ساري دنيا جا سنڌي سڄڻو، اڄ سنڌ جي مور راڳي، اُستاد محمد جمن مرحوم جي ويهين ورسي آهي، پر مونکي خبر آهي ته ان مهان راڳي مرحوم کي ڀيٽا ڏيڻ واسطي، ڪٿي به ڪا تقريب، ٻيو ڪجهه نه ته به سندس آخري ۽ ابدي آرام گاهه سندس قبر تي ڪو چار قُل دُعا جا پڙهڻ ڪونه ويو هوندو......... سنڌي موسيقي، اُستاد مرحوم محمد جُمن کان سواءِ اڌوري آهي...... سنڌ سلامت جي هن اڱڻ تان آئون مرحوم محمد جمن جي باري ۾ لکيل مهان شاعر مرحوم تاجل بيوس جو مقالو پيش پيو ڪريان، جيڪو هن پنهنجي ناياب ڪتاب” ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ جي ڪتابي ڪڙي ”ڪنڌيءَ ڪؤنر تون“ ۾ سرجيو هو...... دوستو، سنڌي ڪتاب، سنڌي مضمون، سنڌي شاعري، سنڌي ڪهاڻيون، اسان جي سنڌ جي تاريخ جوڙين ٿا، اسان جِي ڏات، اسان جي فهم ۽ فڪر ۾ اٿاهه اضافو ڪن ٿا، اسان جي سنڌي سڀيتا ۽ سونهن ۾ بي پناهه واڌارو آڻين ٿا.......... ان ڪري پنهنجي ٻولي، پنهنجي ادب، پنهنجي ڪلچر، ۽ سنڌ جي واهڻ وستين ۽ شهرن ۾ سنڌيت کي برقرار رکڻ چاهيو ٿا ته سنڌي ڪتابن کي خريد ڪيو، سنڌي ڪتابن کي پڙهو، پاڻ ته سنڌي ڪتاب پڙهو پر پنهنجي سڀني دوستن کي قائل ڪيو ته اسان سنڌين جي بقا، سنڌي ڪتاب پڙهڻ، ۽ سنڌيت جي پرچار ڪرڻ ۾ ئي ممڪن آهي...... سنڌي ڀائرو ۽ ڀيڻون پيش آهي سنڌ جي مهان راڳي اُستاد محمد جمن مرحوم جي باري ۾ سنڌ جي ڀلوڙ شاعر مرحوم تاجل بيوس جو مقالو...... سُر ۽ سنگيت جو جو سورج اُستاد محمد جُمن مرحوم از: تاجل بيوس اُستاد محمد جمن جهرا عظيم فنڪار صدين جي وٿيءَ کان پوءِ ئي پيدا ٿيندا آهن. اڃان ماسٽر محمد ابراهيم جي وڇوڙي جا زخم ڇُٽا ئي ڪين هُئا ، جو مٿان 24 جنوري 1990ع تي سُر ۽ سنگيت جو سرجڻهار، استاد محمد جُمن اسان کا جدا ٿي ويو... ڄڻ سنڌ ساڻيهه تان سنگيت جو سج لهي ويو، سندس جُدائيءَ ۾ ماڻهن ته ڇا، سازن به ڳوڙها ڳاڙيا هُئا. تنبوري جي تند تُٽي پئي هُئي. سُرندن ۽ سارنگين ماتم ڪيو هو. بينُن ۽ بئنسرين ڪيڏارو ڇيڙيو هو.. 24 جنوري جي باک ويلي موت جي راڪاس رڙ ڪئي هُئي، جنهن ماٿيلي کان مڪليءَ تائين ڪاري آنڌاريءَ سان ٽانڊن جو مينهن وسايو هو. هاڻي ته پڪوازن ۽ باجن، ۾ گُهڻن گهر جوڙڻ شروع ڪيا آهن. بينن ، بئنسرين ۽ تنبورن تي گَرُ چڙهي وئي آهي، جنهن کي صاف ڪري ڇيڙي، سُرن کي معنى جي ويس پهريائڻ لاءِ وري صدين جي سفر جي ضرورت آهي..... هنن حقيقتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اُستاد محمد جُمن ڪيڏو وڏو فنڪار هو. سندس جاءِ ڀرجي سگهي يا نه ، پر سنگيت جي انهن ساڳن رستن ۽ پيچرن تي هلڻ لاءِ سندس پُٽ شفيع محمد (*****) وڏا هيلا هلائي رهيو آهي.... اسان دُعاڳو آهيون ته اُستاد جو هي فرزند تسلسل به قائم رکندو، ۽ پيدا ٿيل خال جي پُورائي لاءِ شفيع محمد به لطيف جو کاهوڙي ثابت ٿي ڏيکاريندو... اُستاد محمد جمن جا وڏڙا بلوچستان جا رهواسي هُئا، جيڪي شاهه بلاول نورانيءَ جي فقيرن سان ڄاتا سُڃاتا ويندا هئا. اباڻي ڳوٺ”ڪنڊ“ مان لڏ پلاڻ دوران اُستاد محمد جُمن جو جنم 1935ع ۾ ڳوٺ ”سوڙهه“ ۾ ٿيو هو. هن جو ننڍپڻ گهڻو ڪري سندس ناني وٽ گُذريو، جيڪو سرندو ۽ دنبورو ڏاڍي سُٺي مهارت سان وڄائيندو هو. روزگار جي تلاش ۽ ٻين معاشي مجبورين جي ڪري هن خاندان کي به سنڌ جي ان پاڻي ڪشش ڪري مائي ڪلاچيء جا وڻ ڏيکاريا. جڏهن اُستاد محمد جمن جو والد بُزرگوار، حاجي احمد، بلوچستان مان لڏي ڪراچيءَ جِي بستي لالو کيت ۾ ويٺو، ته اُن وقت سندس جوانيءَ جو زمانو هو. ابتدا ۾ ڍولڪ وڄائيندو هو، پوءِ بئنسري وڄائڻ شروع ڪيائين.... اُستاد محمد جمن بئنسري وڄائيندي ، ريديو اسٽيشن ۾ پير پاتو. ريڊيو تي آڊيشن ڏئي ٻاهر نڪتو ته گائڪ جي حيثيت سان ڄاتو سُڃاتو ويو، اهڙيءَ طرح، هو ڪراچي ۽ حيدرآباد ريڊيو تان سنڌي راڳ جي خدمت ڪندو رهيو.. اُستاد محمد جُمن کان اڳ ڪيترائي سنڌي راڳ، موسيقيءَ جي گرنٿ ۾ هُئڻ جي باوجود،به ڪين ڳاتا ويندا . مثال طور: ديسي، ڪاموڏ ۽ بروو، گرنٿ جا راڳ آهن، جيڪي اڳ ڪلاسيڪيءَ ۾ ته ڳاتا ويندا هُئا، پر ڪافي ڳائي هنن راڳن کي عام نه ڪيو ويو ويو هو. استاد محمد جُمن ڪافي به ساڳي داستان مان کنئي، راڳ جو نالو به داستان وارو ۽ دوهڙا به ان ئي داستانن مان کڻي لطيف جي رسالي جا گُم ٿيل راڳ روشنيءَ ۾ آندا....اها اُستاد محمد جُمن جي خاص خوبي هُئي، جنهن سنڌ جِي ڪافيءَ کي اوتارن ۽ درگاهن مان ڪڍي سنڌ جي عام ماڻهوءَ تائين پهچائي ، مقبول بڻايو. راڳ ڳائبا ته شُڌ يعني خالص ڳائبا،جن ۾ ڪنهن به قسم جي ملاوٽ نه ڪبي، جيئن ڀيرويءَ ۾ گن ڪلي ڳاتي ويندي آهي. هڪ راڳ کي ٻئي راڳ ۾ نه ملايائين.صاف ٻُڌايائين ته هيءَ ڌُتڻ آهي ۽ هُوءَ اڇڙي آهي، هيءَ ٽوڙهي آهي ۽ هُوءَ گاج!..... راڳ اهو وڃي هٿ ڪبو، جيڪو گرنٿ ۾ ئي نه لڀندو ۽ پوءَ منجهس سنڌيت جو رنگ رکي، کيس سنڌ جي ڳوٺن تائين پهچائبو......سُرن جي تقسيم به خوبصورت ڪبي،جيڪو راڳ جي هر ماهر جو ڪم ناهي... استاد محمد جُمن ڳائڪيءَ ۾ مينڍون استعمال ڪري، راڳ کي خوبصورت کان خوبصورت بڻائي ٻُڌندڙن تي وجداني ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندو هو. ”مينڍ“ راڳ جي اها خوبي اهي، جيڪا سارنگي، فلوٽ ۽ ستار ۾ته ٿيندي آهي، پر هارمونيم ۾ ٿئي ڪانه، اُستاد محمد جُمن جو اهو ڪمال هو جو ڳلي مان مينڍ ڪڍي باجي جي ٻن ٽن سُرن کي آڱرين سان ڇُهي، مينڍ جو پُورائوڪري، آواز ۾ مڌرتا پيدا ڪندو هو، جنهن جي ساک ، راڳ جا ڄاڻو، پنڊت، خانصاحب ۽ گائڪ به ڀريندا هُئا..... ور ور ڪري اُستاد محمد جمن جي لئي کي ساراهيندا هُئا. ڇو جو تال يا ٺيڪي، ۾ نئين سج نئين جدت پيدا ڪندو رهندو هو. ساڳي راڳ مان ڀلي ته ڏهه ڌُنون ٺاهي هڪ ڌُن ٻيءَ ڌُن سان نه ملندي ، ڄڻ سُرن جي مدد سان راڳ جا نقشا ويهي جوڙيندو هو... وفات کان ڪجهه مهينا اڳ سنڌ ۾ ڀارت ورش مان هڪ پنڊت آيوهو، جيڪو راڳن بابت کوجنا ڪري رهيو هو. استاد محمد جُمن کان سوال ڪيائين ته سُر ست (ساــــ ري ـــــ گا ـــــ ما ـــــ پا ــــ ڌا ــــ ني) آهن، پوءِ اٺون سُر (ٽيپ سا) ڇو ٿو لڳايو وڃي؟ اُستاد محمد جُمن جو جواب هو: اٺين سُر نه لڳائڻ سان تال مُڪمل نه ٿيندو، جنهن ڪري سرگم تال ۾ پورو نه ٿيندو، اٺين سُر لڳائڻ سان اٺ ماترائون، پوريون ٿين ٿيون.... يعني تين تال مُڪمل ٿيندو، جيڪو اٺن ماترائُن جو ٺَيڪو آهي. اُن پنڊت جواب ٻُڌڻ کان پوءِ استاد محمد جُمن واري ئي انداز ۾ ساڻس تاڙو ملائي داد ڏنو هو. اُستاد محمد جُمن حاضر مجلس کي پرکي ۽ پروڙي راڳ ڳائندو هو، پوءِ ڇو نه نيم ڪلاسيڪي يا خيال ۽ ٺمري ڳائڻا پون، شاهه جي رسالي سان استاد جي عشق جي اها حالت هُئي جو رسالي جي سڀني داستانن کي ويهي راڳ ڪمپوز ڪيائين....جنهن لاءَ کيس ڏينهن رات نُور نچوئڻو پيو ۽ اهڙيءَ طرح ثابت ڪري ڏيکاريائين ته ڀٽائي جو هر داستان راڳ به آهي.... سندس هن قسم جي کوج ڪراچي ٽيليويزن تان قسطن ۾ ڏيکاري ويئي هُئي. جيڪو سلسلو اٽڪل ٽن مهينن تائين هليو هو. سندس تحقيق ۽ ڪمپوزيشن جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا..... 1. پلڪ نه رهي دل توري، ور ميان خان بلوچا (راڳ آبري) هن راڳ ۾ ريکپ ۽ نکاد تيور سُر استعمال ڪيل آهن، جيڪو ڪافي ٺاٺ سان مشابهت ٿو رکي. 2. ٻاروچان ٻاجهه کڻي، آئون ٿي ڇلان ڇپرين. (راڳ آبري) 3. آئون جيهائي ذات، تون پاڻ سُڃاڻج سپرين الا! (راڳ کاهوڙي) هن راڳ ۾ ڀيرون ٺاٺ استعمال ڪيو ويو آهي. 4. هيري هٿ وڌائين، ويهي ساٽين وچ ۾! (راڳ ڪاموڏ) هن راڳ ۾ بلاول ٺاٺ آندو ويو آهي. 5. وٽان وڃ نه مون، منهنجو تون هين تون! (راڳ بروو) هن راڳ ۾ ڪافي ٺاٺ ڪتب آيو آهي. اُستاد محمد جُمن جي ڪن مشهور ڪافين، ڪلامن جو اجهو هن ريت وچور آهي. منهنجو مُلڪ ملير، زاري سا زاري، ڪيچ وڻن ڏي ڪاهيان ڙي، آرياڻي پنهون ري، دوست پيهي در آئيو، آئون شل ويڙهه وڃان، ساهڙ لهج سنڀار، راڻل تو بن رات، مون ۾ عيب اپار، ، جيڪي ڏٺو هو مون، ڪارون وس ڪيام، يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي، رانجها ساڏڙي ويڙهي، ڪيچ پنهل ڏي هل، ڪاهي هل، مون کي ڏيرن آهي ڏکوئيو، وغيره، مون خاڪپوش جو به ڪجهه ڪلام ڳاتائين، جيئن ته ” ڏاڍي لڳڙي لارــــ ڪري ڪهل ڪوهيار، آيو عشق امام، صبح شام، ڏاڍو عشق لڳو اڻڄاڻن سان.......... منهنجي ڄاڻ مطابق هنن نون ۽ پُراڻن شاعرن جو ڪلام ڳاتائين، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، سچل، بُلي شاهه ، خواجه غلام فريد، مصري شاهه، ٻُڍل فقير، عثمان فقير، مير سڪندر خان کوسو، پيرل پياسي، طالب المولى ۽ تاجل بيوس. اُستاد بڙي غلام علي خان، اُستاد عاشق علي خان، اُستاد اميد علي ، اُستاد مُبارڪ علي خان ، اُستاد امير علي خان کي دل جي گهرائين سان ياد ڪندو هو. اُستاد محمد جُمن جا اهي شاگرد جيڪي عام تائين پهتا انهن جا نالا هن ريت آهن،شفيع محمد( استاد جو فرزند) علي محمد خاصخيلي، زيب النساء حُسين بخش خادم، روبينه قُريشي، زرينه بلوچ ۽ قادر علي، تازو مون اُستاد جي ننڍي فرزند غلام اويس کي ٻُڌو، جيڪو سُر تال جو پڪو، پُختو لڳو،اڳتي هلي، ٿي سگهي ٿو ته غلام اويس به استاد محمد جُمن جون سڪون لاهي. راڳ جِي راڻِي عابده پروين به استاد جي گائڪيءَ جي ساک ڀريندي آهي. آئون خاڪپوش هڪ دفعي ميلي جي موقعي تي استاد محمد جُمن کي پنهنجي ڳوٺ ويو هيس، جنهن ۾ سارنگيءَ تي سنگت جهونڙو اُستاد مجيد خان ڪري رهيو هو، هن موقعي تي درگاره جي گادي نشين سائين حيات شاهه جي هٿڙن سان سندس دستار بنديءَ جي رسم ادا ڪرائي وئي هُئي. هڪ ميلي جو موقعو، ٻيو اُستاد جو اسان جي ڳوٺ ۾پهريون دفعو اچڻ ڪري وڻن تي، ڀتين تي، ڇتين تي ماڻهو ئي ماڻهو هُئا. محفل صُبح تائين جاري رهي، جنهن موضوع جون مصرائون هُيون انهيءَ سان ٺهڪندڙ ڏوهيڙا هُئا، هڪ هڪ مصرع ۾ شاهه جا ڏهه ڏهه بيت ٿي چيائين، الا! الا! ان محفل کي ياد ڪندي استاد جُمن چوندو هو، تاجل! درگاهه پير حيات شاهه جي ڳوٺ جا ماڻهو راڳ ۽ راڳي جِي عزت ڪري ڄاڻن. مان ڪڏهن ڪڏهن حاضري ڀرڻ سندس گهر ويندو هُئس، نم جي هيٺان کٽ تي ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪندو هو. ٿڌا ساهه ڀري اسان جي ڪن سرڪاري ادارن جون ڏاڍ مُڙسيون بيان ڪندو هو. مان تبرو ڪري ته ڪونه ڄاڻان، باقي اندر ئي اندر ۾ انهن ادارن جي سربراهن کان نفرت جو اظهار ڪندو هُئس. جڏهن اُستاد محمد جُمن جو فن عروج تي هو، ان وقت ساڻس ٻه اکيائي ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وئي، اهڙن سربراهن ۽ تعلق رکندڙن جا سُور استاد اندر ئي اندر آخر تائين سانڍي رکيا هُئا، جيڪي قبر ۾ به پاڻ سان گڏ کڻي ويو. شفيع محمد ۽ قادر عليءَ ٻُڌايو ته ،24 جنوري، 1990ع واري رات هڪ وڳي تائين سڀني کي راڳ ڳارايائين، ان وقت سندس ٻيا به فرزند محمد حسن ۽ غلام اويس (هٿ ٻه پير اُستاد محمد جُمن جهڙو) ۽ سندس ڌيئرون مهناز ۽ شهناز به موجود هُيون، سامهون ڀت سان لڳل تختيءَ تي مصري شاهه ، خواجه فريد ۽ سچل جي ڪلام سان گڏ شاهه جو رسالو به پيو هو، اوچتو زمين تي شاهه جو رسالو ڪري پيو، پڇڻ تي کيس ٻُڌايو ويو ته شاهه جو رسالو ڪري پيو آهي، ان رات ئي آغا خان اسپتال ۾ رات جو پنجين وڳي سسڪيون ڀريندي اُستاد اسان کان جُدا ٿي ويو........!! ڪنهن فرد يا شخصيت تي تڏهن ئي قلم کڻڻ گهرجي، جڏهن اهو فرد عملي طور فرد مان ڦري ادارو نطر اچي، استاد محمد جُمن به سُر ۽ سنگيت جو هڪ مڪمل ادارو هو، جنهن جي اندر مان سُر لهرُن جو رُوپ وٺي نڪرندا هُئا. هڪ اٿاهه سمُونڊ هو. جنهن جي پاتار ۾ سُر ۽ سنگيت جا موتي سرجندا هُئا، سندس موت جي خبر مُنهنجي مٿان پهاڙ ڪيرائي وڌا هُئا، مون کي ڇاتيءَ کان ڇني ٻه ٽُڪرا ڪري ڇڏيو هو. مان ڀورا ڀورا ٿي پيو هُئس، منهنجو من گهاڻي ۾ پيڙجڻ لڳو هو. اُستاد محمد جُمن جي موت تي مون کي ڌرتي ڌُٻندي محسوس ٿي هُئي.!!!!! ساڳي نم جي ڇانوَ، ساڳي کٽ کنگهار جِي، اچي ويٺا اوڏڙا، ڪان، ڪان، ڪري ڪانوَ ناميارا ڪي نانوَ، موت ميساري ڇڏيا ! ڀڃون بانسريون، ٽوڙيو تار تنبير جِي ، مري ويو مڱڻو، ميان! ڏٺو مُون، رهجِي وئي رُون رُون، تن ۾ هڪڙيءَ تار جِي! جُمن! تُون جيئرو، هوندين هن جهانَ ۾، ڀاءُ توکان ڀيروي، ڀنڃندي نه ڀيرو، اُڏري ويو ڳيرو، اڃا لام لُڏي پئي ! جُمن! هيءُ جهان سينگاريو سنگيت سان، جيڏو آهي جکرو، تيڏو هڻي تان، ماڻهو لڌو مانُ! ڪُلهي پائي ڪينرو! نارائڻ شيام، ٿيو هٿيڪو هند ۾، جنهن کي ساري سنڌ ۾ مائرون ڪن ماتام، جُمن! تو ئي جام! پيتو ڪُن ڪلاچ جو! (تاجل بيوس) (****) دوستن کي سُڌ هُجي ته مرحوم محمد جُمن جو راڳي فرزند شفيع محمد پڻ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري چُڪو آهي(نثاراحمد ناز) نوٽ: مٿيون مقالو ۽ بيت مهان شاعر مرحوم تاجل بيوس جي ڪتاب ڏوريان ڏوريان مَ لهان جي ٿورن سان لکيو ويو آهي، جيئن سنڌ جي انمول رتن، بهترين راڳي، مرحوم محمد جُمن جي تاريخ ساز شخصيت جون يادو سانڍي سگهجن..... ۽ ڪجهه پنهنجي دل مان رب سائين جي حضور مرحوم لاءِ دعاءِ مغفرت گُهري سگهجي........
جواب: مهان سنڌي راڳي اُستاد محمد جمن مرحوم جنهن جِي اڄ ورسي آهي۔ سائين توهان جا لک ٿورا جو اڄ مهان اُستاد جي ورسي تي انهن جي باري ۾ سائين تاجل بيوس جو بهترين مقالو پڙهايو۔۔ يقينن استاد محمد جمن جو مقام سرتاج ۽ سورج جهڙو آهي۔ توهان کي جس ۽ شابس هجي جو استاد جي زندگي بابت بهترين معلومات اسان سان ونڊ ڪئي۔ http://www.youtube.com/watch?v=9Lb2SmAD6wY
جواب: مهان سنڌي راڳي اُستاد محمد جمن مرحوم جنهن جِي اڄ ورسي آهي۔ سائين سنڌي ادب يا موسيقي جو ڪير به سڄڻ ڪونهي۔۔ هر ڪوئي جيئري شخصيتن کي ياد رکي ٿو مرڻ کان پوءِ ڪير به انهن شخصيتن جي ڏڻن ڏيهاڙن کي ڪجهه سالن کان مٿي ياد نه ٿو رکي۔۔۔ مرحوم محمد جمن جي لازوال شخصيت کي اسان سنڌين جو سلام آهي۔۔
جواب: مهان سنڌي راڳي اُستاد محمد جمن مرحوم جنهن جِي اڄ ورسي آهي۔ جيستائين سنڌي ٻولي ۽ انجي ادبي تاريخ قائم آهي تيستائين محمد جمن جو آواز اسان سان گڏ آهي، سندس ڳايل گيت سنڌ لئه هڪ ورثو آهن ۔۔۔ شخصي طور آءُ جڏهن کيس شاه جي ڪا وائي ڳائيندي ٻڌندو آهيان ته اکين ۾ سارنگ ڀرجي ويندو آهي ۔۔۔ نڙيءَ ۾ سور ۽ ڏک جو سمنڊ اچي ويندو آهي ۽ جڏهن به روئڻ تي دل چوندي آهي ته محمد جمن جو ڪلام ٻڌندو آهيان ۔۔۔ اندر صاف ٿي ويندو آهي ۔۔۔ مهرباني ادا نثار ناز ۔۔۔ لک لائق ۔۔۔ sindhsalamatsaathsal
جواب: مهان سنڌي راڳي اُستاد محمد جمن مرحوم جنهن جِي اڄ ورسي آهي۔ محترم سائين نثار ناز صاحب توهان جا لک لائق جو توهان۔۔۔۔ سنڌ جي هڪ عظيم راڳي جي ڏينهن کي ياد ڪندي سنڌ سلامت تي مرحوم تاجل بيوس جو مشهور مقالو لڳايو۔۔۔ توهان جي اهڙي ڪم کي يقينن ساراهجي ٿو۔۔۔۔ ادا سلطان توهان جي لڳايل وڊيو کي شايد يوٽيوب تي لڳائيندڙ جوائن ٻئي هنڌ امبيڊ ڪرڻ کان روڪيو آهي ۔۔۔۔ ان ڪري هتي مان مرحوم استاد جمن جي جواني ۽ وفات کان اڳ ڳايل ساڳي ئي ڪلام کي لڳائي رهيو آهيان۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=Irex5eOdwyY مرحوم استاد جمن جو ڳايل هي ڪلام مون هميشه کان پسند رهيو آهي۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=E-2Lp_Wa_gM
جواب: مهان سنڌي راڳي اُستاد محمد جمن مرحوم جنهن جِي اڄ ورسي آهي۔ محترم سُلطان السلام عليڪم: مٺا، توهان جِي مهرباني، جو سائين تاجل بيوس جو مقالو توهان غور ۽ چاهه سان پڙهيو، ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته محترم تاجل بيوس هن مقالي ذريعي اُستاد محمد جُمن مرحوم جي باري ۾ ڪافي ساريون ساروڻيون ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊيون آهن، ادا اهو اسان سڀني سنڌين جو فرض ٿئي ٿو، ته سنڌ جي هر انهيءَ جوڌي کي دِلي طور ياد رکون جنهن ڪهڙي به نموني جيجل سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪئي آهي۔۔۔۔۔۔ پيارا سُلطان پوڙ هائپ جي ڪري مونکي لڳي پيو ته مان سُستي جي ور پيو چڙهان ان کان علاوه ٻيا به کوڙ سارا مون سان مسئلا ٿي پيا آهن، جو هن محبتي اڱڻ کي صحيح معنا ۾ وقت ڏيئي نه پيو سگهان۔۔۔۔۔۔۔ پليز توهان اڳتي اچو، پنهنجي بهترين صلاحيتن ذريعي هن چاهه ڀريل محبتي اڱڻ تان سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪريو۔۔۔۔۔۔۔ مُنهنجي خيال ۾ توهان منهنجي ڳالهه سمجهي ويا هوندا، ته مان ڇا پيو چوڻ چاهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ رب سائين سدا توهان کي شاد ۽ آباد رکي (آمين)
جواب: مهان سنڌي راڳي اُستاد محمد جمن مرحوم جنهن جِي اڄ ورسي آهي۔ ادا محمد مگسي توهان جا ٿورا جو منهنجي هن غريباڻي پوسٽ کي زبردست چئي منهنجي همت افزائي ڪئي۔۔۔۔ شال جُڙيا هُجو پنهنجي پيارن سان۔۔۔۔۔۔۔۔(آمين ثم آمين)
جواب: مهان سنڌي راڳي اُستاد محمد جمن مرحوم جنهن جِي اڄ ورسي آهي۔ ادا اسدا ڄامشورائي مست، تنهنجي هن جذبي کي سلام آهي، جو تنهنجي هِردي ۾ سنڌ جي هر موڀِي ماڻهوءَ جي محبت ڀري پئي آهي ۔۔۔ مرحوم اُستاد محمد جُمن سنڌي راڳي جِي شخصيت کي سلامي ڏيڻ تي مان توکي پنهنجا پيار ڀريا سلام پيش ٿو ڪريان شال جُڙيو هُجين سنڌي پُٽڙا۔۔۔۔۔۔۔
جواب: مهان سنڌي راڳي اُستاد محمد جمن مرحوم جنهن جِي اڄ ورسي آهي۔ ادا نثار ابڙا، سُهڻا ماڻهو ٻيا به هزار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ او سنڌي ماڻهون پڌرا لکن ۾، مونکي خبر آهي ته تنهنجِي دل درد وندي آهي، ان ڪري سنڌ جي ڀلوڙ ۽ محب شخصيتن جي يادگيرين تي تنهنجون اکڙيون سارنگ ڇلڪائي وجهنديون آهن، ان حقيقي ۽ بي لوث پيار تي ڪاش تون ويجهو هُجين ها ته تنهنجي اکڙين کي پيار مان عقيدت جون کوڙ ساريون چُميون ڏيان ها۔۔۔۔ سدائين جُڙيو هُجين منهنجا ڀاءُ
جواب: مهان سنڌي راڳي اُستاد محمد جمن مرحوم جنهن جِي اڄ ورسي آهي۔ محترم منتظم اعلى رشيد سمان سائين ، توهان جي مهرباني جو هن پوڙهي جي موڪليل پوسٽ تي پنهنجا پيار ڀريا ويچار ونڊيا....... ۽ سنڌ جي مهان راڳي مرحوم اُستاد محمد جُمن جون ٻه شاندار ڪافيون اسان سان ونڊ ڪيون، اهي ڪلام شايد محترم ماڪا صاحب جي پروڊڪشن جا آهن، هڪڙي ڳالهه توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته نوجواني وارو گيت ڳائيندڙ اُستاد محمد جُمن ڪونهي پر اُستاد جي ڪلام تي لپ سنگ (چپ چوري گيت ڳائڻ) وارو همراهه ڪو ٻيو آهي معاف ڪجو ته انگلش جي لپ سنگ جي صحيح سنڌي مون چپ چوري گيت ڳائڻ لکيو آهي... اهو محمد قاسم ماڪا صاحب جن جو ٿورو آهي ته سنڌ جي مهان راڳين جيڪي هاڻ هن دنيا ۾ ناهن رهيا، انهن جي فن ۽ انهن جي گيتن کي سنڌي عوام آڏو پيش ڪري، پنهنجو حق سنڌيت ادا ڪري رهيا آهن...
جواب: مهان سنڌي راڳي اُستاد محمد جمن مرحوم جنهن جِي اڄ ورسي آهي۔ محترم محمد قاسم ماڪا جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي پاڻ سنڌي جي راڳين کي هڪ مقام ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي۔۔۔۔ هوئن ته سائڻ عابده، استاد محمد يوسف ۽ وحيد علي سميت کوڙ عظيم سنڌي راڳين جي پراڻين وڊيوز کي سنڀالي رکيو اٿن ۽ وقت سر انهن جا لاجواب ۽ وجد ۾ ڳايل گيت پڻ مارڪيٽ ۾ آندا اٿن ۔۔۔۔ ان ڪري سندن هنن وڊيوز کي به بغير هيل هجت جي مون سميت تقريبن سمورا سنڌي اصل استاد محمد جمن ڪري مڃين ٿا۔۔۔۔ ڇو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ڪردار کي شامل ڪن ها ته وڊيو ۾ شايد هي لفظ نه لکن ها۔۔۔۔ ان هوندي به ادا مست کي گذارش آهي ته سائين محمد قاسم ماڪا جي پٽ کان پڪ ڪري هتي اها ڳالهه واضح ڪن۔۔۔۔ ۽ جيڪڏهن هي فرضي ڪردار آهي ته کين سنڌ سلامت جي انديشن کان پڻ آگاهه ڪن۔۔۔ مهرباني
جواب: مهان سنڌي راڳي اُستاد محمد جمن مرحوم جنهن جِي اڄ ورسي آهي۔ سائين نثار ناز صاحب جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي ۽ هي شخصيت سائين محمد جمن پاڻ نه آهن پر بيڪ گرائونڊ ۾ سندس آواز آهي، اهڙي طرح ماستر چندر ۽ عابده پروين جي ڪلامن ۾ به صرف لب چورڻ جو ڪم ڪو ٻيو شخص ڪندو آهي باقي ڪلام انهن فنڪارن جو ئي هوندو آهي۔ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ دوست ماستر چندر جو به هڪ ڪلام شيئر ڪيو هو جنهن ۾ منهنجو دوست احسن قاسم ماڪا لب چوري رهيو هو ۽ بيڪ گرائونڊ ۾ ماستر چندر جو آواز هو۔۔ هي اسٽوڊيو سائين محمد قاسم ماڪا صاحب جو آهي۔۔۔ جيڪو سندن گهر ۾ انڊر گرائونڊ ٺهيل آهي۔۔ مان جڏهن احسن قاسم ماڪا سان پڙهندو هئس ته اسان جو اڪثر اتي وڃڻ ٿيندو هيو۔۔۔
جواب: مهان سنڌي راڳي اُستاد محمد جمن مرحوم جنهن جِي اڄ ورسي آهي۔ بهتر معلومات ملي وئي ۔۔۔ پر تنهن هوندي به پاڻ اهو ئي چونداسون ته لطيف جي وائي ۽ جمن جو آواز ٻڌڻ وقت اکيون ڪٿي کليل هونديون آهن جو تصوير ڏسجي، بس ان وقت ڪي پنهنجا تصور هوندا آهن جي ذهن جي پردن تي ايئن ڦرندا آهن جيئن آسمان ته مينهن وسڻ وقت ڪي ڪڪر ۔۔۔ سو ادا آواز ۽ ٻول اهم آهن نه ڪي چپ چورڻ وارو شخص ۔۔۔