• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا جو ڪعبو ؟؟؟

ٻنهي دوستن کي پسند ڪيو آهي ٻنهي جي ڳالھ وڻِ۔
ڏي منهن جمالي صاحب رڳو شعر لکي هلي ٿا پئو
وسلام
 
ادا هن شعر جي سمجهاڻي به ڏيندا۔۔۔۔
بظاهر شعر مشڪوڪ پيو لڳي۔۔

سائين شڪ نه ڪريو ڇو ت شڪ حرام آهي
انسان چئن ڪيفيتن مان گذرندو آهي جنهن ۾ ٽي ڪيفتون حرام آهن ۽ هڪ حلال آهي يا جائز آهي۔
1۔ شڪ
2۔ وهم
3۔ ظن
اهي حرام آهن
4۔ يقين جا جائز يا حلال آهي۔
سچل جنهن وقت ۾ هي شعر چيو (منهنجي نظر، سوچ خيال مطابق جيڪو غلط به ٿي سگهي ٿو ) عوام کي سياسي سماجي معاشي حالتن کان آگاه ڪندي ُان وقت ٻٽي معيار رکندڙن کي دليري سان مُلن ۽ قاضين کي به باخبر يا وقت جي حاڪمن کي صحيح ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تنبيه ڪئي آهي۔
 
ادا هن شعر جي سمجهاڻي به ڏيندا۔۔۔۔
بظاهر شعر مشڪوڪ پيو لڳي۔۔

سوچڻ لڳي غريب ته غم عقبىٰ جو خطرو ڏيوس،
تازي ڪئي آ صلاح سامراج جي گهري ماني ته ڪفر جي فتوىٰ ڏيوس۔

ادا۔۔۔اهو شعر به مٿان گُذري ويو۔۔۔۔پنهنجي ڪمتر علم کان شرمنده آهيان۔۔
آسان سنڌي ۾ سمجهائيندا ته مهرباني ٿيندي۔۔
 
ادا ڀانيان ايئن پيو ته منهنجو امتحان ٿا وٺو!!!
هي شعر غلط لکيل آهي ان جي جوڙ جڪ درست نه آهي جيتريقدر ياد اچي ٿو ته هي شعر زيب عاقلي صاحب جو آهي۔
لکڻ جو مقصد صرف اهو هو ته جڏهن به ڪو حق گهرندو آهي ( اٽو لٽو ۽ اَجهو) ته وقت جا ٺيڪيدار سياستدان ملان ذاڪر ٻانڀڻ ٻاوا پادري ربي ۽ مربي سڀ ڪَٺي ٿي ويندا آهن ۽ ان حق گهرڻ واري کي الله سائين جو آسرو آخرت ۾ صبر جا ڀاڱا ياد ڪرائڻ شروع ڪندا آهن پر جي حق گهرڻ وارو انهن جي دولاب ٺڳي ۽ فريب ۾ نه آيو ته پوءِ يڪدم چئي ڏيندا ته هن ته الله سائين مان نااميدي ظاهر ڪئي آهي هي ته ڪو ڪافر آهي۔ ان کي ڪافر قرار ڏئي نهوڙي ڇڏيوس۔
اڄوڪي تاريخ يعني 5 جولاءِ 1977 تي ذوالفقار علي ڀٽو جو تختو اونڌو ڪيو ويو هو۔ مارچ 1977 ۾ اليڪشن ٿي هئي ڌانڌلين جا الزام لڳا پر تحريڪ ۾ ڌانڌلي جو ذڪر ئي نه هو صرف ۽ صرف ته ڀٽو ڪافر آهي ۽ پاڪستان کي اسلامي نظام کپي۔ اهڙين حالتن ۾ سچل بيباڪ چوي ٿو ڇا جو ڪعبو، ڇا جو قبلو، هي سڀ بهانا،
ناقص نيت ڪعبي واري، مرد گهمن ميخانا،
سچل ستگر ائين آکيو، حق لهن مستانا۔
 
پنهنجي ڪم علمي جي ڪري يا طبيعت جي ڪري پر اهڙي شاعري صفا نه ٿي وڻي جنهن جو مفهوم (تشريح ڪندڙن جي وڪالت گهڻي ۽ شاعر جي ڪردار سُٺي هُجڻ ڪري ٿورو ٿورو) صحيح لڳندو آهي ۽ ظاهري طور ڪفريه يا وري دِل آزاريندڙ هوندو آهي۔
هي شعر به جنهن چيو آهي کڻي انهي جي نيت تي شڪ نه ڪجي ته به اهو ڪنهن ٻي انداز ۾ به چئي پيو سگهجي۔
جي مُلن جي ڪعبي ڏانهن رُخ ڪري سجدا ڪرڻ ۽ وري ٻٽا معيار رکڻ تي کين ٿِڙيل چيو ويو آهي ته دين دنيا کان بي فڪر مستانا وري ڪهڙي حاصلات جي توقع رکن ٿا۔
 
ادا جيتري قدر منهنجو خيال آهي ته جيئن ته صوفيا جي شاعري ۾ تمام عميق مطلب آهن. تنهنڪري اها هتي بيان ڪرڻ جو فائدو گھٽ آهي ڇو ته ڪنهن جي سمجه ۾ ايندي ئي نه،هون به صوفيا جي شاعري جي تشريح تي شارحن جون ڪافي رايون آهن........
 
جي ايم فل مڪمل ڪرڻ جي باوجود به ڪم علمي آ ؟؟ ته الله سائين اوهانجي علم ۾ واڌارو ڪري۔ اها انساني فطرت آهي جاهئڻ به گهرجي ته ان کي ڪا شي پسند هجي ڪا نه به هجي ڪنهن شي سان مرڻ مارائڻ وارو عشق هجي ۽ ڪنهن شي کان ڀڄي جان ڇڏائڻ واري نفرت هجي۔
هاڻ مسئلو آهي ته شاعر ٻي انداز ۾ به چئي سگهيو پئي !!! اها ته شاعر جي مرضي ، جي اوهانکي اعتراض آهي ته هلو هلون سچل جي درگاهـ درازا شريف هلي پڇونس به صلاح مشورو ڏيونس، مانواري محمد سليمان وساڻ صاحب جي ڳوٺ به گهمي اچون۔
 
ڇا جو ڪعبو، ڇا جو قبلو، هي سڀ بهانا،
ناقص نيت ڪعبي واري، مرد گهمن ميخانا،
سچل ستگر ائين آکيو، حق لهن مستانا۔

ڇا جو ڪعبو، ڇا جو قبلو، هي سڀ بهانا،
الله پاڪ جي عبادت ئي اصل مقصد آهي۔ ڪعبي ڏانهن منهن ڪري عبادت ڪرڻ ته صرف هڪ بهانو آهي۔ الله ته هر طرف ، هر جا تي موجود آهي۔

ناقص نيت ڪعبي واري، مرد گهمن ميخانا،
اهي ماڻهو جيڪي اندر ۾ برائي رکن ٿا، شراب پين ٿا، ميخانه گهمن ٿا اهي ڪعبي طرف منهن ڪري ڀلي ڪيتريون ئي نمازون پڙهندا رهن پر سندن نيت صحيح نه هوندي ته عبادتون به قبول ڪو نه ٿيندن۔۔۔

سچل ستگر ائين آکيو، حق لهن مستانا۔
اهي مستانا جيڪي الله ۽ رسول صلي الله عيله وآله وسلم جي عشق ۾ مست آهن اهي ئي حقيقت ۾ حق جي راه تي آهن۔
 
ادا جيتري قدر منهنجو خيال آهي ته جيئن ته صوفيا جي شاعري ۾ تمام عميق مطلب آهن. تنهنڪري اها هتي بيان ڪرڻ جو فائدو گھٽ آهي ڇو ته ڪنهن جي سمجه ۾ ايندي ئي نه،هون به صوفيا جي شاعري جي تشريح تي شارحن جون ڪافي رايون آهن........

ادا رشيد ٽالپر۔۔صوفياڻي شاعري ڏُکي ضرور آهي پر ان کي سمجهڻ سان جيتري ڄاڻ ملي ٿي اها ڄاڻ پورو ڪتاب پڙهڻ سان به ڪو نه ملندي آهي۔ هن فورم تي سنڌ جو هر رنگ هجڻ گهرجي ۽ سنڌ ته آهي ئي صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي۔ صوفي لاڙو رکندڙ دوست صوفياڻي شاعري ونڊ ڪندا رهن ۽ پنهنجي علم سان ٻين کي به لاڀ پهچائيندا رهن ته اهو ڀلو ڪم ٿيندو۔
اهڙي شاعري ۽ ان جي تشريح تي ميمبر پنهنجا پنهنجا خيال به ڏيندا ته ان کي بهتر طور سان سمجهي سگهجي ٿو۔
 
ادا جيتري قدر منهنجو خيال آهي ته جيئن ته صوفيا جي شاعري ۾ تمام عميق مطلب آهن. تنهنڪري اها هتي بيان ڪرڻ جو فائدو گھٽ آهي ڇو ته ڪنهن جي سمجه ۾ ايندي ئي نه،هون به صوفيا جي شاعري جي تشريح تي شارحن جون ڪافي رايون آهن........

ادا رشيد ٽالپر۔۔صوفياڻي شاعري ڏُکي ضرور آهي پر ان کي سمجهڻ سان جيتري ڄاڻ ملي ٿي اها ڄاڻ پورو ڪتاب پڙهڻ سان به ڪو نه ملندي آهي۔ هن فورم تي سنڌ جو هر رنگ هجڻ گهرجي ۽ سنڌ ته آهي ئي صوفين ۽ درويشن جي ڏرتي۔ صوفي لاڙو رکندڙ دوست صوفياڻي شاعري ونڊ ڪندا رهن ۽ پنهنجي علم سان ٻين کي به لاڀ پهچائيندا رهن ته اهو ڀلو ڪم ٿيندو۔
اهڙي شاعري ۽ ان جي تشريح تي ميمبر پنهنجا پنهنجا خيال به ڏيندا ته ان کي بهتر طور سان سمجهي سگهجي ٿو۔

ادا اوهان جو فرمان بجا آهي ته”صوفياڻي شاعري ڏُکي ضرور آهي پر ان کي سمجهڻ سان جيتري ڄاڻ ملي ٿي اها ڄاڻ پورو ڪتاب پڙهڻ سان به ڪو نه ملندي آهي۔“ باقي جيڪي احباب تصوف سان لاڙو رکندڙ آهن انهن لاءِ ته اهڙي شاعري ڪا نئي ڳالھ نه هوندي باقي جيڪي احباب تصوف کان سري سان واقف ئي نه آهن انهن لاءِ تعجب انگيز زرور هوندي. تنهنڪري منهنجي ناقص راءِ آهي ته شيئر اهو ڪجي جيڪو سڀني لاءِ يڪسان مفيد هجي. نه ته بقول شاه،
”ڪيهي ڪام ڪاپڙي، ٿا اهڙي روش رون،
نڪا دل دوزخ ڏي، نڪي بهشت گهرن،
نڪو ڪم ڪفار سين، نڪا مسلماني من،
اڀا ائين چون، ته پرين ڪجو پانهنجو.“
 
جيڪي دوست تصوف کان واقف نه آهن انهن کي تصوف سمجهائڻ ڏوهه ته ناهي۔ ظاهري طرحٍ اهڙا شعر پنهنجي اندر ۾ وڏي گهرائي رکن ٿا انهن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ضروري آهي ته جيئن تڪڙ ۾ ڪو ڪنهن تي ڪفر جي فتوا نه ڏئي سگهي۔
شاهه جو مشهورشعر آهي ته
روزا نمازون اي پڻ چڱو ڪم، پر اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي۔۔!!

ظاهري طرح سان هي شعر به شڪ ڏياري ٿو ته نعوذ باالله شاهه صاحب روزن ۽ تمازن کان روڪي رهيا آهن يا سندن نظر ۾ ان جي اهميت گهٽ آهي، پر گهري نظر سان ڏسبو ته شاهه صاحب ايمان جي اصل حقيقت کان آگاهه ڪيو آهي ته الله پاڪ کي اسان جي عبادتن جي ضرورت نه آهي۔ اصل ڳالهه، اصل رمز ته ڪو ٻيو آهي۔۔!!
 
سائين شاھ صاحب جي شعر مان صاف آهي ته روازا نماز چڱو ڪم آهن سو سائين اسان کان پڄي اهو ڪم ڪو نه ٿو سو اڳيان ڪٿان هلندا سين ۔
باقي رهيو آهي جمالي صاحب جو ڏنل شعر سو سير و سلوڪ سان جُڙيل آهي جن ان عالم جو سير ڪيو آهي اتان جو سلوڪ ونڊيو اٿن سو جنهن ان مقام جوسير ناهي ڪيو تنهن کي اهو شعر ڪير سمجهائي والله عالم بثواب۔
وسلام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ايم فِل پي ايڇ ڊي جا مهڻا ڀلي ڏيو پر ڪا به ڊگري عقلِ ڪُل جو سرٽيفڪيٽ ڪانه ٿي ڏي۔

منهنجي ڪم عِلمي کي ٻيهر مڃيندي آئون حوالي طور صرف هِن ڪتاب جو نالو کڻندس۔ ڪو پڙهي ڏِسي ته نام نهاد صوفين جو ”گند پاڪ“ ڪيئن ۽ ڪٿي ڪٿي موجود آهي؟

اسلام ڪي مُجرم (شبير احمد)
 
ادا عبدالحفيظ۔۔۔ڊاڪٽر شبيراحمد جو اهوبدنام زمانه ڪتاب منهنجي نظر مان به گُذريو آهي۔
سندس اٿاريل اعتراضن کي نهايت سهڻي انداز ۾ اسلام ڪي مجرم ڪون۔۔؟ ۾ بيان ڪيو ويو آهي۔
islam-kay-mujrim-kon.gif
 
ادا حفيظ اسلام ڪي مجرم هڪ منڪر حديث جو لکيل آهي. جيڪو تصوف نه بلڪه احاديث شريفه کي غلط ثابت ڪرڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي. هڪ اهل حديث استاد محمد حسين ميمڻ انجو سٺو جواب ڏنو آهي. اسلام ڪي مجرم ڪون؟ ۾................. باقي اوهان صحيح ٿا چئو ته علم ڪامل ته ڪنهن وٽ به نه
آهي..........
 
ايم فِل پي ايڇ ڊي جا مهڻا ڀلي ڏيو پر ڪا به ڊگري عقلِ ڪُل جو سرٽيفڪيٽ ڪانه ٿي ڏي۔

منهنجي ڪم عِلمي کي ٻيهر مڃيندي آئون حوالي طور صرف هِن ڪتاب جو نالو کڻندس۔ ڪو پڙهي ڏِسي ته نام نهاد صوفين جو ”گند پاڪ“ ڪيئن ۽ ڪٿي ڪٿي موجود آهي؟

اسلام ڪي مُجرم (شبير احمد)

ڪو به رَناڻو مهڻو نه آهي پَر پُرتڪلفات ڪلمات جي به ڪا خاص ضرورت نه آهي۔ صرف هڪ ڪتاب تي ڳَنڍ ڏئي ويهڻ به مناسب نه آهي (اسلام ڪي مجرم)۔ زندگيءَ ۾ جيڪو توهان سان وهيو واپريو اهڙو تجربو ۽ سچائي ٻي ڪانهي۔ ۽ اهو به لازمي ناهي جنهن ۾ توهان جو علم جهجهو هجي ته ڪنهن ٻئي دوست جو به ان ۾ سٺو تجربو هجي۔
ڌڻي در شُڪرانا بجا آڻيو جنهن اوهان کي ڏاهو بڻايو ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري جو اهل ڪيو۔ پر جي ڪم علمي جو راڳ ڳائيندو ته اهو به ناشُڪري ۾ شمار ٿيندو!! ۽ ناشُڪري ربّ جي ذات کي پسند نه آهي۔ گڏوگڏ وڏائي به۔
 
هــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــل سائين کي چوان هت ته تلوارون نيزا ڀالا سڀ ٻاهر تيار پيا آهن،
 
Back
Top