اڄوڪي ڏينهن 2 جولاء تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 2 جولاءِ 1910ع شاعر صورت علي ڪورائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1933ع ليکڪ استاد علي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1936ع ليکڪا سرلا تهلراماڻي (سکر / دهلي)جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1944ع اداڪاره سشيلا پنجابي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1956ع ليکڪ سڪندر عباسي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1957ع صحافي عبدالمجيد اوڍو (ڳڙهي ياسين) جو جنم ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1966ع ليکڪ بهادر خان ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1971ع ليکڪ ۽ سياسي، سماجي اڳواڻ بدر سميجو (پنو عاقل) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1972ع موسيقار عباس علي ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1977ع ليکڪ ناچيز پاهي جو جنم ڏينهن آهي. 2 جولاءِ 1984ع شاعر سعيد راهي مهيسر (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 2 جولاءِ 1997ع سياستدان آغا غلام نبي پٺاڻ (سلطان ڪوٽ) جو لاڏاڻو ٿيو. 2 جولاءِ 1998ع شاعر بشير بيوس اوٺو جي وفات ٿي. 2 جولاءِ 1998ع دنيا جي سڀ کان ڊگهي انسان طور مشهوري ماڻيندڙ عالم چنا جي وفات ٿي.2 جولاءِ 2005ع ناليواري شخصيت حاجي علي بخش ڪولاچي جو لاڏاڻو ٿيو. 2 جولاءِ 2007ع ناليواري ٽي وي پروڊيوسر ۽ هدايتڪار هارون رند جو انتقال ٿيو. _______ اڄوڪي ڏينهن 2 جولاءِ جا ڪجهه اهم واقعا حواله: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ روزانه ڪاوش انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وڪيپيڊيا سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام _______