نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو هي آبي چڪر جو هڪ مانڊاڻ مونکي مليو هو شايد سائين گل آغا جي بلاگ تان ... قيمتي ۽ معلوماتي آهي، جنهن ۾ آبي چڪر انتهائي آسان سمجهايل آهي ته ڪيئن سمنڊ مان ۽ درياهن مان پاڻي اوٻر ۽ ٻاڦ ذريعي هوا ۾ وڃي ٿو اتان وري ڪيئن جبلن تي ڄمي ٿو ۽ اتان وري ڪئين درياهن جي ذريعي سمنڊ جو رخ ڪري ٿو ۽ ان سان گڏ جر جو پاڻي به ملي ڪري انسان جي جيئاپي جو سبب ٿئي ٿو ...
اهو سڄو مانڊاڻ جو انتهائي منظم طريقي سان ٿئي ٿو ... ان تي رب العالمين جا لک ٿورا ۽ سندس رحمتون آهن جو ڪائنات ۾ اهڙا نظام قائم ڪري انسان جي جيئاپي جا ڪارڻ پئدا ڪيا اٿس ... الحمد الله رب العالمين ...