مون کي هن ويب سائٽ تي نظر پئي ته مون ان کي معمولي سمجهيو پر ان ۾ جيڪو ڪتاب مخزن العلوم هيو ۽ مان جڏهن ان جو مطالعو ڪيو ته منهنجون اکيون کليل رهجي ويون هن ۾ هر مسئلي جو حل هيو جيڪو اسان جهڙن جاهلن جي لاء ضروري آهي ڪيترا ڪم اسان غلط ڪندا آهيون پر انهن کي اسان صحيح سمجهندا آهيون پوء اهي مسئلا اسلامي به آهن منهنجو مطلب هن ۾ هر مسئلي جو حل آهي http://www.maktabah.org/index.php/c...cle/75-misc/707-makhzan-ul-uloom-sindhi-.html [/SIZE] pasand
جواب: علم جو خزانو پيارا ڀاء توهان تمام پياري سائيٽ جي نشاندهي ڪئي آهي الله توهان کي خوش ڪري ۔ ڪافي ڀيرا ان سائيٽ جي حاضري ٿي آهي سائين عبدالرحيم نظاماڻي ان سائيٽ جو ڏس ڏنو هو ليڪن اوهان اڄ وري ياد تازي ڪرائي اوهان جي مهرباني۔
جواب: علم جو خزانو ڪجهه شروعاتي پنا پڙهڻ مان ته ڏاڍو لطف آيو ۽ جنهن اصلوب سان لکيل آهي ته اڳتي به سٺو معلوماتي ڪتاب هوندو ... ڊائونلوڊ ڪري ڇڏيو آهي، باقي ويٺا پڙهنداسون ۽ مگسي صاحب کي دعائون ويٺا ڏينداسون .. رب اسانجي علم ۾ اضافو فرماءِ ... آمين
جواب: علم جو خزانو ادا علمي مواد جي ونڊڻ جو جيڪو قرب اوهين ڪيو آهي، ان جي لاءِ اسان ته فقط دعائون ئي ڏئون سگهون ٿا الله پاڪ اوهان جي هر مشڪل حل فرمائي
جواب: علم جو خزانو تمام بهترين سائيٽ سنگت سان ونڊ ڪئي اٿئو ادا مگسي صاحب اهڙيون ڪوششون جاري رکجو سدائين گڏ