عبدالحئي چاچڙ
سينيئر رڪن
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ مڃيل اسڪالر
تون جي رهندين مٺا ! سنڌ جيئندي سدا
تون جي رهندين مٺا ! سنڌ جيئندي سدا
اسان جي سونهاري سنڌ ڪيترائي محقق ۽ اديب پيدا ڪيا آهن جن ۾ پير حسام الدين شاه راشدي،پير علي محمد شاه راشدي،جي ايم سيد،رحيمداد خان مولائي شيدائي، شمس العلماءِ عمر بن دائودپوٽو،مولانا دين محمد وفائي،مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ،علامه غلام مصطفيٰ قاسمي،ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو،ڊاڪٽرقريشي حامد علي خانائي ،ابراهيم جويو ،ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري،ڊاڪٽر نواز علي شوق۽ ٻيا ڪيترائي محقق ۽ اديب شامل آهن.
پر جيتري مڃتا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ملي آهي اوتري ڪنهن ٻئي محقق ۽ اديب ۽ نه ملي سگهي آهي جيئن سنڌ ۾ شاعرن ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي جو نالو نرالو آهي ائين محققن ۽ اديبن ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو نالو نمايان ۽ روشن آهي ڊاڪٽر صاحب کي پاڪستان کان ٻاهر ڊاڪٽر اين اي بلوچ سان سڃاتو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي سموري زندگي سنڌ جي تاريخ لکندي گذاري هئي ڊاڪٽر بلوچ جو سنڌ تي ڪيل ڪم سنڌ جي انهن محققن ۽ اديبن جي لاءِ تحفو آهي جيڪي سنڌ جي تاريخ سان پيار ڪندا آهن.
هن مقالي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مختصر سوانح حيات پيش ڪجي ٿي.
پيدائش:
سنڌ جو مشهور عالم،مفڪر،اسڪالر،دانشور،محقق،مورخ،شارح ڊاڪٽر نبي بخش خان ولد علي محمد لغاري بلوچ جي پيدائش 16 ڊسمبر 1917ع مطابق 29 محرم الحرام 1336ھ تي ڳوٺ جعفر خان لغاري تعقله سنجهورو ضلع سانگهڙ
۾ ٿي.
ڊاڪٽر صاحب جا وڏا اصل ڊيره غازي خان واري علائقي جا رهاڪو هئا.ڊاڪٽر صاحب جو والد 25 سالن جي ڦوه جواني ۾ وفات ڪئي.
تعليم:
ڊاڪٽر صاحب اڃان پنجن مهينن جو هوته والد صاحب وفات ڪري ويو سندس چاچي ولي محمد خان لغاري جي سنڀال هيٺ پليو ۽ اسريو.
ڊاڪٽر صاحب 1929ع ۾ مدرسه هاءِ اسڪول نوشهره فيروز ۾ داخل ڪرايو ان کانپوءِ 1936ع ۾ ببميءِ يونيورسٽي مان مئٽرڪ پاس ڪري ڊي . جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءِ ۾ داخل ٿيو پوءِ بهاوالدين ڪاليج جهوناڳڙه ببميءِ يونيورسٽي مان بي اي (آنرز) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين .1943ع ۾ ايم .اي عليڳڙه يونيورسٽي مان فرسٽ ڪلاس ۾ فرسٽ پوزيشن سان حاصل ڪيائين ۽ ايل ايل بي 1943ع ۾ به عليڳڙه مان فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيائين ايم اي (ايجوڪيشن) 1947ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ آمريڪا ۽ ڊاڪٽر آف ايجوڪيشن 1949ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين.
تعليمي رڪارڊ:
* بي.اي (آنرز) 1941ع ۾ ببمئي يونيورسٽي (فرسٽ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن)
* ايم . اي 1943ع مسلم يونيورسٽي عليڳڙه (فرسٽ ڊويزن فرسٽ پوزيشن).
* ايل ايل بي 1943ع مسلم يونيورسٽي عليڳڙه ( فرسٽ ڊويزن)
* ايم .اي (ايجوڪيشن) 1947ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ.
* ڊاڪٽر آف ايجوڪيشن 1949 ع ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ
ملازمت:
* ڊاڪٽر صاحب 1951ع ۾ شعبه تعليم سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر مقرر ٿيو.
* 9اپريل کان 14 مئي 1951 ع تائين سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو.
* ڊاڪٽر صاحب 1958ع تائين سنڌي شعبي جو سربراه رهيو.
* ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن اينڊ ريسرچ سنڌ يونيورسٽي .
* نئشنل ميرٽ پروفيسر 1963ع کان 1975ع تائين
* وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڊسمبر 1973ع کان جنوري 1976ع تائين
* وائيس چانسلر اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد 22 نومبر 1980ع کان آگسٽ 1982 ع تائين
* چئرمين نئشنل ڪميشن آج هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ اسلام آباد 1 جولاءِ 1979ع کان 10 آڪٽوبر 1979ع تائين
* صلاحڪار نئشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد 1983 کان 1989ع
*چيئرمين سنڌي لئنگئيج اٿارٽي 1991ع کان 1993ع
* نگران وزير تعليم،زراعت۽ جهنگلي جيوت حڪومت سنڌ 1993ع
ملڪ جي مختلف ادارن جو ميمبر:
* ميمبر سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو* ميمبر اقبال اڪيڊمي لاهور* ميمبر ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستاب لاهور* ميمبر سينيٽ ۽ سيڊيڪيٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو* ميمبر ايڪيڊمڪ ڪائونسل سنڌ يونيورسٽي ڄامشور* ميمبر نئشنل لئنگئيج اٿارٽي اسلام آباد*ميمبر سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد * ميمبر پاڪستان نئشنل ڪائونسل آف آرٽس اسلام آباد
* ميمبر پاڪستان هسٽاريڪل رڪارڊ اينڊ آرڪائيوز ڪميشن * ميمبر سينٽرل اردو بورڊ لاهور * ميمبر فيڊرل رويو بورڊ اپريل 1978ع کان جنوري 1979ع تائين۽ ٻين ڪيترن ادارن جو ميمبر رهي چڪو هو.
ڊاڪٽر صاحب جن جي شخصيت ۽ سندس علم،ادب ۽ تحقيقي ڪم تي به مختصر خطاب ۾ مفصل روشني وجهڻ مشڪل آهي.انهيءِ ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌ جي سرزمين،ادب۽ فن جي دنيا ۾ وڏا باڪمال فرد پيدا ڪيا آهن.انهن ڌرتي جي فرزندن پنهنجن شعبن ۾ نه رڳو نالو ڪڍيو آهي پر هن ڌرتيءِ جو نالو روشن ڪيو آهي.ڊاڪٽر صاحب جن جي صفات باصفات ،درس و تدريس تحقيق ۽ تنقيد ،ادب،موسيقي،فنون لطيفه،لغات ۽ لطيفات ۾ اهو مقام حاصل آهي .ڊاڪٽر صاحب عالمن ۾ عالم،اديبن ۾ اديب،محققن ۾ محقق،فقيرن ۾ فقير ،سگهڙن ۾ سگهڙ ،استادن ۾ استاد هو.سنڌي اديب جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن ڊاڪٽر صاحب جو ڪيل ڪم جاکوڙ۽نچوڙيل نور کي سنڌي ماڻهو صدين تائين ياد ڪنديون.
ڊاڪٽر صاحب لوڪ ادب ،ٻولي،تاريخ،موسيقي،آثار قديم۽ شاه جي ڪلام تي جيڪو ڪم ڪيو آهي جنهن سنڌ جي سينڌ سنواري چڏي آهي۽ اسان سنڏين جو دنيا ۾ ڳاٽ اوچو ڪري چڏيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب کي سنڌي ٻوليءِ کانسواءِ اردو،سرائڪي،فارسي،عربي ۽ انگريزي ٻولي جي وڏي ڄاڻ هئي.
Dr nabi bux khan balouch is one of pakistans most distingusished scholars and historians He known persain and Arabic and Sindhi, and Urdu languages.سنڌ جي سڃاڻپ جي سرچشمن لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جن جو نالو به ائين ئي لازم ٿي ويو آهي جيئن سنڌو درياءِ ،موهن جي دڙي ۽ شاه عبداللطيف ڀٽائي جو نالو ورتو وڄي ٿو
هي واحد اسڪالر ۽ عالم آهي جنهن کي شاه عبداللطيف ڀٽائي،سچل سرمست لعل شهباز قلندر ،مخدوم نوح ،شاه عبدالڪريم ،فقير نواب ولي محمد خان لغاري۽ روهڙي جي صوفين ۽ ٻين ولين ۽ بزرگن کان سواءِ سنڌ جو ٻچو ٻچو سڃاڻي ٿو .
شيخ اياز پنهنجي ڪه ڪتاب ۾ لکي ٿو ته مرزا قليچ بيگ کان پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو اسڪالر آهي.ڊاڪٽر صاحب واقعي سنڌ جو هڪ بي مثال ۽ اڻ لڀ هيرو هئو.پاڻ هڪ اهڙو باڪمال انسان سچو مورخ۽ عالم هئو جنهن جهڙو سنڌ کي شايد ئي ڪو ملي! .
تصانيفون:مقدماايڊٽ ۽ ايڊٽ لکيل ڪتاب
لطيفات:
(1) شاه جو رسالو (جلد پهريون) 1989ع
(2) شاه جو رسالو (جلد ٻيون) 1992ع
(3) شاه جو رسالو (جلد ٽيون) 1994ع
(4) شاه جو رسالو (جلد چوٿون) 1997ع
(5) شاه جو رسالو (جلد پنجون)1997ع
(6) شاه جو رسالو (جلد ڇهون) 1995ع
(7) شاه جو رسالو (جلد ستون) 1998ع
(8) شاه جو رسالو (جلد 8۽9) 1999ع
(9) شاه جو رسالو (جلد ڏهون) 1998ع.
سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعري:
(1) قاضي قادن جو رسالو 199ع انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو.
(2) شاه لطف الله قادريءِ جو ڪلام 1968ع انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو.
(3) شاه شريف ڀاڏائي جو رسالو1972ع انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو.
(4) مبين شاه عنايت جو ڪلام 1963ع سنڌي ادبي بورڊ.
(5) خليفي نبي بخش صاحب جو رسالو1966ع سنڌي ادبي بورڊ.
(6) راڳنامو صوفي صادق فقير سومرو شاه عبداللطيف ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز.
(7) رسالو غلام محمد خانزئيءِ جو 1985ع شاه عبداللطيف،ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز.
(8) ڪليات حمل 1953ع سنڌي ادبي بورڊ.
(9) ڪلام ولي محمد خان لغاري1968ع سنڌي ادبي بورڊ.
(10) ڪليات سانگي 1969ع سنڌي ادبي بورڊ.
(11) سيف الملوڪ عرف سيفلنامو: مولوي لطف عليءِ جو سرائڪي شاعري 1960ع سنڌي ادبي بورڊ.
لوڪ ادب:
(1) مداحون ۽ مناجاتون ،1959ع سنڌي ادبي بورڊ
2) مناقبا 1960،سنڌي ادبي بورڊ
(3) معجزا 1960،سنڌي ادبي بورڊ
(4) مولود 1961،سنڌي ادبي بورڊ
(5) ٽيهه اکريون (ڀاڳو پهريون) 1960،سنڌي ادبي بورڊ
) ٽيهه اکريون (ڀاڳو ٻيو) 1961،سنڌي ادبي بورڊ
(7) هفتا ،ڏينهن،راتيون ۽ مهينا 1961،سنڌي ادبي بورڊ
(8) جنگناما 1984،سنڌي ادبي بورڊ
(9) واقعاتي بيت 1961،سنڌي ادبي بورڊ
(10) مناظرا 1961،سنڌي ادبي بورڊ
(11) سنڌي سينگار شاعري 1986،سنڌي ادبي بورڊ
(12) پروليون ،ڏٺون،معائون ۽ ٻول 1965،سنڌي ادبي بورڊ
(13) ڳجهارتون 1969،سنڌي ادبي بورڊ
(14) ڏور 1970،سنڌي ادبي بورڊ
(15) ڳيچ (جلد پهريون ۽ ٻيو گڏ) 1963،سنڌي ادبي بورڊ
(16) لوڪ گيت1965،سنڌي ادبي بورڊ
(17) بيت 1971،سنڌي ادبي بورڊ
(18) نڙ جا بيت (سانوڻ ۽ سندس ساٿياري ) 1970،سنڌي ادبي بورڊ
(19) قافيون(جلد پهريون) 1985 ،سنڌي ادبي بورڊ
(20) قافيون(جلد ٻيو ) 1987 ،سنڌي ادبي بورڊ
(21) قافيون(جلد ٽيون) 1990 ،سنڌي ادبي بورڊ
(22) سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (بادشاهن ۽ راڻين ،شهزادن جون ڳالهيون) 1987 سنڌي ادبي بورڊ
(23) سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (بادشاهن ،وزيرن ۽ سوداگرن جون ڳالهيون) 1987 ،سنڌي ادبي بورڊ
(24) سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (پرين ،ديون،جادوگرن،ڏائڻين ۽نجومين جو ڳالهيونڌ) 1987 ،سنڌي ادبي بورڊ.
25) سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (بادشاهن شاهوڪارن،ڏاهن،ٺڳن۽ ٻين جون ڳالهيون) 1961 ،سنڌي ادبي بورڊ
26) سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (ٻاراڻيون آکاڻيون) 1962 ،سنڌي ادبي بورڊ
27) سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون) 1964ع ،سنڌي ادبي بورڊ.
(28) سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (ڳاهن سان ڳالهيون) 1964ع ،سنڌي ادبي بورڊ
(29) مشهور سنڌي قصا رزميه داستان 1 دودو چنيسر (جلد پهريون) 1976ع سنڌي ادبي بورڊ.
(30) مشهور سنڌي قصا رزميه داستان 2 دودو چنيسر (جلد ٻيون 1977ع سنڌي ادبي بورڊ.
(31) مشهور سنڌي قصا سنڌ جا عشقيه داستان 1، 1976ع سنڌي ادبي بورڊ.
(32) مشهور سنڌي قصا سنڌ جا عشقيه داستان ،2 سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي 1972ع سنڌي ادبي بورڊ.
(33) مشهور سنڌي قصا سنڌ جا عشقيه داستان 3،ليلان چنيسر 1971ع سنڌي ادبي بورڊ.
(34) مشهور سنڌي قصا سنڌ جا عشقيه داستان ،4 سسئي پنهون 1976ع سنڌي ادبي بورڊ.
(35) مشهور سنڌي قصا سنڌ جا عشقيه داستان 5،مومل راڻو 1975ع سنڌي ادبي بورڊ.
(36) مشهور سنڌي قصا سنڌ جا عشقيه داستان 6، سورٺ راءِ ڏياج ۽ هير رانجهو 1976ع سنڌي ادبي بورڊ.
(37) مشهور سنڌي قصا سنڌ جا عشقيه داستان ،سنڌ جي حب الوطنيءِ جو داستان عمر مارئي 1976ع سنڌي ادبي بورڊ.
(38) مشهور سنڌي قصا سنڌ جا عشقيه داستان 8،ڍول مارو 1969ع سنڌي ادبي بورڊ.
(39) سنڌ جي سورهيائي ۽ هنرمنديءِ جو داستان ،مورڙو ۽ مانگر مڇ ،1967ع
سنڌي ادبي بورڊ.
(40) مشهور سنڌي قصا ،ٻاهريان قصا ۽ عشقيه داستان 7،سنڌي ادبي بورڊ .
(41) رسمون ،رواج ۽ سوڻ ساٺ ،1978ع سنڌي ادبي بورڊ .
(42) سنڌي هنر شاعري ،1991ع سنڌي ادبي بورڊ.
لغات:
(1) جامع سنڏي لغات جلد پهريون 1960ع سنڌي ادبي بورڊ
(2)جامع سنڏي لغات جلد ٻيون 1981ع سنڌي ادبي بورڊ
3)جامع سنڏي لغات جلد ٽيون 1984ع سنڌي ادبي بورڊ
(4)جامع سنڏي لغات جلد چوٿون 1985ع سنڌي ادبي بورڊ
(5)جامع سنڏي لغات جلد پنجون 1988ع سنڌي ادبي بورڊ
(6) روشني شاه جي ڪلام جي لغت
(7) هڪ جلدي سنڌي لغت 1998ع سنڌي ٻوليءِ جو با اختيار ادارو حيدرآباد
ايڊٽ ۽ مقدما ڪيل ڪتاب:
(1) لطائف لطيفي ايڊيٽنگ ۽ ترتيب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1967ع شاه عبداللطيف،ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز.
(2) پنج گنج مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1976ع شاه عبداللطيف،ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز.
(3) احوال شاه عبداللطيف ڀٽائي مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1972ع شاه عبداللطيف،ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز.
(4) ديوان غلام (فارسي) 1959ع سنڌي ادبي بورڊ
(5) لب تاريخ سنڌ (فارسي) ايڊيٽنگ ۽ حواشي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1959ع سنڌي ادبي بورڊ
(6) تاريخ طاهري (فارسي) مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1964ع سنڌي ادبي بورڊ
(7) حاصل النهج (فارسي) مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1969ع سنڌ يونيورسٽي
(8) فتح نامه سنڌ (فارسي) مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نئشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل ريسرچ اسلام آباد
(9) تاريخ بلوچي (فارسي) مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1996ع ڪلهوڙا سيمينار ڪاميٽي ڪراچي
(10) نتف من شعر ابي عطا 1961ع سنڌي ادبي بورڊ
(11) غرة الزيجات مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1973ع انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو.
(12) تاريخ معصومي مقدمو ۽ حواشي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1953ع سنڌي ادبي بورڊ .
(13) تحفة الڪرام ايڊيٽنگ ۽ مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1957ع سنڌي ادبي بورڊ
(14) سومرن جو دور ڊاڪٽر بلوچ سيپٽمبر 1980 ع سنڌي ادبي بورڊ
(15) سنڌي ٻوليءِ ۽ ادب جي تاريخ 1962ع پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
(16) سنڌيءِ موسيقيءِ جي مختصر تاريخ 1978ع شاه عبداللطيف،ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز.
(17) سنڌيءِ صورتخطي ۽ خطاطي 1992ع سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو حيدرآباد
(18) سنڌي ٻولي جو آڳاٽو منظوم ذخيرو 1993ع سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو حيدرآباد
(19) سنڌ جي مڇي (مٺي جي مڇيءِ جو مطالعو) 1993ع سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو حيدرآباد
(20) سنڌ جي مڇي ( کاري جي مڇيءِ جو مطالعو) 1995ع سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو حيدرآباد
(21) منهنجو ڳوٺ جعفر خان لغاري 199ع خليل ڪتاب گهر خيرپور ميرس
(22) گڏھ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
(23) بيگلار نامه (فارسي) 1980ع سنڌي ادبي بورڊ
ايوارڊ:
* تمغه پاڪستان 1962ع
* تمغه پاڪستان 1968ع
* صدارتي ايوارڊ آگسٽ 1979ع
* صدارتي ايوارڊ :اعزار ڪمال 1991ع
* صدارتي ايوارڊ : ستاره امتياز 2001ع
وفات:
هي علم جو روشن ستارو سنه 6 اپريل 2011ع مطابق 2 جمادي الاول 1432ھ تي 94 سالن جي عمر ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ڊاڪٽر بلوچ جي جنازي نماز شام جو 5 وڳي سنڌ يونيورسٽي ۾ ادا ڪئي وئي .ڊاڪٽر بلوچ کي وصيت مطابق علامه آءِ آءِ قاضي جي پيرانديءِ ڀرسان سان مٽي ماءِ حوالي ڪيو ويو. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته کين جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏئي.
آمين!
.