• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي لازمي (نائين) ڪلاس لاءِ : (شاگردن لاءِ نوٽس)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ٻائيتاليهون (42) ڪتاب سنڌي لازمي نائين ڪلاس لاءِ (نوٽس) شاگردن لاء پيش ڪجي ٿو.

هن نوٽس جي سهيڙ سائين سليم رضا خاصخيلي جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو ۽ راجه سليم خاصخيلي جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.




 
سبحان الله۔۔۔تمام سٺي ڪوشش۔۔۔۔
علم جي ترقي لا سنڌ سلامت جون ڪوششون لازوال آهن۔ عظيم سنڌ جا عظيم ماڻهو هن عظيم پليٽ فارم تي عظيم ڪارناما ڪرڻ ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ويٺا آهن۔ هڪ دفعو ٻيهر سڄي سنڌ سلامت سٿ کي مبارڪ باد۔
شل سنڌ سدائين سُکي ستابي رهي۔ علم ۽ ادب جي روشني سان مهڪندي رهي۔ آمين۔
 
ماشاالله هڪ بهترين ڪوشش آهي پڙهندڙ شاگردن جي لاءِ نهايت ئي ڪارآمد ٿيندي۔

سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ هڪ بهترين اضافو،
سليمان وساڻ جي ڪتاب سهيڙڻ جي ڪاوش جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي،
 
هي شاگردن لا ڪارآمد ڪتاب آهي هن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا پر هڪ مسئلو آهي ڪتاب ڊائونلوڊ نه پيو ٿئي آن لائين پڙهجي ٿو
 
تمام سٺا ۽ ڪارآمد نوٽس آهن.جيڪي نه رڳو شاگردن پر استادن لاءِ پڻ لاڀائتا آهن.سليمان وساڻ صاحب!توهان جي محنت،ڪاوش ۽ جذبي کي جس هجي.سنڌ سلامت سائيٽ اسان سنڌين لاءِ تمام گھڻي فائديمند آهي.
 
Back
Top