جناح اسپتال ۾ ٿيل ويڌن جي ڪهاڻيمنهنجي معصوم پٽ جو جيون بچايورزاق عاصي 2825 اٽيچمينٽ ڏسو اها حقيقت آهي ته جنهن ملڪ ۾ صحت ۽ تعليم جا شعبا صحت مند هجن ٿا ان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي مثالي هجي ٿي، خيرن سان اسان جي ملڪ ۾ ڪو به اهڙو مثال موجود ناهي جنهن کي بنياد بڻائي اسان تاريخ جي صفحن ۾ اهڙا حوالا ڏئي سگهون! جناح اسپتال ڪراچيءَ جي حالت کي ميڊيا رپورٽن ۾ ڪيترائي ڀيرا صحافي دوست اجاگر ڪري چڪا آهن پر آئون اڄ ”آپ بيتي“ جيڪا مون سان ٿي گذري آهي، هن سٽن ذريعي اعليٰ ايوانن، اعليٰ اختيارين ۽ پڙهندڙ دوستن تائين پهچائڻ چاهيان ٿو. 13 سالن جو منهنجو پٽ ثاقب 20 جون کان ڪراچي ۾جناح اسپتال جي سرجيڪل وارڊ 14 جي بيڊ نمبر 24 تي داخل آهي جنهن جو پهريون 20 جون تي آپريشن ٿيو ۽ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ڪري زخم خراب ٿي وڃڻ سبب ٻيهر 4 جولاءِ تي آپريشن ڪيو ويو پر هن کان پوءِ به اها ساڳي لاپرواهي جاري آهي، جنهن جي شڪايت نه رڳو مون ڊائريڪٽر سيمي جمالي جي پي اي کي ڪئي پر وارڊ جي هر هڪ ڊاڪٽر کي ميڙ منٿ ڪندو رهيس پر مجال جو ڪنهن جي ڪن تي ڪا جونءِ سُري ۽ هو پنهنجي مسيحائي جو ڀرم رکي!! دوستو! اتي اها ڳالهه واضح ڪندو هلان ته هي رڳو مسئلو منهنجو ۽ مون سان ئي ناهي اهڙا هزارين مريض جيڪي سياسي ۽ سماجي سپورٽ نه ٿا رکن يا جن وٽ وڏي ڪا سفارش ناهي انهن سان اهڙي ويڌن ڪا نئين ڳالهه ناهي، آئون اهو به ٻڌائيندو هلان ته مختلف سياسي پارٽين جون ذيلي ونگون به ڪم ڪري رهيون آهن جيڪي پارٽي بنيادن تي پنهنجي ڪارڪنن لاءِ بهتر کان بهتر علاج لاءِ نه رڳو عملي پر اسپتال جي اعليٰ اختيارين کي به ڏنڊي جي زور تي مجبور ڪري ٿيون ڇڏين ۽ پنهنجو ڪم ڪڍي وٺن ٿيون پر بي پهچ مريض ۽ وارث انتهائي هيڻي حالن ۾ اتي اذيتن کي منهن ڏيندي نظر اچن ٿا. ڇا اربين رپيا بجيٽ جي مد ۾ جيڪي هن وڏي اسپتال لاءِ رکيا وڃن ٿا جنهن سان مريضن جو علاج ڪرڻو هوندو آهي يا ته اهي پئسا ڪرپشن جي کوهه ۾ اڇلايا وڃن ٿا، اهو پڇاڻو ته شايد ڪنهن به کاتي ۾ اڄ تائين ٿيو آهي ۽ نه ئي شايد ڪڏهن ٿيندو. بس اتي ٿيندو يا ٿيڻو اهو ئي آهي. هزارين مائرون ۽ پيئر پنهنجي جگر جي ٽڪرن جا ڦٽ ڏسي لڙڪ وهائيندا رهندا. شايد هن اذيت کان اعليٰ ايوانن جا نمائندا ۽ حڪومتي اختياريون ته ان ڪري به اڻ واقف آهن ته هنن جو سرڪاري خرچ تي يا ته ملڪ جي وڏين ۽ بهترين اسپتالن ۾ علاج ٿئي ٿو يا هنن کي جناح ۽ سول ۾ به اهڙيون سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون جيڪي هڪ عام ماڻهو کي نٿيون ملن، ڪاش! هو ايوانن جي ٿڌي ڪمرن ۾ ويٺل ۽ جناح جي اي سي (ايئر ڪنڊيشن) آفيسن ۾ ويٺل مسيحا سمجهي سگهن پر هنن کي ته ان مسئلي تي ڪائي ڳڻتي ناهي ۽ نه وري هنن تائين ڪابه اهڙي ڪڏهن ڪا شڪايت پهچائي وڃي ٿي. اهڙو تجربو مون کي گذريل 15 ڏينهن ۾ ٿيو آهي. هڪ صحافي هجڻ جي ناتي آئون اختيارين وٽ ڪيترائي ڀيرا چڪر ڪاٽيندو رهيو آهيان پر قلم ڪار کان وڌيڪ اتي هٿيار کڻندڙ آڱريون رکندڙ وجود کي وڌيڪ اهميت ملي ٿي، اتي سياسي جهيڙن ۾ گوليون کائي زخمي ٿيڻ وارن جي حادثن جي زخمين کان وڌيڪ پرگهور لهي وڃي ٿي. آئون پنهنجي 13 سالن جي پٽ کي سور جي شدت سان تڙپندي ڏسي ته پريشان ٿيان ٿو پر اتي ڪيترا گلابن جهڙا معصوم، ڳڀرو ۽ پيرسن پوڙهن جون تڪليفون ڏسي ته اڃا به وڌيڪ اذيت ملي ٿي ۽ اهو سوچي ته اڃا وڌيڪ عذاب ۾ مبتلا ٿيڻ واجب ٿي وڃي ٿو ته اهڙا منظر هن عذاب گهر مان موڪلائڻا ئي ناهن اتي جيڪو ڪجهه اڌ صدي کان هلي ٿو پيو هو هلندو ئي رهندو، مسيحائي ڪندڙ ڪڏهن به پنهنجي لاپرواهين کان دستبردار ناهن ٿيڻا ۽ اتي زندگيءَ جي آشا کڻي ايندڙ کي سدائين مايوسيون ملڻيون آهن، شايد هن ”جناح اسپتال“ جي حالت کي سڌرڻو ئي ناهي. آئون اپيل ٿو ڪيان ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ صحت کاتي جي اختيارين کي هيءُ رڳو هڪ منهنجي پٽ جي زندگي جو مسئلو ناهي پر اتي هزارين مائرن جي جگر جا ٽڪرا زندگي ۽ موت جي چوواٽي تي بيٺل آهن انهن جي زندگين سان نه کيڏيو وڃي. هڪ گذارش آهي آئون پنهنجي لڏي جي صحافي دوستن کي به ڪندس ته هو ايوانن جي ٻوڙين ديوارن اندر ويٺل اسان جي چونڊيل نمائندن تائين تازي صورتحال جون ڳالهيون پهچائن ته جيئن هزارين انسانن جي حياتين کي نئين زندگي جا مرڪندڙ صبح ڏسڻ لاءِ ملي سگهن.
سائين غلام مصطفي ميمڻ جن جي ڪجهه واقفيت جناح اسپتال ۾ آهي۔۔ کين هن موضوع ۾ ٽيگ ڪجي ٿو ۽ گڏ توهان کي به گذارش آهي ته کين نئين ذاتي ڪچهري موڪليو۔۔ اميد ته رب پاڪ ڀلائي ڪندو۔۔۔
ڏک واري خبر آهي ته اسان پنهنجي ئي شهر ۾ پاڻ دربدر آهيون۔ عام ماڻهو ته پنهنجي جاء تي پر سنڌ جي صحافين سان به اهائي ويڌن آهي۔ اسان به وس وارن کي اپيل ئي ڪري سگهون ٿا جو جناح اسپتال ۾ گهڻي واقفيت ڪانهي۔ طبيعت م به بهتري ناهي، جيئن ئي گهمڻ جهڙا ٿياسين ته حاضري ڀربي۔