السلام عليڪم۔۔۔۔ دوستو توهان کي ته خبر آهي اسان جي ملڪ ۾ ٽيليڪام ڪمپنين جي وچ ۾ ڪيڏو نه ڪانٽيدار مقابلو پيو هلندو آهي مارڪيٽنگ جي سلسلي ۾۔۔۔ پوءِ ڪڏهن انهيءَ مقابلن جي ڪري سٺا پيڪيج به اسان جهڙن غريبن لاءِ اچيو وڃن۔۔۔ زونگ وارن تازو هڪ نئون پيڪيج۔۔۔ فيملي پيڪيج جي نالي سان متعارف ڪرايو آهي جنهن ۾ ڪي به ٽي ماڻهو گڏجي هڪ گروپ ٺاهي سگهن ٿا جنهن کي فيملي جو نالو ڏنل آهي۔ پوءِ انهن مان ڪو به هڪڙو شخص مهيني جا 799 يعني ٽيڪس سوڌي 955 جيترا پئسا ڀريندو ۽ پوءِ انهن ٽنهي جي وچ ۾ ڪال فري هوندي۔۔ نه ڪا ڪال جي مدت جي پرواهه نه، نه ڪنهن ٽائم جي پرواهه۔۔ ٺڪا ٺڪ ڪال۔۔۔ جنهن شخص کي پئسا ڀرڻا هوندا اهو پنهنجي زونگ جي نمبر تان930 ڊائل ڪندو ۽ بقايا ٻه نمبر اينٽر ڪندو، انهيءَ کان بعد سڄي مهيني جي لاءِ انهن ٽنهي دوستن (فيملي) جي وچ ۾ ڪال فري۔۔۔ نوٽ: توهان هر مهيني پنهنجي مرضيءَ سان دوستن جو نمبر تبديل به ڪري سگهو ٿا۔۔۔ فيئر پاليسي جي حساب سان پيڪيج جي حد مهيني جا ٽوٽل 25000 منٽ ٿين ٿا... مطلب ته روزاني ڳالهائڻ جي حد 830 منٽ يا ساڍا 13 ڪلاڪ
جواب: زونگ جو نئون فيملي پيڪيج۔۔۔ ادا اسد ڳالهه ته فائدي جي آهي پر اهي پئسا ڪير ڀري ها باقي ٽئي گڏجي ڀرين ته پوء ته صفا معمولي پيڪيج آهي باقي وڏن ماڻهن کي ته ائين به گهڻي ٿوري جي پرواه ڪانهي ڪا۔ بهرحال اوهان نئين معلومات موڪلي اوهان جا لک لائق ڪو نه ڪو دوست ان مان فائدو حاصل ڪري اوهان کي دعائون ڪندو۔
جواب: زونگ جو نئون فيملي پيڪيج۔۔۔ ادا تمام بهترين پيڪيج آهي پر ان ۾ جيڪي انهن پئسن جي گهر ڪئي آهي اها تمام گهڻي آهي ان ۾ ڪمي ڪئي وڃي ته اصل لاجواب پيڪيج ٿئي ويندو سدائين گڏ
جواب: زونگ جو نئون فيملي پيڪيج۔۔۔ سائين اها ڳالهه ته آهي ته اهي پيڪيج ڪمپنيون انهيءَ لاءِ ئي ڏينديون آهن ته انهن جو هڪڙي ئي وقت تي ايندڙ منافعو وڌي۔۔ پر ڪاروباري ماڻهن يا فيملين لاءِ اهو پيڪيج ان ڪري به ڀلو آهي جو پئسا فقط وڏو ڀريندو پوءِ مهيني ۾ هو هڪ ٻئي ڏانهن ڪيتريون يا ڪيتري به ڊگهي ڪال ڪن ٻيو ته ٻين ڪمپنين جي پيڪيجز ۾ جيڪو پئسا ڀري ٿو اهو ئي ٻين ڏي ڳالهائي سگهي ٿو پر هن پيڪيج ۾ ٽنهيءَ مان ڪو به هڪ ٻئي ڏي ڪال ڪري پئسن جي پرواهه نه آهي۔۔۔
جواب: زونگ جو نئون فيملي پيڪيج۔۔۔ سائين جيڪڏهن ڪمپنيءَ کي انهيءَ پيڪيج جو ريسپانس سٺو نه مليو ته اهي ان باري ۾ سوچي سگهن ٿا۔۔