گل حسن لاکو
سينيئر رڪن
26 جون 2013ع تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سنڌ جي تعليم ۽ خواندگيءَ واري کاتي ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرارن جي ڀرتين لاءِ لکت وارو امتحان ورتو ويو، جنهن ۾ 36 سوال سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ متعلق هئا، ۽ 14 سوال عام معلومات جا هئا، سنڌيءَ جي سوالن ۾ ڪي سوال اهڙا به هئا، جن ۾ اسان کي اڃا تائين مونجهارو آهي، جن جا جواب واضح صورت ۾ نه ٿا ملن، ۽ سنڌي ادب جي اُستادن توڙي شاگردن ۾ روبرو، موبائيل ۽ انٽرنيٽ تي ان حوالي سان هڪ بحث هلي رهيو آهي. هر ڪو پنهنجي علمي آڌار تي مختلف ڳالهيون پيو ڪري، انهن ۾ خاص طرح سان اهو سوال آهي ته، ”سنڌي نثر جو پهريون ڪتاب ڪهڙو آهي؟“ جنهن جي جواب ۾ ٻه نالا ٿا کنيا وڃن، هڪڙو ديوان نند پرام جو لکيل درسي ڪتاب ”بابنامو“، جيڪو 1853ع ۾ شايع ٿيو، ٽالپر دور ۾ آخوند عبدالعزيز يا عزيز الله مٽياري واري جو ڪيل قرآن پاڪ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، ان ترجمي لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته، ”اهو پهريون ڀيرو بمبئي مان 1877ع ۾ شايع ٿيو، هاڻي جيڪڏهن آخوند عزيز واري ترجمي کي سنڌي نثر جو پهريون ڪتاب قرار ڏجي، ته پوءِ عرب دور ۾ 855ع ۾ منصوره جي عرب عالم طرفان ڪيل قرآن شريف جي سنڌي نثري ترجمي کي ڇا چئجي؟! پوءِ ته سنڌي نثر جو پهريون ڪتاب عرب عالم وارو ڪيل اهو ترجمو ٿيو، سنڌي ادب جي تاريخ لکندڙ، جن ۾ محمد صديق ميمڻ، منگهارام ملڪاڻي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ مختيار ملاح شامل آهن. اهي سنڌي نثر جو پهريون ڪتاب آخوند عزيز واري قرآني ترجمي کي قرار ڏين ٿا. ساڳئي سواليه پرچي ۾ ٻيو منجهائيندڙ سوال اهو هو ته، ”حروف علت بيمار اکرن کي چئبو آهي، (صحيح/غلط).“ لفظ علت جي معنيٰ ته سنڌي لغتن ۾ بيماري، مرض، اَگهائي، عادت ۽ هيرَ لکيل آهي، پر ساڳين سنڌي لغتن ۾ ”حروفِ علت“ جي معنيٰ اها لکيل آهي ته، ”ٻئي ڪنهن حرف سان گڏجي اُچار ٺاهيندڙ اکر (ا، و، ي)“انهن لغتن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واري هڪ جُلدي سنڌي لغت، جيڪا لئنگويج اٿارٽيءَ وارن ڇپائي آهي ۽ عبدالستار بلوچ واري سنڌيڪا لغت شامل آهن، فيروز اللغات (اردو) ۾ ”حروفِ علت“ جي معنيٰ لکيل آهي ته، ”اهي حروف جيڪي حروفِ صحيح کي متحرڪ ڪن (ا، و، ي).“ هاڻي خبر ناهي ته، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وارن وٽ انهن ٻنهي سوالن جو صحيح جواب ڪهڙو آهي؟!
ارشاد علي چَنجَڻُ/گهوٽڪي
ارشاد علي چَنجَڻُ/گهوٽڪي