هڪ شرط
جولين سمن اهو شخص آهي جنهن آبادي وڌڻ سان نقصان ٿيڻ جي نظرئي جي نه صرف مخالفت ڪئي،پر جيڪي ماهر ان جا حامي آهن،تن کي للڪاريو ته جيڪڏهن توهان کي پنهجي نظرئي تي ايڏو يقين آهي ته پوءِ مون سان هڪ شرط هڪ هزار آمريڪي ڊالرن جو رکو،ڪي به پنج ڌاتو چونڊيو، مون کي يقين آهي ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ انهن جو اگھ ڪرندو،۽ جيڪڏهن اگھ وڌي وڃي ته شرط توهان کٽي ويندا.1980 کان 1990 تائين اهو شرط رکيو ويو.