اي ٽي ايم مشين ۽ ڊڪيتي...!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2013۔

  1. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    [​IMG]

    دوستو۔۔۔جڏهن اي ٽي ايم مان ڪيش ڪڍندي اوچتو ڦورو اچي وڃن ته برا مهرباني ڪڏهن به ڪو سوال جواب ڪرڻ جي يا منع ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندا۔ ان وقت ڪا به هوشياري ڪرڻ بيوقوفي ٿيندي۔ ڇو جو انهن ماڻهن ۾ ڪا به انسانيت نه هوندي آهي انڪري پنهنجي قيمتي زندگي کي خطري ۾ وجهڻ دانشمندي نه آهي۔
    ان صورتحال ۾ توهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي۔ ؟
    ڪنهن به قسم جي ڦُر يا ڊڪيتي کان بچا لا هر اي ٽي ايم مشين ۾ هڪ سسٽم لڳل آهي۔
    توهان پنهنجي پِن ڪوڊ کي ريورس ۾ لڳايو۔ مثال طور: 1234 پِن ڪوڊ آهي ته 4321 دٻايو۔
    جڏهن توهان ابتو پِن ڪوڊ لڳائيندا ته توهان جي مطلوبه رقم نڪري ايندي پر اها اڌ ٻاهر ۽ اڌ مشين ۾ ڦاسي پوندي ان سان گڏوگڏ ايئن ڪرڻ سان اي ٽي ايم مشين پوليس کي به الرٽ ڪري ڇڏيندي ۽ توهان کي ڦُريندڙ کي خبر به نه پوندي۔
    اسان جي حفاظت ۽ مدد لا هر اي ٽي ايم مشين ۾ اهو سسٽم لڳل آهي۔
    (فيس بُڪ تان ورتل)
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سٺي ڄاڻ ۔۔۔ پر ان وقت عقل ڪم ڪري ته ائين ڪري سگهبو ۔۔۔ نه ته ڪنپٽي تي پستول ۔۔۔ الامان، ڀلن ڀلن جا هوش خطا ٿين ٿا ۔۔۔ پر پو به هي هڪ سٺي ۽ ڪارائتي ڄاڻ ونڊ ڪرڻ تي ٿورا ۔۔۔ لک قرب
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    تمام سٺي ڄاڻ ڏني اٿو
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ها پر هتي اسان وٽ اهو سسٽم به ڪم نه ٿو ڪري ۔۔۔۔ جڏهن پوليس ئي ڦورن سان ٻڌل هجي ته پوء ڇا ڪبو سائين ۔۔۔ بس پنهنجي حفاظت ڪجي ۽ ڪوشش ڪري ڪنهن الجهن ۾ نه پئجي ۔۔۔۔ ڇو ته زندگي پئسن کان وڌيڪ قيمتي آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    پر ڀاء ممتاز اهڙو ڪو به سسٽم نه موجود آهي ۽ نه ئي وري في الحال ممڪن آهي۔۔
    مثال طور جيڪڏهن پِن ڪوڊ 5555 آهي يا وري 7887 آهي ته پِن ڪوڊ کي ابتو ڪرڻ وارو طريقو ته فيل ٿي ويندو؟ مشين کي ڪير سمجهائيندو ته اهي ڪوڊ سِڌو آهي يا اُبتو۔۔ اهڙو ڪو پروگرامر في الحال ته مارڪيٽ ۾ ڪونهي۔۔ پر اڳتي اچي وڃي ته ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا ٻروچ۔۔۔ پِن ڪوڊ کي آساني سان تبديل به ڪري سگهجي ٿو۔۔
    هي سسٽم پاڪستان ۾ واقعي اڃا شروع نه ٿيو آهي۔۔باقي ٻاهر رهندڙ سنڌين لا هي معلومات ضرور اهميت جوڳي آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين جڏهن پگهار اچي وڃي ته هڪ ئي ڏينهن سڀ پيسا ڪڍي گهر رکو۔۔ ٿورا ٿورا ڪري استعمال ڪندا رهو۔۔اي ٽي ايم جو جهنجهٽ ئي ختم۔۔ڀلي ڊڪيت اي ٽي ايم تي نه ملن پر توهان کي وطن ڪارڊ ۽ بينظير ڪارڊ وارن جي رش ضرور ملندي۔۔جيڪي ايمرجنسي ۾ توهان کي وڏي پريشاني ۾ وجهي ٿا ڇڏين۔۔پيسن جي سخت ضرورت هجي ۽ هنن همراهن جي پيهه لڳي پئي آهي، اصل ويل ڪري وڌو اٿن۔۔هڪ هڪ همراهه جي هٿ ۾ ڏهه ڏهه ڪارڊ وري ڪلاڪن جا ڪلاڪ اي ٽي ايم تي قبضو۔۔هڪ ڀيري مان ٽي ڏينهن مسلسل اي ٽي ايم تي ويندو رهيس پر گهارو، درساڻو ڇنو، ڌاٻيجي کان آيل ڪٽڪ جا ڪٽڪ اي ٽي ايم تي ڌرڻو هنيو ويٺا رهيا پر منهنجو وارو نه آيو۔۔ آخر هڪ دوست کان پيسا وٺي ڪم ٽپايم۔۔اهو ظلم آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو