منهنجو ته ڪليجو ڪٽجي ويو

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ رزاق عاصي طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2013۔

  1. رزاق عاصي

    رزاق عاصي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2013
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    منهنجو ته ڪليجو ڪٽجي ويو
    دوستو! منهنجو 13 سالن جو پٽ ثاقب رضا هن وقت جناح اسپتال ۾ داخل آهي، سندس ٻيون آپريشن به ٿيو، ويهڪ واري جاءِکان وٺي سٿر جي پوئين پاسي تائين آپريشن ڪيڏو ڪٺن ٿئي ٿو، ان جو اندازو لڳائڻ نه رڳو اوکو پر تڪليف ده پڻ آهي.
    آئون صحافي آهيان، سنڌي صحافي جيڪو سنڌي مظلوم عوام جو ڪيس وڙهي ٿو، اڄ منهنجو ڪيس ڪير به وڙهڻ لاءِ تيار ناهي، سنڌ جي مظلومن جي دانهن کي ايوانن تائين پهچائيندڙ اسان صحافين جي دانهن ڪير به ورنائي نه ٿو،
    پنهنجي معصوم جگر جي ٽڪري کي لڇندي ۽ مرجهايل چهري کي ڏسڻ جي سگهه مون ۾ ناهي رهي، حسرت ڀري نگاهن سان جڏهن هو مون ڏانهن نهاري ٿو تڏهن منهنجا آنڊا ڪٽجي ٿا وڃن، ڇيهه ڇڄي ٿو پئي، پنهنجي کيسي کي ڏسان ٿو ته پاڻ تي ڪاوڙ اچي ٿي پر ڇا ڪريان سنڌي صحافي جو ٿيس، جنهن جي مقدر ۾ مفلسي ۽ بدحالي ئي آهي.
    اوهان دوست جيڪي جتي به آهيو، جيڪڏهن ٿوري گهڻي همت ڪري منهنجي معصوم پٽ جي جينئدان لاءِ جستجو ڪريو ته شايد منهنجو ٻڇڙو هن مصيبت کان مڪتي ماڻي سگهي، ان ڏس ۾ جناح اسپتال جي سرجيڪل وارڊ 14 ۾ اچو ۽ بيڊ نمبر 24 تي نظر ڊوڙائي ثاقب کي ڏسي اندازو لڳايو ته هي ڊاڪٽرن جي لاپرواهي جو نشانو بڻيل آهي يا نه!؟
    منهنجو موبائل نمبر 03022051021 آهي، هن نمبر تي رابطو ڪري همدري ۽ ڏڍ اظهاري سگهو ٿا، جڏهن ته جن دوستن جي معاشي سگهه وسيع آهي يا سندن سماجي توڙي سياسي رابطا وڏا آهن ته اهي ڪنهن معياري اسپتال ۾ منهنجي پٽ جي علاج لاءِ سهڪار ۽ سهائتا جو سندرو ساهي آڏو اچن،ته شايد انهن جا ڀال ڪڏهن به ڀلائي نه سگهندس.
    اميد جو ڪرڻو اوهان دوست آهيو، جيڪي ”سنڌ سلامت“ جي فورم تي آن لائين آهن.

    منهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر 4410148426289 آهي، جيڪڏهن اوهان مان ڪير منهنجي مالي مدد ڪري اخلاقي فرض سمجهندو ته اها به اميد جو ڪرڻو سمجهندس
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا رب جي ذات مسبب السباب آهي ۔هي انسان جو امتحان آهي انشاءِ الله ڪو نه و واهر وارو اچي ويندو الله اوهان جي ننڍڙي کي وڏي ڄمار عطا ڪري ۔
    وسلام
     
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا رزاق۔۔مون توهان کي ذاتي پيغام موڪليو آهي۔ ان تي عمل ڪندا۔ الله پاڪ اسان سڀني جون پريشانيون ۽ تڪليفون حل ڪري۔ آمين۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڏک واري خبر آهي ته اسان پنهنجي ئي شهر ۾ پاڻ دربدر آهيون۔ عام ماڻهو ته پنهنجي جاء تي پر سنڌ جي صحافين سان به اهائي ويڌن آهي۔

    جڏهن پنهنجي دل جو ٽڪر بيمار هجي ته ننڊون ڦٽي وڃن ٿيون۔

    اسان به وس وارن کي اپيل ئي ڪري سگهون ٿا جو جناح اسپتال ۾ گهڻي وقفيت ڪانهي۔

    طبيعت م به بهتري ناهي، جيئن ئي گهمڻ جهڙا ٿياسين ته حاضري ڀربي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو