڪرڻ چاهين ٿيون. نسل پرستيءَ جي جنهن پاليسيءَ تي ڏکڻ آفريڪا ۾ عمل ٿيو آهي، ان کي Aparthetid چيو ويندو آهي. ان پالسيءَ ڪاري ۽ اڇيءَ چمڙيءَ وارن کي نسلي بنيادن تي ٻن جدا جدا حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. انهن جا رهائشي علائقا، تعليمي ادارا، تفريحي پارڪ، پوسٽ آفيسون ايستائين جو قبرستان به الڳ آهن. نسل جي بنياد تي استحصال جي نتيجي ۾ ئي نازي ازم ۽ Anti Semaitism کي هٿي ملي. نسلي برتريءَ جي نتيجي ۾ ئي برهمڻ، اڇوتن (Untouchables) جو استحصال ڪندا آهن. استحصال جي هڪ ٻي شڪل غور لائق آهي، جنهن کي نفسياتي استحصال چئي سگهجي ٿو. استحصالي قوتون عوام جي اجتماعي نفسياتي ڪمزورين کي وڌيڪ گهرو ڪنديون آهن، سندن جذبن سان کيڏنديون آهن ۽ ائين پنهنجا استحصالي مقصد آسانيءَ سان حاصل ڪري وٺنديون آهن. نفسياتي استحصال جي هڪ شڪل هيءَ آهي ته عوام ۾ ڪنهن قوم خلاف جعلي دشمني پيدا ڪئي وڃي. ان جعلي دشمنيءَ جي نتيجي ۾ قوم جي اجتماعي نفسيات ۾ شعور، سمجهه ۽ بصيرت بدران خوف ۽ غصي جا رويا پيدا ٿيندا آهن. انهيءَ خوف ۽ غصي واري ڪيفيت ۾ عوام پنهنجي دوستن ۽ دشمنن ۾ فرق ڪرڻ جي لائق نه رهندو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي استحصالي طاقتن جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. انهن ۾ منفي تعصب جنم وٺندا آهن. هيءَ ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڪابه قوم تعصب يا عصبيت کان سواءِ پنهنجو وجود برقرار نه ٿي رکي سگهي. غالباً ابن خلدون پهريون شخص هيو جنهن تعصب جي اهميت کي تسليم ڪيو هو. پر تعصب ٻن قسمن جو هوندو آهي: هڪ مثبت تعصب ۽ ٻيو منفي تعصب. مثبت تعصب جو بنياد خوداعتمادي ۽ پنهنجين صلاحيتن ۽ توانائين جي اعتراف تي هوندو آهي، جڏهن ته منفي تعصب جو بنياد ڪنهن ٻئي ٽولي سان دشمني ۽ تنگ نظريءَ تي هوندو آهي. مثبت تعصب ۾ شعور کي جذبن تي غلبو حاصل هوندو آهي، جڏهن ته منفي تعصب ۾ جذبن کي شعور تي غلبو حاصل هوندو آهي. نفسياتي استحصال ڪندڙن جو طريقو هي هوندو آهي ته هو منفي تصعب کي فروغ ڏيندا آهن ۽ ائين کين جذباتي بنائيندا آهن. مختلف شڪلين تي روشني وجهڻ کان پوءِ هاڻي اسان استحصالي عمل جي انسانن تي پوندڙ اثر جو جائزو وٺنداسين. ڳالهه اصل ۾ هيءَ آهي ته انسان جي ذهني ۽ جسماني نشونما لاءِ هڪ مخصوص ماحول گهربل هوندو آهي، جيڪڏهن اهو ماحول ميسر نه ٿئي يا کانئس زوريءَ کسيو وڃي ته سندس ترقيءَ جو عمل رڪجي ويندو آهي. انساني زندگيءَ جو مفهوم انهيءَ نشونما ۽ ترقيءَ سان وابسته آهي. فقط رڳن ۾ رت جي ڊوڙڻ جو نالو زندگي نه آهي. استحصال جو بنيادي نتيجو هي نڪرندو آهي جو فرد ۽ جماعت ٻنهي جي نشونما رڪجي ويندي آهي. استحصال جو شڪار طبقو پنهنجون سموريون ذهني ۽ جسماني صلاحيتون استحصالي طبقي جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح اهڙا فرد ۽ اجتماع پنهنجي صلاحيتن ۽ خوديءَ کان ويڳاڻا ٿي ويندا آهن. پنهنجي خوديءَ ۽ صلاحيتن کان اها ويڳاڻپ ۽ اجنبيت انهن جي شخصيت کي اندران ئي اندر کائيندي رهندي آهي. اهي انساني درجي کان ڪري پوندا آهن ۽ حيوانن بلڪ جمادات جي صف ۾ هليا ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته ساڻن جيڪو سلوڪ روا رکيو ويندو آهي، ساڳيو سلوڪ ڪنهن بي جان شيءِ سان به رکيو ويندو آهي. الميو اهو آهي ته اڪثر استحصال زدهه ماڻهو ان صورتحال کي قبول به ڪندا آهن ۽ ان کي زندگيءَ جي وهنوار جو لازمي جزو سمجهڻ لڳندا آهن. هو خود پنهنجي نظرن ۾ ڪري پوندا آهن. انهن جي حيثيت جذبن ۽ احساسن کان وانجهيل انهن اوزارن جهڙي ٿي پوندي آهي، جن کي ڪو ماڻهو پنهنجو ڪم ڪڍڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي. انهن کي پنهنجي چوڌاري هر شيءِ ڌاري نظر ايندي آهي. هو معاشري جي سمورين سرگرمين ۽ سمورن قدرن کي بي معنيٰ سمجهڻ لڳندا آهن. استحصال زده فردن کي يقين ٿي ويندو آهي ته کين پنهنجي زندگيءَ تي بلڪل قدرت حاصل نه آهي. نه هو پنهنجي خيالن جي اصلاح ڪري ٿا سگهن ۽ نه پنهنجي عمل سان دنيا ۾ ڪابه تبديلي آڻي سگهن ٿا. بي مقصديت ۽ ڇسائپ جو احساس کين سماجي قدرن کان ۽ بيوسيءَ جو احساس کين پنهنجي ڪردار ۽ عمل کان ويڳاڻو ڪري ڇڏيندو آهي. هو پنهنجي شخصيت کي وڃائي ڇڏيندا آهن. يعني استحصال زده فرد نه رڳو پنهنجي داخلي شخصيت کان ويڳاڻا ٿي ويندا آهن، بلڪ هو معاشري جي ٻاهرين صورتحال کان به اوپرا ٿي پوندا آهن. ايستائين جو هو پنهنجي پورهئي جي پيداوار کان به لاتعلق ٿي ويندا آهن. ڇاڪاڻ ته هو گهٽ ۾ گهٽ لاشعوري سطح تي هي احساس ضرور رکندا آهن ته سندن پورهئي جي نتيجي ۾ تخليق ٿيل شين جو مالڪ هو نه پر ڪو ٻيو آهي. اهڙي طرح تخليقي عمل سان سندن دلچسپي گهٽ ٿيندي ويندي آهي. گويا استحصال انسان جو دشمن آهي، اهو انسان جي خودي ۽ انا کي قتل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ انسان، انسان هوندي به حيوانن واري زندگي بسر ڪندو آهي. استحصالي عمل کي سمجهڻ کان پوءِ هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته ڇا استحصال جو خاتمو ممڪن آهي؟ ڪجهه ماڻهو دليلن سان هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته، ”انساني معاشري ۾ استحصال جو عمل هڪ اڻٽر حقيقت آهي ۽ انسان کي حقيقت پسند ٿيڻ گهرجي.“ حقيقت هيءَ آهي ته، اهڙن ماڻهن جو ذهن ۽ تخيل سنڍ بڻجي چڪو آهي. هو موجود شين ۽ واقعن کان مٿي سوچي ئي نٿا سگهن. پنهنجي تخيل جي اٻوجهائپ جي ڪري هو موجود استحصالي عمل کي فطري، ازلي ۽ ابدي سمجهڻ لڳندا آهن. انساني تاريخ شاهد آهي ته انسان پنهنجي حالتن بدلائڻ جي سگهه رکي ٿو ۽ معاشري مان استحصال ختم نه ٿيڻ جو ڪوبه سبب نه آهي. تاريخ ۾ اسان کي جتي استحصال جو ذڪر ملي ٿو، اتي انهن انقلابن ۽ تحريڪن جو به ذڪر ملي ٿو، جن جي نتيجي ۾ انسان، ظلم، جبر ۽ استحصال تي ٻڌل نظام ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. تاريخ ۾ ان انساني جدوجهد جو ذڪر به ملي ٿو، جنهن علم، عدل ۽ محبت جي بنياد تي معاشري جي تشڪيل ڪئي ۽ ان ڳالهه جو احساس اسان پنهنجي انفرادي تجربن جي روشنيءَ ۾ به رکون ٿا ته انسان جون حالتون ابدي نه هونديون آهن. هو جيڪڏهن چاهي ۽ شعوري طور تي حالتن کي بدلائڻ جي جدوجهد ڪري ته حالتون ضرور تبديل ٿينديون آهن. ان سلسلي ۾ سڀ کان وڏيون رڪاوٽون جهالت ۽ مايوسي آهن. تنهن ڪري استحصال کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي جدوجهد جي ضرورت آهي جنهن جا بنياد شعور ۽ اميد تي هجن ۽ اهي جدوجهد ڪندڙ فرد به استحصالي روين کان پاڪ هجن ته جيئن ايئن نه ٿئي جو استحصال روپ مٽائي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ واپس انساني معاشري ۾ موٽي اچي. (سنڌيڪار: ثناءَ الله سومرو) (سنڌ فورم، اپريل 1999ع) سنڌيڪا جي ٿورن سان
ادا تمام زبردست۔۔۔۔ ادا ڀلي جو هڪ مضمون ڪنهن نه ڪنهن سوال جو ئي جواب هوندو آهي پر جڏهن مضمون هڪ مقالي يا ڪتاب جي صورت هجي ته ان جي عنوان کي ان سوالي انداز مان ڪڍي خبريه انداز ۾ آڻڻ بهتر هوندو آهي۔۔۔ (مثال استحصال جي حقيقت)۔۔۔۔ يا۔۔۔ (استحصال جي باري ۾)