نثارناز
سينيئر رڪن
دوستو اڄ چووهين جنوري سنڌو کي گُل ارپڻ جو ڏينهن سنڌوءَ تان سر گهور ڪرڻ جي وچن ڪرڻ جو ڏينهن هڪ غريباڻي شاعري جيڪا ٿوري دير پهرين سرجي آهي ساري دنيا جي سنڌين ۽ سنڌوءَ کي ارپيان ٿو۔۔۔۔۔۔
مٺا سنڌيو جيجل سنڌ ڌرتي ءَ جا وارثو ڪيئن لڳو توهان کي منهنجو هي سنڌوءَ کي ڀيٽا ڏيڻ وارو غزل پنهنجا رايا، ڀلي اهي ڪاٽو ڇو نه هُجن ضرور ڏياري موڪليندا مهرباني
غزل
نثاراحمد ناز
سنڌ جا سُورما! سنڌ جُون سُورميون !
همقدم ٿِي سنڌوءَ کي سلامِي ڏيون !
انت آڻي غُلامِيءَ جي ماحول جو،
نت نوان ڪي جشن هو جمالا ڪيون !
نينهن نوبت وَڳِي، مست کان مست ٿِي ،
سُرڪَ مهراڻ پِي، ۽ سدا لاءِ جيئون !
24 (چو وِهِين) جنوري هڪڙو آواز ٿِي ،
ساز سُر جو سنڌوءَ لئه ڪو سرگم ٿيون!
ڀروسو، سنڌيو، آجياپو سنڌو،
هر ڪنڌي گُلَ گُلابي، ڪنول ڪي ڇَٽِيون!
”ناز“ سنڌ جي حفاظت جو کائِي قسم،
ڇو نه جيجل مٿان گهورجِي گهورجون !
نثاراحمد ناز
سنڌ جا سُورما! سنڌ جُون سُورميون !
همقدم ٿِي سنڌوءَ کي سلامِي ڏيون !
انت آڻي غُلامِيءَ جي ماحول جو،
نت نوان ڪي جشن هو جمالا ڪيون !
نينهن نوبت وَڳِي، مست کان مست ٿِي ،
سُرڪَ مهراڻ پِي، ۽ سدا لاءِ جيئون !
24 (چو وِهِين) جنوري هڪڙو آواز ٿِي ،
ساز سُر جو سنڌوءَ لئه ڪو سرگم ٿيون!
ڀروسو، سنڌيو، آجياپو سنڌو،
هر ڪنڌي گُلَ گُلابي، ڪنول ڪي ڇَٽِيون!
”ناز“ سنڌ جي حفاظت جو کائِي قسم،
ڇو نه جيجل مٿان گهورجِي گهورجون !
مٺا سنڌيو جيجل سنڌ ڌرتي ءَ جا وارثو ڪيئن لڳو توهان کي منهنجو هي سنڌوءَ کي ڀيٽا ڏيڻ وارو غزل پنهنجا رايا، ڀلي اهي ڪاٽو ڇو نه هُجن ضرور ڏياري موڪليندا مهرباني