سهڻي ۽ ميهار (هيءَ معلومات ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مان ورتي وئي آهي)”سهڻي ۽ ميهار“ جو سنڌي قصو نهايت آڳاٽو آهي، جنهن جي مشهوري گهڻو پوءِ دير سان پنجاب تائين پهتي، جتي جي شاعرن ان جي سٽاءَ ۾ ڦير گهير ڪري ان کي پنهنجي ماحول مطابق ڳايو: گَهڙي جي اهڃاڻ واري لحاظ سان سهڻيءَ کي ”ڪنڀار“ جي ڌيءَ ڪري ڀانيائون، ۽ ”هير – رانجها“ داستان ۾ رانجهي جي ”تخت هزاري جي سائين“ هجڻ واري خيال کان ”مهيوال“ کي به بادشاهزادو بنايائون. پوين پنجاهن سالن واري عرصي ۾ البت پنجاب جو ”سوهني – مهيوال“ وارو قصو ڇپيل ڪتابن ذريعي سنڌ ۾ مشهور ٿيو ۽ سنڌ جي ڪن شاعرن انهيءَ سٽاءَ مطابق پڻ هن قصي کي ڳايو: مثلا پير بخش هن قصي کي سڌو سنئون پنجاب واري سٽاءَ موجب ڳايو، ۽ ڪن ٻين شاعرن پڻ سندن بيتن ۾ سهڻي يا سندس ماءُ جي ڪنڀارن سان تعلق ڏانهن اشارو ڪيو. مگر هن پوئين دور ۾ سڀ کان وڏي غلط فهمي سنڌ جي پڙهيل طبقي ۾ ٿي، جن ”سهڻي ۽ ميهار“ واري قديم سنڌي قصي کان بيخبري سببان پنجاب واري قصي کي ئي ”سهڻي – ميهار“ جو قصو ڪري سمجهيو. مثلا: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جهڙو لائق لکندڙ به باوجود ڪافي محنت ۽ کوجنا جي هن وڏي غلطي ۾ مبتلا ٿيو، جو پنجاب جي ”سوهني – مهيوال“ واري قصي کي حضرت شاهه عبدالطيف جي رسالي جي سُر سهڻي جو موضوع بڻايائين. حالانڪ حضرت شاهه عبدالطيف ”سر سهڻي“ ۾ جنهن قصي جا اهڃاڻ ۽ اشارا آندا آهن سو خالص ”سهڻي ۽ ميهار“ وارو سنڌي داستان آهن. هيٺ اسان ”سهڻي ۽ ميهار“ واري قديم سنڌي قصي جي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن ڏيڻ بعد ان کي پنجاب ۾ مشهور ٿيل ”سهڻي – مهيوال“ واري قصي جي ڀيٽ ڪري، انهن جي بنيادي فرق کي بيان ڪنداسون. سهڻي ۽ ميهار جو حسب نسب سهڻي ۽ ميهار جي حسب نسب بابت سنڌ جي عام مشهور روايت اها آهي ته سهڻي ذات جي ”سامٽي“ هئي ۽ ”جرڪت“ نالي ساميٽي جي ڌيءَ هئي. ميهار جو نالو ”ساهڙ“ هو ۽ ذات جو ”نڱامرو“ هو. هڪ روايت موجب هو ”گنهور ڄام“ جو پٽ هو. انهن اهڃاڻن تي شير خان نالي سگهڙ جو هيٺيون مشهور بيت شاهد آهي ته: دَلُو دمامن جو ڌڻي، هو وير وڏو ورناتميهر ذات نڱامترو هو، مينهن جي مصلحاتٻيٽو گنهور ڄام جو، وير وڏي سان واتسهڻي ذات جي سامٽي، جرڪت ٻيٽي ذاتڪو ٻي بتائي بات، ته اڳيئون شاهد ڏيان شير خان چئيڀٽائي صاحب جي بيتن ۾ پڻ ساهڙ کي ”ڄام“ جي لقب سان ياد ڪيو ويو آهي – مثلا. ”ساريان ساهڙ ڄام کي ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن“ نڱامرن ڄامن جي ميرپور ساڪري ۾ ڪيٽي بندر واري علائقي ۾ سرداري هئي. نڱامرا 8 – صدي عيسوي کان وٺي اتي آباد هئا ۽ ويندي ڪلهوڙن جي دور تائين اُتي سندن سرداري قائم هئي. اتر سنڌ جي هڪ روايت موجب سهڻي ذات جي ”وهڻيتي“ هئي ۽ ”لال“ نالي کٽيءَ جي ڌيءُ هئي. پر ٻئي ڪنهن آڳاٽي سگهڙ تشريح ڪندي چيو ته سهڻي ذات جي ”وهڻيتي“ ڪا نه هئي. پر ڇاڪاڻ جو درياءَ جي وه يا وهڪري ۾ پئي انهيءَ ڪري کيس ”وهڻيتي“ سڏيائون: ڏهه ڏهڙ، وهه ويهه، لوهئون لوهاڻو وهي ساهڙ ذات لغامڙو، سهڻي ”لال“ کٽي جي ڌيءَ ذات ٻنهي جي هيءَ، پر هو وهه کئون ”وهڻيتي“ سڏي.سهڻي جي سڪ ۽ نينهن جو سببسنڌ جي عام مقبول ۽ مشهور قصي ۾، سهڻي جي سڪ ۽ محبت جو سبب اها کير جي سرڪي هئي، جيڪا ”چئن يارن“، چئن درويشن يا چئن پرهيزگارن بچائي هئي، ۽ جيڪا سهڻي کي ساهڙ جي هٿان ملي. انهن ڀلارن جي بچايل سرڪي سببان ساهڙ ۾ اها صورت ڏٺائين، جو مٿس ڇڪن ٿي پئي. ڪن روايتن موجب سهڻي سير تري ساهڙ وٽ انهيءَ لاءِ ويندي هئي ته من کيس انهن درويشن جو ديدار نصيب ٿئي. سهڻي جي هن سچي ۽ حقيقي سڪ، سنڌ جي داستان جو هڪ مکيه بلڪ مرڪزي جز آهي. هڪ روايت موجب اهي چار درويش غوث بهااؤلدين زڪريا، شيخ فريدالدين مسعود شڪر گنج، شيخ عثمان قلندر شهباز ۽ سيد جلال الدين بخاري هئا. انهن بزرگن جي ايامڪاريءَ وارو زمانو ڇهين صدي هجري جو آخر ۽ ستين صدي جو نصف اول آهي، جنهن مان پڻ سنڌ جي هن قصي جي اوسر ۽ ابتدا جو اهڃاڻ ملي ٿو. سهڻي ۽ ميهار جي داستان وارو دور ٻين داستانن وانگر سهڻي ۽ ميهار جي ڳالهه به هڪ داستان آهي: اهو ڪو تاريخي واقعو ڪونهي جنهن جو سن ۽ سال متعين ڪري سگهجي. البت هن داستان ۾ ڳالهين جا ڪي اهڙا ٽاڻا ۽ اُهڃاڻ موجود آهن، جن جي مدنظر هن داستان جي عمر ڪنهن حد تائين ڪٿي سگهجي ٿي. ان سلسلي ۾ هيٺيان اُهڃاڻ غور طلب آهن: [1] پهريون ته سگهڙ شير خان جي مٿي ڏنل بيت موجب اهو زمانو ”دلو راءُ“ جو هو: ”دلو دمامن جو ڌڻي هو وير وڏو ورنات“. اندازي موجب دلو راءُ، عربن جي دور جي آخر ۽ سومرن جي دور جي شروعات ۾ اندازا پنجين – ڇهين صدي هجري (11-12 صدي عيسوي) ڌاري ٿي گذريو. [2] ٻيو ته سهڻي – ميهار جي داستان جو تعلق ”سنڌو درياءَ“ سان آهي، جنهن جي وهڪري بابت هن داستان جي روايتن ۾ ٻه خاص اهڃاڻ ملن ٿا. مٿي آندل بيت ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”ڏهه ڏهڙ، وهه ويهه، لوهئون لوهاڻو وهي“لوهاڻو درياءَ جنهن کي ”سهڻي وارو ڍورو“ يا ”سهڻي وارو درياءَ“ سڏين، تنهن جو پيٽ شهدادپور شهر کان اولهه لڳو لڳ ظاهر بيٺو آهي. ”لوهاڻو درياءَ“ عربن جي دور ۾ ويندي چوٿين صدي هجري تائين منصوره شهر لڳ (شهدادپور کان 7 ميل اوڀر طرف) وهندو هو، ۽ پوءِ ڦري اولهه طرف شهدادپور وٽان وهڻ لڳو، جنهن ڪري منصوره جو شهر پنجين يا ڇهين هجري ۾ ڦٽي ويو. سهڻي جي سمي بابت ٻيو اهڃاڻ اتر سنڌ ۾ اٻاوڙي ۽ ميرپور ماٿيلي طرفان درياءَ جي وهڪري وارين روايتن ۾ ملي ٿو. اتي جو هڪ عام مشهور بيت آهي ته: اصل تڙ ”تڻوٽ“ هو، پوءِ کوه کڄي کارو واڌا ڌڻي ”وڄڻوٽ“ جا وڌ جني وارو کن ”کينجهو“ هو، سڄي ”ستيارو“ ”ڏيٿري“ تي ڪوٽ هو، پتڻ پينگهارو ”کيروهي“ جي ڍنڍڙي، کٽائي سارو سهڻي ۽ ميهار جو، تڏهن هو وارو تنهن جو ساکي آهي قطب تارو هن بيت جي مختلف روايتن ۾ اُتر سنڌ جون آڳاٽيون بستيون بيان ٿيل آهن ۽ پڻ اهي اڳوڻا دريائي واهڙ ۽ وهڪرا ڳڻيل آهن. جيڪي بهاولپور کان مٿان قديم هاڪڙي درياءَ جو پاڻي آڻي ”اڀرنديين ناري“ ۾ ڀريندا هئا. انهن مان ڪي ڍورا هن پوئين ويجهي دور ۾ سنڌو درياءَ جي آب ڪلاڻيءَ جو پاڻي پڻ ”اڀرنديين ناري“ ۾ آڻيندا هئا. ”تڻوٽ“ جو قديم تڙ يا کوهه (جيڪو ڏند ڪٿا موجب ديوَن کڻايو) اُٻاوڙي تعلقي جي سرحد لڳ جيسلمير جي حد ۾ آهي. ”وڄڻوٽ“ (ريتي اسٽيشن لڳ) اسلام کان اڳ واري دور جي بستي آهي جتان قديم آثار دستياب ٿيا آهن. ”ڏيٿري جي ڀٽ“ ۽ ”پينگهاري جي ڀٽ“ جي وچان قديم ”ريڻي درياءَ“ جو ڦٽل پيٽ آهي، راقم انهن ٻنهي ڀٽن تي واقع قديم بستين جو معائنو ڪيو ۽ اتان ”ٻڌ ڌرم“ جي دور جا آثار لڌا. بهرحال انهن بستين جي وَسٽا توڙي انهن دريائي ڍورن جا وهڪرا، قبل از اسلام کان وٺي 6 صدي هجري واري آڳاٽي دور سان تعلق رکن ٿا. [3] ٽيون ته ڇُٽي پير ۽ سهڻي جي درياءَ جي وچ ۾ ملاقات ۽ گفتگو، سنڌ واري ڳالهه جو هڪ مکيه باب آهي. ڇٽو پير درويش هو ۽ درياءَ جي وچ سير ۾ مصلو وڇائي نماز پڙهندو هو. لوڪ ڪَٿا جي دائري کان ٻاهر جڏهن اسان تاريخي ماخذن ۾ ”ڇٽي پير“ جي تلاش ڪريون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي درويشن ۾ هڪ ڇٽو آمراڻي هو، جنهن جي درگاهه سيوهڻ ۾ آهي. روايت موجب هو ”دلوراءِ“ جو ڀاءُ هو، يعني پنجين يا ڇهين صدي هجري جو درويش هو. ٻيو درويش ”شاهه لال ڇٽو“ هو جيڪو مشهور ولي سيد جميل شاهه گرناري (جنهن جي مزار ”پير پَٺي“ تي آهي) جي خليفي وجيہ الدين بن فتح شاهه جي چئن پٽن مان سڀني کان ننڍو هو. مير علي شير قانع جي ڪتاب ”معيار سالڪان طريقت“ ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”شاهه لال ڇٽو (ڄمندي ڄام ۽ ڪرامت وارو هو). ٻاراڻي وهيءَ ۾ پاڻ کي پاڻيءَ ۾ وجهي لڪايائين“. سندس مزار ڪيترن ئي جاين تي جدا جدا ڀاڱن ۾ آهي. جتي به (پاڻي کان ٻاهر) سر کنيائين، اُتي سندس مزار ٺاهيائون. ”تحفته الڪرام“ ۾ ڄاڻايل آهي ته شاهه وجيہ الدين جو چوٿون پٽ ”شاهه لال ڇٽو“ هو جنهن جي مزار مُتعين ٿيل ناهي. سنڌ جي ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ جتي به (پاڻيءَ مان ٻاهر) سر کنيائين اتي مزار ٺاهي اٿن. چون ٿا ته هُن پاڻ کي درياءَ ۾ وجهي پاڻ لڪايو. هن وقت سندس مشهور مزار اها آهي جيڪا ”تندسر“ جي ڪناري تي واقع آهي. هنن حوالن مان ظاهر آهي ته ”شاهه لال ڇٽو“ ساڳيو عوامي قصي وارو ”ڇٽو پير“ آهي، جنهن جي رهائش درياءَ ۾ هئي. شاهه لال ڇٽي جو پيءُ شاهه وجيہ الدين، سيد جميل شاهه گرناري جو وڏو خليفو ۽ همعصر هو. سيد جميل شاهه گرناري سومرن واري دور ۾ ٿي گذريو. هو سن 580هه ۾ ڄائو ۽ سن 642هه ۾ وفات ڪيائين. ان جي معني ته ”شاهه لال ڇٽو“ پڻ انهيءَ دور جو يعني ته ستين سنه جو هو. هن ٽاڻي مطابق سهڻي – ميهار وارو قصو دير ۾ دير ته به ستين سنه ۾ سومرن جي پوري وچين دور جو شمار ڪري سگهجي ٿو. سهڻي – ميهار جا آثار سهڻي - ميهار جو داستان درياءَ جي ڪنڌي – ٻيلي جو داستان آهي، انهيءَ ڪري سهڻي ۽ ميهار جا آثار به اڪثر سنڌو ندي جي قديم پيٽن ۽ ٻيٽن لڳ آهن. جيئن ته ”ڇٽو پير“ به هن داستان جي مکيه ڪردارن مان آهي، انهيءَ ڪري سهڻي جا ڪي ماڳ ۽ مقام ”ڇٽي پير“ جي درگاهن ۽ مقامن لڳ آهن. سنڌ اندر سهڻي، ميهار ۽ ڇٽي پير جي آثارن ۽ اهڃاڻن مان هيٺيان وڌيڪ مشهور معروف آهن. (الف) سڀني کان وڌيڪ مشهور آثار ضلعي سانگهڙ جي ڀر پاسي شهدادپور لڳ ”لوهاڻي درياءَ“ جي قديم پيٽ جي ڀر پاسي سان آهن، جتي سهڻي، ميهار ۽ ڇٽي پير ٽنهي جا ماڳ مقام آهن. ”سهڻي“ جي قبر لوهاڻي درياءَ جي کاٻي (اڀرندينءَ) ڪنڌي لڳ آهي ۽ اهو مقام ”سهڻي جي مقام“ جي نالي سان مشهور آهي. چون ٿا ته: سهڻيءَ جي مقبري لاءِ ساهڙ پاڻ، ”سونَ چِڙيءَ“ جي ڀِڙي مان پڪيون سرون ڪڍي پاڏي تي کڻي آيو، ۽ مقبرو اچي ٻڌايائين. پوءِ ساهڙ پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن پنهنجي اصلوڪي ڳوٺ (هاڻي شهدادپور) ۾ رهيو. سندس قبر شهر شهدادپور ۾ سيد الله اوڀائي شاهه جي پاڙي ۾ آهي. هن پوئين دور ۾ سهڻي جو اهو مقبرو نواب شاهه ضلعي جي ڪليڪٽر مرحوم حاميد علي صاحب پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ ٺهرايو. سهڻيءَ جي قبر سنگ مر مر سان ٻڌل آهي، ۽ قبر جي مٿان چوٽي واري سنئين پٿر تي هيٺيون ڪتبو اُڪريل آهي: ”ته کر ڪينء سئي، جي سير نه گهڙي سهڻيهت حياتي ڏينهڙا، هڏئين تان نه هئيچُڪي تنهن چري ڪئي، جو ڏنس اُن ڏهيسهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪُهيهنهين هوند مُئي، پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.قبر سهڻي جوڙائي مسٽر حاميد علي آئي – سي – ايس“سهڻي جي درگاهه تي جمعي رات فقير شاهه جو راڳ ڪندا آهن ۽ مولود شريف چوندا آهن. ڪجهه آڳاٽو قاضي ابراهيم فقير سندن اڳواڻ هو، هن وقت امام بخش فقير مقبري جو مجاور ۽ ڪنجي-دار آهي. شهر ۾ ساهڙ جي قبر تي سيراندي واري پاسي کان حافظ رحه جو هيٺيون بيت اُڪريل آهي. هر گز نميرد آنکه دلش زنده شد بعشقثبت است برجريدهء عالم دوام ما.پيرانديءَ کان هيٺيون ڪتبو اُڪريل آهي:”ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اُڀو آنهون ڪريتو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهندرياءَ تو تي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جيمزار مقدس عاشق صادق ميهار عليه رحمت.جوڙايل سيد مدد علي شاهه لڪياري موسوي حسيني“. ڇٽي پير جو مقام لوهاڻي درياءَ جي ساڄي (الهندين) ڪنڌيءَ تي هالا تعلقي جي حد ۾ ڄڻ درياءَ جي هڪ ٻيٽ تي آهي. مڪاني طور اُن کي ”شاهه ڇُٽي جو مقام“ ڪري سڏين. اهو مقام ڳوٺ بچل لڳ، سروي نمبر 270، ديهه ڪاڪا، تعلقي هالا ۾ آهي. ڇٽي پير تي ميڙو لڳي، جنهن هاڻي (1972ع) کان وڌيڪ زور ورتو آهي. (ب) ڇٽو پير يا ”لال ڇٽو“ ، تنهن جو مقام تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڏکڻ ۾ ”جهول“ واري آڳاٽي جُوءِ ۾ آهي. جتان ”پَٽهيل ڍورو“ وهندو هو، ۽ جنهن جي ڪنڌي تي ڪنڊي جو وڻ بيٺل هو، جنهن کي ڀٽائي صاحب ”سر ڏهر“ ۾ ڳايو آهي. ”لال ڇٽي“ تي هر سال ميڙو لڳي. (ج) ”سهڻي جو دڙو“، تعلقي بدين ۾ ”روپاهه ماڙي“ کان اٺ ميل کن اولهه طرف ۽ بدين کان 25 ميل کن ڏکڻ، ”ڳِٺي درياءَ“ واري ڍوري جي الهندين ڪنڌيءَ تي آهي. (د) شيخ ڇٽي ۽ سهڻي جا ٻيا مشهور آثار ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهن. شهر گهاري لڳ ”ڀنڀور واري درياءَ“ مان هڪ ”وَرُ“ (ڍورو) نڪري ٿو، جيڪو اڳوڻي ”خاناهه“ درياءَ جو پيٽ آهي. اهو ”خاناهه ڍورو“ اڳتي گهاري کان ڏکڻ، ڳوٺ ”راڄ ملڪ“ لڳ، ”ميران“ يا ”قدمن واري مقام“ کان اُلهندان لنگهي ٿو، جنهن تي (اڳتي اولهه طرف) ”ڦٽو ڪوٽ“ آهي. اتي هن ”ڍوري“ کي ”ڪوٽ وارو خاناهه“ ڪري سڏين. اتي انهيءَ ڍوري تي ”شيخ ڇٽي جو مقام“ (گهاري کان اولهه ۽ ”لوڻ کاڻ“ کان ڏکڻ) آهي جتي ميڙو لڳي. انهيءَ مقام کان ڏکڻ طرف هن ڍوري کي ور وڪڙ آهن جيڪي ”سهڻي وارا ور“ سڏجن. چون ٿا ته سهڻي انهن ورن مان تري ميهار ڏي ويندي هئي. اتي سهڻي جي قبر پڻ آهي. ساهڙ ذات جو نڱامرو هو ۽ ميرپور ساڪري واري اراضي آڳاٽي وقت کان وٺي نڱامرن جي سرداري ۾ شامل هئي. سنڌ ۾ هي قصو آڳاٽو مشهور ۽ منظوم ٿيو هن قصي جي اهڃاڻن، يعني ته نڱامرن ڄامن، سنڌو ندي جي آڳاٽن وهڪرن، توڙي ”ڇٽي پير“ جي ٽاڻن مان اندازو ٿئي ٿو ته هي افسانو سومرن جي اوائلي دور ۾ اُسريو ۽ مشهور ٿيو، ۽ سومرن جي آخري دور ۽ سمن جي اوائلي دور ۾ ڳاهن ۽ بيتن کي هڪ خاص لئي يا سر ۾ ڳايو ويو جيڪو ”سهڻي“ جي نالي سان مشهور ٿيو، ۽ پوءِ اها راڳڻي هندستاني راڳ جو جز بني. هن قصي جون اوائلي ڳاهون محفوظ نه رهيون آهن، مگر سمن جي دور ۾ هن داستان بابت ڳاهون ۽ بيت رائج هئا. جو ان کان پوءِ واري لاڳيتي دور ۾ ميين شاهه ڪريم جي ملفوظات ۾ پڻ ملن ٿا- مثلا. ڳوريءَ ٻي نه تات، ميهار ئي من ۾ جو پڻ پيئي رات، ته هو سائر هوءَ سوهڻي. جيڪي گهران مَ وڃ، جيڪي موٽ مَ سوهڻي هيڪڙائي هٿ ڪري، ٻيون ڀيري ڀڄ.سندس نصيحت آميز مجلسن ۾ شاهه ڪريم پنهنجن بيتن سان گڏ ڪن ٻين شاعرن جا بيت پڻ مثال خاطر پئي آندا: اهڙا بيت جيڪي سندن ملفوظات ۾ ٻين شاعرن ڏانهن منسوب ناهن تن مان گهڻا سندن پنهنجا هوندا، مگر اهو پڻ ممڪن آهي ته انهن مان ڪي بيت ڪن آڳاٽن شاعرن جا هجن: خصوصاً اهڙا بيت جيڪي قصن ۽ داستانن سان تعلق رکن ٿا. انهي لحاظ سان ٿي سگهي ٿو ته سهڻي – ميهار جي قصي بابت مٿيان ٻه بيت شاهه ڪريم جا پنهنجا هجن يا سمن جي دور (1350ع-1520ع) جي ڪنهن ٻئي شاعر جا هجن. شاهه ڪريم (ولادت 1526ع وفات 1634ع) جي مجلسن ۽ ملفوظات وارو دور گهڻي حد تائين مغليه سلطنت جو اوائلي دور آهي، ۽ انهيءَ ڪري جيڪڏهن اهي ٻئي بيت شاهه ڪريم جا پنهنجا چيل هجن ته به اوائلي مغليه دور جا قرار ڏيئي سگهجن ٿا. شاهه ڪريم کان پوءِ ميين شاهه عنات (1613/1623ع-1701/1709ع) ۽ شاهه عبدالطيف (1689ع-1752ع) جي رسالن ۾ ”سهڻي – ميهار“ جي داستان بابت سربستا ”سر“ موجود آهن، ۽ کانئن پوءِ جن سنڌي شاعرن هن قصي بابت بيت چيا تن جو ته ڄڻ شمار ئي ڪونهي. پنجاب واري قصي سان ڀيٽ ”گجرات بعهد قديم و جديد“ جو مصنف احمد حسين قريشي لکي ٿو ته: ”مغليه عهد حڪومت جو گجرات ۾ مشهور واقعو ”سوهني – مهينوال“ جو مشهور عشقيه داستان آهي. بخارا جو هڪ مشهور شهزادو گجرات آيو ۽ اتان جي هڪ حسينه تي ديوانو ٿي پيو، تان جو ٻنهي جو موت به انهيءَ معاشقي ۾ ٿيو. اهو هڪ مشهور داستان آهي جنهن فارسي، اردو ۽ پنجابي ادب ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي. هن داستان متعلق ڪيتريون ئي روايتون مشهور آهن. ڪي ته هن کي محض هڪ فرضي قصو سمجهن ٿا. ”چار باغ پنجاب“ جي مصنف منشي گنيش داس گجراتي، هن کي محمد شاهه بادشاهه جي دور جو واقعو ڪري لکيو آهي، ۽ ان واقعي جو سن 1145هه بيان ڪيو اٿس. اهو پڻ لکيو اٿس ته، هي واقعو خود گجرات جي شهر ۾ رونما ڪو نه ٿيو، بلڪ سوهني ”رلياله“ ڳوٺ جي رهاڪو هئي. رلياله گجرات کان اوڀر طرف درياءَ جي ڪناري تي هڪ ڳوٺ هو ۽ اتي ئي ”سوهني“ ۽ ”مهينوال“ درياءَ ۾ غرق ٿيا. اهو ڳوٺ هينئر درياءَ کڻي ويو آهي.“ مٿيون بيان، پنجاب جي عالمن جي هن قصي بابت تحقيق جو ڄڻ خلاصو آهي. پنجاب جو قصو هڪ سنئون سڌو معاشقو آهي، جنهن ۾ ڪا به حقيقي لئون لڪل ڪانهي. ٻيو ته پنجاب ۾ هي قصو نسبتا پوئين دور ۾ مشهور ٿيو، انهيءَ ڪري ان کي محمد شاهه جي دور جو يا وڌ ۾ وڌ ته شاهه جهان جي دور جو واقعو ڪري تسليم ڪيائون. جن به شاعرن پنجابي، فارسي يا اردو ۾ هن قصي کي منظوم ڪيو، سي به نسبتاپوئين دور جا آهن. پنجابي ۾ سڀ کان پهريائين هاشم شاهه (ولادت 1166هه) هي قصو منظوم ڪيو، ان کان پوءِ سن 1265هه ۾ فاضل شاهه، سن 1768ع ۾ احمد يار ۽ پوءِ (؟) قادر يار منظوم ڪيو. پنجاب جي فارسي شاعرن مان فضل حسين ”تبسم“ سنه 1258هه ۾ هي قصو منظوم ڪيو. ان کان پوءِ 1279هه ۾ محمد زيرڪ ڪلانوري (”غنيمت“ جي مثنوي ”نيرنگ عشق“ جي جواب ۾) هي قصو ”ارڙنگ عشق“ جي نالي سان مثنوي ۾ جوڙيو، 1284هه ۾ نجم الدين ”تسڪين“ منظوم ڪيو، ۽ 1256هه ۾ منشي گنيش داس گجراتي ”چار باغ پنجاب“ ۾ ان کي مختصر طور نثر ۾ بيان ڪيو. مٿيان مڙيئي شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي کان پوءِ جا آهن. پنجاب جي قصي جو واقعو وڌ ۾ وڌ شاهه جهاني دور جو تسليم ڪيل آهي، پر سنڌ ۾ ميين شاهه ڪريم جي ملفوظات ۾ آيل سهڻي – ميهار جي قصي جا بيت ان کان به اڳ جا آهن. حقيقت هيءَ آهي ته ”سهڻي – ميهار“ توڙي ”سسئي – پنهون“، اهي ٻئي داستان پهريائين سنڌ ۾ اُسريا ۽ سنڌ ۾ ئي ڳايا ويا ۽ پوءِ ملتان واري خطي ۽ اتان مٿي پنجاب ۾ پڌرا ٿيا، جتي جي شاعرن وٽن پهتل روايتن موجب انهن قصن کي پنهنجي ٻُڌ سُڌ ۽ مقامي ماحول مطابق منظوم ڪيو. جيئن هاشم شاهه به پنهنجو ”سسئي – پُنون“ به سنڌ جي داستان ”سسئي – پنهون“ کان متاثر ٿي منظوم ڪيو، تيئن ” سوهني – مهينوال“ به سنڌ جي ”سهڻي – مهيار“ واري داستان کان متاثر ٿي جوڙيائين. پنجاب وارو قصو محض هڪ معاشقو آهي، جيڪو نسبتا پوئين ادبي دور جي پيداوار آهي. ان جي بر عڪس سنڌ جو داستان ” سهڻي – ميهار“ پنهنجي تاريخي قدامت، ڳالهه جي سٽاءَ ۽ ساخت، توڙي ڪردارن جي عظمت جي لحاظ سان هڪ آڳاٽو شاهڪار آهي. سهڻي ميهار جي باري ۾ وڌيڪ مطالعي لا سنڌي ادبي بورڊ جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو۔سهڻي جو آخري آرامگاهه