• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ لاپتا جي ڳولها

جواب: هڪ لاپتا جي ڳولها

ادا واقعي ڀلي ڳالهه ڪئي اٿوَ ۔۔۔ اسان جي ڪچهريءَ جو مور ادو علي علي ڪاٿي مصروف ٿي ويو آهي۔۔۔ او ادا علي علي، ڀاءُ ڏاهو ٿي۔۔۔ سنگت کان ڀيرو ته ڀري وڃو۔۔۔ ايڏيون جدايون چڱيون نه آهن۔۔
 
جواب: هڪ لاپتا جي ڳولها

مون نه چيو ته بين الاقوامي آهي، ڪنهن بين الاقوامي ريل تي چڙهيو هوندو ۔۔۔ هاڻ جڏهن چڪر پورو ٿيندو ته همراه پنهنجي ڀريل گودڙي سميت اچي نڪرندو ۔۔۔ تيستائين انتظار ڪريو ۔۔۔۽ وري جڏهن ايندو ته هيرا لال ونڊ ڪندو ۔۔۔
صبر جو ڦل مٺو هوندو آهي ۔۔۔ ڏسجي ته ڪڏهن ٿي اها ريل واپس اچي ۔۔۔
 
جواب: هڪ لاپتا جي ڳولها

منهنجا ڀائرو ڪافي ڏينهن ٿيا آهين علي علي نظر ڪو نه ٿو اچي

وڃ ڀڻا جا پٽ ايڏي محبت جهوني سان ادا مگسي جهوني کي قرضي ڪري ڇڏيئي يار :D:D يار ادا جهونو اڄ ڪله ڏاڍو مصروف آهي ادا ۔ ادا مان ماڻهون امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ڪندو آهيان :D:D سو جهوني جي سيزن آهي فقير سان ٽرين ۾ گهمڻ ڇڏي هاڻي هڪ جاء تي ويهيڻ جو سوچيو آهي مون واري جنهن ڏيينهن کان ڀوري ميينهن فقير ڪاهي ويو تنهن ڏينهن کان وٺي پاڻ واندا هئا سي ۔ سو هاڻي سوچيم ته مال کي ڇڏي ماڻهن ڏانهن رخ ڪجي سو ادا بس سيزن ڪڍي وٺان پوء گڏ آهيون ڪچهريون پيون ڪبيون۔ ادا مگسي مهنجا جاني ۔اوهان مون کي مس ڪيو ادا اوهان جي مهرباني ۽ اوهان تمام دوستن جي به مهرباني جو اوهان مس ڪيو ۔ اسان چڪر ته هڻڻدا رهندا آهيون اوهان کي وساريو ناهي باقي اوهان جي ميار ٺيڪ آهي ته نظر گهٽ ايندا آهيون​
 
جواب: هڪ لاپتا جي ڳولها

ادا ڪا ڳالهه نه آهي توهان جو انتظار ڪندا سين جڏهن توهان کي وقت ملي
 
جواب: هڪ لاپتا جي ڳولها

ادا واقعي ڀلي ڳالهه ڪئي اٿوَ ۔۔۔ اسان جي ڪچهريءَ جو مور ادو علي علي ڪاٿي مصروف ٿي ويو آهي۔۔۔ او ادا علي علي، ڀاءُ ڏاهو ٿي۔۔۔ سنگت کان ڀيرو ته ڀري وڃو۔۔۔ ايڏيون جدايون چڱيون نه آهن۔۔
ادا مان مور ڪٿي آهيان ادا مان ته اوهان جو نوڪر آهيان ۔سائين اها اوهان جي محبت آهي باقي جهونو ڪينهن نه ڪم جو آهي۔سائين اوهان دوستن سان جڏنهن ملندو آهيان پاڻهي ڄاڻي انرجي وڌي ويندي آهي :D حوصلا بلند ٿي ويندا آهين بس تڏنهن ئي اوهان سان روح رهاڻ ڪرڻ جو مزو ايندو آهي ۔
مون نه چيو ته بين الاقوامي آهي، ڪنهن بين الاقوامي ريل تي چڙهيو هوندو ۔۔۔ هاڻ جڏهن چڪر پورو ٿيندو ته همراه پنهنجي ڀريل گودڙي سميت اچي نڪرندو ۔۔۔ تيستائين انتظار ڪريو ۔۔۔۽ وري جڏهن ايندو ته هيرا لال ونڊ ڪندو ۔۔۔
صبر جو ڦل مٺو هوندو آهي ۔۔۔ ڏسجي ته ڪڏهن ٿي اها ريل واپس اچي ۔۔۔

ها سائين مان ريل ۾ پاڻ ڪونه چڙهيو آهيان اهي سڀ ڀلايون پاڻ واري فقير جون اٿو اسان جهونا ماڻهون آهيون نظر به گهٽ پوي سو مون کي چين واري ٽرين ۾ ويهاري چيائين ته هي لاهور واري ٽرين اٿئي خبر تڏنهن پئي جو اچي هتي لٿس بس سائين فقير کي الاء ڪهڙو رنج هو مون کان جو مون سان ائين ڪيائين ۔:D:D
هائو سائين علي علي کان سواء اٻاڻڪائي لڳي پئي آهي۔۔۔۔۔۔
سائين مان اوهان دوستن سان گڏ اهيان ساڳئي ئي خرچي تي :D :D :D
سائين رحيم بخش ڪير اٻاڻڪي آهي ؟؟؟؟

ادا فقير سوال ڪرڻ جي عادت ڪڏنهن ڇڏيندين ؟ گهٽ ۾ گهٽ پهنجي اوطاقي دوستن کان ته سوال نه ڪر :D :D :D هر جاء تي فقيري ناهي هلائبي :D

فقير سائين سڄي سنگت اٻاڻڪي آهي ۔۔۔۔۔
مهرباني سائين
ســـــچ ٿا چــــــــوء

مهرباني ادا مگسي
تو چيو اچي پهتا سي واٽ
تنور هئي پچي پهتاسي
 
جواب: هڪ لاپتا جي ڳولها

سائين علي علي توهان جي مهرباني دير آيد درست آيد جي مصداق وانگر اوهان دير سان آيا ليڪن هر ڪنهن دوست جو جواب ڏئي دل خوش ڪري ڇڏيوَ اميد ته خوش هوندا ۽ ڀيرو ڪندا رهندا۔
 
جواب: هڪ لاپتا جي ڳولها

مهرباني ادا مگسي
تو چيو اچي پهتا سي واٽ
تنور هئي پچي پهتاسي

ادا علي علي
مهرباني يار، اسان به ٻُوسٽ مان نڪتاسين نه ته سچ پڇو ساهه پئي منجهيو، مڙئي مزو گهٽ هيو، جس هجئي يار، سنگت جي اُڪيرن جي سار لڌئي۔۔
جاني توهان مٿي پنهنجي ؓگُرو استاد بخاري جو شعر لکيو آهي، اهو پورو چوسِٽو هن ريت آهي

محبوب سڏيو پُهچ، اچي پُهتو هان
تنور هئي واٽ، پَچِي پُهتو هان
چڪچور ڏسي حال نه ڪر غم دلبر
تو وٽ ته بهرحال بَچِي پُهتو هان​

سلطان
 
جواب: هڪ لاپتا جي ڳولها

اسان به ٻُوسٽ مان نڪتاسين نه ته سچ پڇو ساهه پئي منجهيو،

محبـــوب سڏيو پُهچ، اچـــــي پُهتو هـان،
تنـــــور هئي واٽ، پَچِــــــــي پُهتو هـــان،
چڪچور ڏسي حال نه ڪر غم دلبر،
تو وٽ ته بهرحال بَچِـــي پُهتــــــو هــان۔​

ادا سلطان اصل تو ته قرب ڪري ڇڏيا، ان بيت کي پڙهي اصل هينئون ئي ٺري پيو ۔۔۔ بس دعا ڪجو ته اسين به بچي پهچون ۽ پنهنجن پرين پيارن سان ملون ۔۔۔
shal judy hujeen
 
جواب: هڪ لاپتا جي ڳولها

سائين علي علي توهان جي مهرباني دير آيد درست آيد جي مصداق وانگر اوهان دير سان آيا ليڪن هر ڪنهن دوست جو جواب ڏئي دل خوش ڪري ڇڏيوَ اميد ته خوش هوندا ۽ ڀيرو ڪندا رهندا۔

ها سائين دل دوستان را خستنه نمي ڪنم بس اوهان دعا ڪندا رهو
ادا علي علي
مهرباني يار، اسان به ٻُوسٽ مان نڪتاسين نه ته سچ پڇو ساهه پئي منجهيو، مڙئي مزو گهٽ هيو، جس هجئي يار، سنگت جي اُڪيرن جي سار لڌئي۔۔
جاني توهان مٿي پنهنجي ؓگُرو استاد بخاري جو شعر لکيو آهي، اهو پورو چوسِٽو هن ريت آهي

محبوب سڏيو پُهچ، اچي پُهتو هان
تنور هئي واٽ، پَچِي پُهتو هان
چڪچور ڏسي حال نه ڪر غم دلبر
تو وٽ ته بهرحال بَچِي پُهتو هان​

سلطان
ادا سلطان اوهان جي مهرباني ۽ محبت آهي باقي جهونن جا حال ته پورا آهين ۔
ادا اوهان شعر مڪمل ڪري تمام گهڻي مهرباني ڪئي ادا نيٺ اوهان کان برداشت نه ٿيو ته ڪو گلت:D شعر چوي اهو به استاد جو ان کي چوندا آهين محبت ادا اوهان جي ان ڳاله تان مون کي قصو ياد اچي ويو ته
هڪ دفعو هڪ مڱڻهار (ميراسي) زوري جنت ۾ هليو ويو سو نڪري نه پيو فرشتن سڀ وس ڪيا پر ڪجه نه ٿيو اتفاق سان شيطان جو گذر ٿيو سو فرشتن کا پڇيائين ته ڇا ڳاله آهي پريشان آهيو ۔ انهن ٻڌايس ته هي ميراسي جنت ۾ هليو ويو اهي ۽ ان جو مستحق به نه اهي سو ٻاهر نٿو نڪري اندر اسان ان کي نٿا ڪجه چئي سگهون سو ان کي ڪيئن ٻاهر ڪڍجي ؟:D
شيطان چيو اهو به ڪو مسئلو آهي هڪ منٽ ۾ ٿو ٻاهر ڪڍي ڏيانو سو شيطان ڇا ڪيو جو جنت جي دروازي تي بيهي دهل کي ابتا سبتا ڏونڪا هڻڻ لڳو سو جيئن جو ميراسي جي ڪن تي اهو اواز پيو ته ڏاڍو غصو آيس ته ابتو سبتو دهل ڇو ٿو وڄائي اها دهل جي بي عزتي آهي ۔ شيطان اچي اڃا تيز ڏونڪا هيا ميراسي کي اچي پيٽ ۾ سور پيو ته هي غلط دهل ڇو ٿو وڃائي سو ڀڳو آيو ۽ اچي جنت جي دروازي کان به ٻاهر نڪري آيو ۽ اچي شيطان کان دهل کسيائين ۽ چيائينس ته جي وڄائڻ نٿو اچئي ته دهل ڇو ٿو وڄائين ؟ بس جيئن ٻاهر نڪرندو ويو تيئن ملائڪن اچي پڪڙيس۔:D :D
سو ادا جيڪو جنهن شي سان محبت ڪندو اهي اهو ائين ئي ڪندو آهي ادا سلطان لک لهڻيون اوهان جون تصحيح جون ۔
محبـــوب سڏيو پُهچ، اچـــــي پُهتو هـان،
تنـــــور هئي واٽ، پَچِــــــــي پُهتو هـــان،
چڪچور ڏسي حال نه ڪر غم دلبر،
تو وٽ ته بهرحال بَچِـــي پُهتــــــو هــان۔​

ادا سلطان اصل تو ته قرب ڪري ڇڏيا، ان بيت کي پڙهي اصل هينئون ئي ٺري پيو ۔۔۔ بس دعا ڪجو ته اسين به بچي پهچون ۽ پنهنجن پرين پيارن سان ملون ۔۔۔
shal judy hujeen

سائين دل نه لاهيو هاڻي ته پسيا هئا ايتري سڪ ؟ ڪجه رعايت ڪيو hall chari:Dhall chari:D
 
جواب: هڪ لاپتا جي ڳولها

ادا علي علي ۔۔ بابا تون ڏاڍو ڏنگو ماڻهو آهين۔۔۔۔
 
جواب: هڪ لاپتا جي ڳولها

سائين مست، ملنگن کي ست خون معاف هوندا آهن سو ادي علي علي کي به ست خون ڇا لشڪر ئي مارائي پٽ ڪر ته به معاف آهن ۔۔۔

يار علي علي جيئن پيئجي تيئن سوائي ۔۔۔ سو عشق جو جام آهي، ڀلا پيٽ ڀربو ڇا؟ يا ڪنهن عاشق جو پيٽ اڄ تائين ڀريو آهي ڇا؟

ادي مست ته نعرو هڻي ڇڏيو آهي ۔۔۔ جنهن دل پيتا عشق دا جام، سا دل مستو مست مدام ۔۔۔

الله حياتي ڏيوي تيڏي سڪ سوائي لڳدي ئي۔ منهنڙا ڏکيندا ڪر، دير نه ڪريندي ڪر ۔۔۔ نه ته مست وري ملنگ ٿي پوسن ۔۔۔
 
جواب: هڪ لاپتا جي ڳولها

سائين مست، ملنگن کي ست خون معاف هوندا آهن سو ادي علي علي کي به ست خون ڇا لشڪر ئي مارائي پٽ ڪر ته به معاف آهن ۔۔۔

سائين اوها ڳاله اوهان مست کي ٿا چئو يا مون کي جي مست کي ٿا چئو ته سمجهو مٿان ئي گزري وئي هوندي چو ته مستن کي ڪهڙي پرواه لشڪر ته ڇا ڀلي دنيا اونڌي ٿي وڃي تڏنهن به تٻ هوندا پهنجي مستي ۾ باقي اسان لشڪر ڪٿي ٿا ماري سگهون اسان کي ڏاٽو وهائڻ کان سواء ڪجه به ناهي ايندو :D:D
يار علي علي جيئن پيئجي تيئن سوائي ۔۔۔ سو عشق جو جام آهي، ڀلا پيٽ ڀربو ڇا؟ يا ڪنهن عاشق جو پيٽ اڄ تائين ڀريو آهي ڇا؟

نه سائين عاشقن جو جي پيٽ برجي ها ته اڄ عشق ئي نه هجي ها ۔ عشق نالو ئي اڃ ۽ اڪير جو آهي
ادي مست ته نعرو هڻي ڇڏيو آهي ۔۔۔ جنهن دل پيتا عشق دا جام، سا دل مستو مست مدام ۔۔۔

الله حياتي ڏيوي تيڏي سڪ سوائي لڳدي ئي۔ منهنڙا ڏکيندا ڪر، دير نه ڪريندي ڪر ۔۔۔ نه ته مست وري ملنگ ٿي پوسن ۔۔۔

سائين اسان ته تساڏي قدمان وچ پئي چڪر هڻيندي هون بس تسان دعا ڪريندي رهو :D سائين جهونن ۽ ٻارن سان محبت ته انسان جي فطرت ۾ آهي سو اوهان پهنجي فطرت تي ئي آهيو :D:D
 
جواب: هڪ لاپتا جي ڳولها

aWb54031.gif





[FLASH="width = 640 height = 480"]http://up.2sw2r.com/upswf/6hd29548.swf[/FLASH]









bhali kareaya​
 
Back
Top