سنڌ گهري ٿي آزادي ڪانفرنس ڇو ۽ ڇالاءِ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سنڌ گهري ٿي آزادي ڪانفرنس ڇو ۽ ڇالاءِ
    جيئي سنڌ متحدا محاذ جي چيئرمين ڪامريڊ شفيع برفت سنڌ جي قومي غلامي خلاف ”سنڌ گهري ٿي آزادي“ جي سري سان 6 جولاءِ ڇنڇر ڏينهن حيدرآباد ۾ قومي اجتماع جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ جي هر مڪتبه فڪر جي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي ڀرپور شرڪت جو سڏ ڏنو آهي.
    هن وقت سنڌ جي موجودا غيريقيني صورتحال ۾ هڪ آزادي پسند انقلابي تنظيم جو سنڌ جي قومي غلاميءَ خلاف ۽ آزادي جي حاصلات لاءِ عظيم الشان قومي اجتماع کي سنڌ جي سنجيدا ۽ دانشور حلقي ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي. ڇو ته سنڌين کي هر دفعي اليڪشني پارٽيون پنهنجن ڪوڙن واعدن ۽ دم دلاسن سان استعمال ڪنديون رهنديون آهن. سنڌ جو وڏيرو ۽ جاگيردار پنهنجي ذاتي مفادن خاطر اٻوجهه ماڻهن کي طبقاتي بليڪ ميلنگ جو شڪار ڪري نام نهاد اسيمبلين ۾ پهچي ٿو پوءِ اتي کيس نه سنڌ ياد ٿي اچي نه وري سنڌي. اتي کيس رڳو پنهنجا طبقاتي مفاد ئي ياد ايندا آهن. انهي بيهودا اليڪشني سرشتي سبب پنجاب سامراج سنڌ جي غلاماڻي نظام کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪرائي رهيو آهي. پوءِ ڪڏهن پيپلز پارٽي جي شڪل ۾ انهي غلاماڻي نظام کي وڌيڪ جسٽيفاءِ ڪرڻ جي لاءِ هو وري نقلي اليڪشني قوم پرستن کي اليڪشن ۾ آڻي ڪڏهن هڪ اڌ سيٽ ڏياريندا آهن ته ڪڏهن وري کين شڪست فاش ڏياري قوم پرستي جي نظرئي تي وار ڪندا آهن. سنڌ کي انهي نام نهاد ڪوڙي اليڪشني چنگل کان آزاد ڪرائڻ ۽ کين سنڌ جي غلاماڻي زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ باقائدا عوامي مهم شروع ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي هيءَ هڪ نهايت وقتائتي، اثرائتي ۽ ملهائتي مهم آهي جتي مظلوم سنڌي هارين، پورهيتن، شاگردن، اديبن، دانشورن، شاعرن، ڊاڪٽرن، صحافين ۽ انجنيئرن جو هڪ عظيم الشان قومي ميڙ منقعد ٿيندو.
    ڪامريڊ شفيع برفت ”سنڌ گهري ٿي آزادي“ ڪانفرنس جي موقعي تي جيڪي نقطا پيش ڪيا آهن. سي نهايت ڌيان طلب آهن جهڙوڪ:سنڌو درياءَ تي سنڌين جي مالڪي.
    1.سنڌ جي معدني وسيلن تي سنڌين جو حق.
    2.سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي.
    3.ذوالفقار آباد جهڙن هاڃيڪار منصوبن جو خاتمو.
    4.تعليمي ادارن مان رياست جي مداخلت جو خاتمو.
    5.مذهبي انتهاپسنديءَ جو خاتمو.
    6.قومي ڪارڪنن تي رياستي تشدد، لاشن جو ملڻ ۽ مسنگ پرسنز جي روڪ ٿام
    7.سنڌ ۾ لساني تضاد جو خاتمو.
    8.سنڌ جي جابلو پٽي کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ رکڻ
    جهڙا اهم نقطا رکيا ويا آهن جن جي اهميت کان ڪو به سنڌ دوست ماڻهو انڪار نه ٿو ڪري سگهي.
    جيئي سنڌ متحدا محاذ جي قومي آزادي جي تحريڪ ۾ فعال ڪردار ڪري ئي رياست مٿس پابندي مڙهي ڇڏي آهي. اها پابندي 70 سال اڳ حر تحريڪ تي لڳي هئي ۽ هاڻي ان بعد پهريون ڀيرو ڪنهن سنڌي تحريڪ تي پابندي مڙهي وئي آهي. انهي پابندي پويان ڪهڙا عوامل ڪار فرما آهن انهن جي سڀني کي ڀلي ڀت خبر آهي. دنيا کي خبر آهي ته جسمم ۽ بي ايس او آزاد ٻئي سياسي تنظيمون آهن ۽ اهي عوامي احتجاج ذريعي قومي آزادي جون تحريڪون آهن انهن کي دهشت گرد قرار ڏئي پابندي مڙهڻ سان جهڙوڪ رياست سنڌي ۽ بلوچ قومن جي قومي تحريڪ آزادي کي تسليم ڪري ورتو آهي.
    ”سنڌ گهري ٿي آزادي“ جو اجتماع انهي ڪري به منفرد حيثيت جو حامل آهي ته هن کان اڳ ڪنهن به آزادي پسند جماعت جو ايڏو ڀرپور اجتماع حيدرآباد ۾ منقعد ڪرڻ جي تياري نه ڪئي وئي آهي. جيئن ته حيدرآباد جي جاگرافيائي حيثيت سنڌ جي دل جي حيثيت رکي پئي. ان ڪري اتي اهڙو تاريخي قومي اجتماع ڪري سنڌ جي گهر گهر، ڳوٺ ڳوٺ جي شرڪت سنڌ جي قومي ڪاڄ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندي. ڇو ته سنڌي قوم سمجهي ٿي ته جسمم هڪ قومي انقلابي پارٽي آهي ۽ اها سندن قومي نمائندگي ڪندي. سنڌ جي آزادي عالم اقوام تائين پهچائيندي جنهن سان سنڌ جي قومي تحريڪ آزادي کي هٿي ملندي.
    قومي اجتماع قومن جا ريفرينڊم هوندا آهن. تحرير اسڪوائر جي ريفرينڊم مصر جي فرعون کي جيل موڪلي ڇڏيو. اڄ ڪلهه يورپ، آمريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ ڀرپور عوامي اجتماعن دنيا ۾ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. سنڌ ۾ 23 مارچ 2012 تي جسقم جي فريڊم مارچ سنڌ جو ڪيس مضبوط ڪيو، اهڙي طرح سنڌي قوم دنيائي ڌارا ۾ داخل ٿي، هاڻي ان ڌارا کي نه رڳو برقرار رکڻو آهي پر ڪاميابي سان اڳتي هلائڻو به آهي. جهڙي ريت فريڊم مارچ ۾ سڀئي سنڌي آزادي پسند پارٽيون شامل هيون تيئن پڪ آهي ته ”سنڌ گهري ٿي آزادي“ ڪانفرنس ۾ به سڀئي پارٽيون شرڪت ڪنديون، جيڪا آزادي پسند پارٽين جي تاريخي ٻڌي جو اهڃاڻ هوندو.
    مجموعي طور تي ”سنڌ گهري ٿي آزادي“ اجتماع سنڌ جي قومي جدوجهد آزادي جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. هي اجتماع ٻين اجتماعن کان نوعيت ۾ به مختلف انهي ڪري به آهي جو اهو هڪ پابندي مڙهيل تنظيم جي پليٽ فارم تان ڪيو پيو وڃي. پروگرام جي اعلان ڪرڻ سان ئي سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۾ اتساهه پيدا ٿيو آهي ۽ هينئر سان ئي پروگرام جون تياريون زور شور سان جاري آهن. ڪارڪنن چاڪنگ ڪرڻ، وال پوسٽر هڻڻ ۽ در در آگاهي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. يونٽ، يونٽ ۾ جلسا ڪاميٽيون تشڪيل ڏنيون ويون آهن جيڪي قومي ڪارڪنن جي وڌ کان وڌ شرڪت لاءِ پنهنجي ڪم ۾ مشغول آهن.
    6 جولاءِ سنڌ جي ٻڌي ۽ اتحاد جو ڏينهن آهي، 6 جولاءِ سنڌين جي احتجاج جو ڏينهن آهي، 6 جولاءِ سنڌ جي قومي تحريڪ آزادي جي نئين روشن جدوجهد جو باب رقم ڪندو، 6 جولاءِ جو اسان ۽ اوهان سڀني کي بي چيني سان انتظار آهي، 6 جولاءِ سنڌ گهري ٿي آزادي جي ڏينهن پنهنجو تاريخي ۽ قومي فرض ادا ڪريو. سو هلو هلو حيدرآباد هلو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو