ڪراچي نهايت خوبصورت شهر آهي.جيترا دفعا ڏسي نت نئون ۽ موهيندڙ ٿو لڳي.مان ٽي دفعا سنڌ ويو آهيان ۽ الڳ الڳ دوستن سان ڪيئي دفعا ڪراچيءَ کي پرڪرما ڏني اٿم.ڪراچي اها دوشيزه پياسي اٿم جنهن کي هڪ ڀيرو ڏسڻ بعد بار بار ڏسڻ تي دل ٿئي ۽ هرکي.موڪرا ۽ صاف سٿرا رستا،نيون ٺهيل سهڻيون بلڊنگون،فائيو اسٽار هوٽلون،ڪلفٽن جو سمنڊ ڪنارو۽گهمڻ لاءِ يارن دوستن جون ايئر ڪنڊيشنس موٽرون. هن دفعي جڏهن طارق اشرف ٻڌايو ته شيخ اياز سکر مان لڏي ڪراچيءَ اچي رهيو آهي ته ڪراچي وڌيڪ سهڻي لڳي.هوائن ۾ ڄڻ اياز جون وايون پئي جهليون.اياز سان ملڻ لاءِ دل بيچين ٿي ويئي.جو اسان کان پري به ته ڪونه هو.ساڳيو ڪامپليڪس،هڪ بلڊنگ ۾اسين يعني غلام نبي مغل جي فلئٽ ۾،۽ سامهون واري بلڊنگ ۾ شيخ اياز جيڪو پنهنجي پٽ سليم وٽ رهيل هو.اهو پرنس ڪمپليڪس ٺهيل آهي.ڪلفٽن برج جي نزديڪ جا اڳ لورس برج سڏبي هئي ،پيارن جي پل! مان پهريون دفعو 1986ع ۾ سنڌ ويو هوس ته ايازسان ملاقات ڪانه ٿي سگهي هئي.کيس معلوم ٿي چڪو هو ته مان سنڌ ۾ آهيان ۽ سکر وڃڻ کان مجبور آهيان جو مون وٽ سکروڃڻ جي ويزا ڪانه هئي.جڏهن مون ”سنڌ جوسفر “جڙيل جن مان جند لکيو ته ان ۾ لکيم ته سنڌ وڃي به اياز سان نه مليس ته جهڙو سنڌ ويس تهڙو نه ويس.پر جڏهن ٻيو دفعو 1978ع ۾ ويس ته مون وٽ ويزا هئي ۽ مان سکر وڃي اياز سان ملي سگهيس.مون سان گڏ نندجو يري۽ نند جڳائي به هئا. شيخ اياز اسان کي پنهنجي آفيس ۾ ئي مليو.پهريون ته عجب کاڌؤ خوشيءَ وچان هڪ ٻئي کي ڏسندا رهياسين.شيخ اياز 1963ع بعد اسان کي پنهنجي سامهون ڏسي رهيو هو.1963ع ۾ جڏهن اتم ۽ سندري سنڌ ۾ وٽس ٽڪيل هئا،تنهن بعد اڄ ڀارت جي ڪن اديبن سان مليو هو.ڪجهه ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ لاءِٽمٽار ڀريل هياسين.سڀ ماٺ ڪيون هڪ ٻئي کي ڏسي رهيا هئاسون.نند جويري پنهنجي ڪيفيت جو بيان ڪري چڪو آهي.نندجڳائي اڃان ماٺ آهي۽ مان اڄ تائين لفظن ۽ اظهار کي تلاشي رهيو آهيان. آخر،ڪنهن طرح ان ماٺ کي چهڪ آيو هو ۽ پوءِ اياز اٿلي پيو هو،سنڌو ساگر جيان!هو ڳالهائي رهيو هو ۽ اسين ٽيئي کيس ٻڌندا رهيا هئاسين.هن ڀٽي جي دور کان وٺي ضياءُالهق جي دؤر تائين ڪيئي دفتر کولي بيان ڪيا.ان وقت سندس ساڄي هٿ جي ٻن آڱرين وچ ۾ هڪ سگريٽ جهليل هوجيڪو دکڻ لاءِ بيچين هو ليڪن اياز ان کي ان ئي بيچينيءَ ۾ رهڻ ڏنو۽ رکي رکي ،ان اڻ دکيل سگريٽ مان ڪش پئي هنيا!. ايازصاحب تي تازو پيريلس جي اٽيڪ ٿي هئي.جنهن مان هو شفاياب نه ٿيو هو پر ان جا اهڃاڻ اڃا تائين سندس جسم تي نمايان نمايان هئا.کيس هلڻ وقت لڪڻ جو سهارو وٺڻو ٿي پيو. سندس سرير پڻ جهريل هو ۽ اڳي وانگر رشٽ پشٽ ڪونه هو.ليڪن اها فخر جوڳي حقيقت هئي ته هن جي لکڻ ۾ ڪوبه جهوٻو يا ڇيٽو ڪونه پيو هو.هو اڳي کان به وڌيڪ ۽ وڌيڪ لکي رهيو هو۽ سندس ڪتاب ڇپجي هٿون هٿ وڪامجي رهيا هئا.تڏهن مون محسوس ڪيو هو ته شيخ اياز واقعي پنهنجي هڪ شعري مجموعي جي عنوان جيان بڙ جو هڪ ڇايادار درخت هو.جيڪو سنڌوءَ جي ڪپر تي آيو هو ۽ سندس پن هريا ڀريا ۽ تازا توانا هئا.سندس شاعريءَ جيان مڌ مليل ماٽن جيان. پر ان هڪ ملاقات مان منهنجي پياس نه ٻجهي هئي ان هڪ بوند چکڻ بعد تاس اڃا به وڌي ويئي هئي.اياز سان ملڻ جي تمنا اڃا به وڌي ويئي هئي. هن دفعي ڪراچيءَ ۾ قيام وقت جڏهن طارق اشرف ٻڌايو هو ته هن سامهون واري بلڊنگ ۾ ايازصاحب رهيو پيو آهي ته مان اهو ٻڌي بيتاب ٿي ويس. طارق اشرف نئين سر”سهڻي“ ڪڍي رهيو هو سابه وڏي سائيز ۾ ۽ ڪمپيوٽر تي.ان سلسلي ۾ هو ڪراچيءَ آيو هو۽ کيس اياز سان به ملڻو هو هن منهنجي ڪري ان وقت ئي فون تي کانئس ملڻ جي اجازت ورتي ۽ کيس ٻڌايائين ته مان پڻ پيو اچان اسين ساڍي ڏهين بجي صبح جو ساڻس ملڻ فلئٽ تي وياسين.جيسيتائين لفٽ هيٺ اچي ۽ اسين چوٿين ماڙ تي پهچون.تيسيتائين مون هر هر لفٽ جو بٽڻ ٿي دٻايو.طارق منهنجي بيچيني ڏسي چپن ۾ مشڪي رهيو هو.طارق کي ڇاهي!هو هتي ئي ٿو رهي جڏهن چاهي اياز سان ملي ٿوسگهي.اسان ته پنهنجي ئي وطن ۾ اوپرا آهيون۽ وڏي ڳالهه ته مبادي آهيون.اسان جي مقررميعاد پوري ٿيندي ته هتان وڃڻو پوندوٻيو ڪو چارو به ته ڪونه هو. نيٺ لفٽ آئي اسين اند داخل ٿياسين ته طارق چوٿين ماڙ جو بٽڻ دٻايو.بلڊنگ نئين لفٽ به نئين منٽن ۾ مٿي پهچي وياسون.28ـاي فلئٽ تائين پهچڻ ۾ منٽ به نه لڳو پر منهنجي ليکي ته هڪ سال لڳي ويو هو.فلئٽ جو ڪال بيل دٻائي در کلڻ جو انتظار ڪرڻ لڳاسون.”کل جا سم سم!“مون دل ئي دل ۾ چيو.پردر نه کليو،سوچيم گهر ۾ ڪير آهي الائي نه وهم ورائي ويا.پر نيٺ در کليو ۽ در کولڻ وارو پاڻ شيخ اياز هو!طارق کي يڪدم سڃاتائين.اسان جي وش جو جواب هلڪيءَ مرڪ سان ڏنائين.پوءِ اندر اچڻ لاءِ چيائين.اسين سندس پٺيان پٺيان ڊرائنگ روم تائين وياسين.پاڻ سامهون واري صوفا تي ويٺو۽ اسين سندس پاسن کان رکيل صوفا تي ويٺاسين. اياز صاحب جي طبيعت ڪافي عليل هئي.ٻڌايائين ته سکر ۾ کيس هارٽ اٽيڪ ٿي هئي.سندس ننڍو پٽ سليم جيڪو هارٽ اسپيشلسٽ هو.تنهن سندس علاج ڪيو هو ۽ هيئنر سندس نظرداريءَ هيٺ ڪراچيءَ ۾ رهيل هو. ايازصاحب ڌيري سان چيو”توهان جي خاطر داري نٿو ڪري سگهان جو منهنجي نُنهن ٺيڪ ڪانه آهي ۽ زرينه پڻ هتي ڪانه آهي.“ان ڪري ئي اياز پاڻ اچي دروازو کوليو هو.اياز جي ننهن جو نالو لبنيٰ هو جا گرڀوتي هئي.هوءَ جيتوڻيڪ ٺيڪ ڪانه هئي ته به اسان لاءِ چانهه ٺاهي کڻي آئي. مون اياز کي پهرين ڪجهه ڪتاب ڏنا جي آءٌ ڀارت مان کڻي آيو هوس.پوءِ کيس مالهيءَ جو خط ڏنم جيڪو ٻيڻو ڪري کيسي ۾ وڌو پوءِ کيس ٻڌايم ته الهاس نگر ۾ هن سال جي اڪٽوبر ڌاري اوهان تي سيمينار پيا ڪريون جنهن ۾ شرڪت ڪرڻ واسطي توهان کي نينڍ ڏيڻ آيو آهيان . طارق اشرف کي جيئن ته خدا بخش ابڙي وٽ وڃڻو هو.تنهن ڪري هو اياز ضروري ڳالهيون ڪري مونکي واپس مغل جي فلئٽ ۾ اچڻ جي هدايت ڪري هليو ويو.طارق ويو ته ته پوءِ مون اياز صاحب سان دل کولي ڳالهيون ڪيون.مون محسوس ڪيو ته رشيد ڀٽيءَ جي وفات ۽ هينئر نارائڻ شيام جي جالاڻي تي سندس دل ۽ دماغ تي ڪافي گهرو اثر ڇڏيو هو.شيام کي هو ڏاڍو ڀائيندو هو.حالانڪ ساڻس ملئي ڳپس ڪيئي ورهيه ٿي ويا هئا ته به هو هڪ ٻئي جي ايترو ويجهو هئا ڄڻ آمهون سامهون هئا!ٻئي هڪ ٻئي جي دلين تي اُڪريل هئا. جذبات جي وهڪ۾ وهندي اياز چيو،مون کيس شرڌانجليءَ جي روپ ۾ مٿس پنجاهه بيت لکيا آهن جن کي ”سر نارائڻ شيام“ سُر ڏنو اٿم. اها ڳالهه ٻڌي منهنجون رڳون مرڪڻ لڳيون.انهن ۾ ڄڻ درد جي ڌارا وهي نڪتي هئي.مون اياز صاحب کي عرض ڪيو ته اهي بيت مونکي ضرور پڙهايو.هو آهستي آهستي صوفا تان اٿيو ۽ ڊرائنگ روم کان ٻاهر پنهنجي بيڊ روم طرف ويو. جيسيتائين اياز موٽي تيسيتائين مان ڊرائنگ جو جائزو وٺڻ لڳس نهايت خوبصورت هو ڊرائنگ روم سليقي سان سينگاريل هو. فرش تي ايراني ڪارپيٽ پيو هو.صوفا به نوان هئا.ديوارن تي سهڻا ريشمي پردا لڳل هئا.هڪ ڪنڊ ۾ اسٽيريو سائونڊرکيل هو۽ ديوار ۾ شيلف جنهن جي خانن ۾ ڪجهه ديڪوريشن شيون ۽ هڪ خاني ۾ اياز جا نوان ڪتاب رکيا هئا جن مان هڪ اردوءَ ۾ هو.”نیل کنٹھ اورنیم کے پتے“جيڪو تازو شايع ٿيو هو. مون اڳئين دفعي سکر ۾ شيخ اياز کي چيو هو ته اياز صاحب هاڻي توهين وڪالت کان فارغ ٿي صرف لکو۽ لکو.تنهن سان گڏ هڪ شيخ اياز لٽرري فائونڊيشن برپا ڪريوجنهن ۾ توهان جون تصنيفون ڪتابخواه اڻ ڇپيل مسودا،ڊائريون وغيره موجود هجن.تنهن کان سواءِ توهان جي لئبريريءَ جا ڪتاب به هجن جيئن اڳتي هلي ڪير اکر توهان تي مقالو لکڻ چاهي يا توهان بابت ڪا کوجنا ڪرڻ چاهي ته کيس سمورو مواد هڪ هنڌ مهيا ٿي ملي سگهي.تنهن تي اياز چيو هو ته هو وڪالت کان رٽائر ٿيڻ جو گهڻو ئي سوچي ٿو ليڪن سندس اسيل کيس ڪونه ٿا ڇڏين.مون کين چيو هو ته پوءِ به سائين اهو سلسلو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو. ليڪن هينئر اهو سلسلو ختم ٿيو هو ۽ اياز وڪالت جو سمورو ڪم پنهنجي جونيئرن جي حوالي ڪري.پاڻ هميشه لاءِ ڪراچيءَ ۾ هليو آيو هو.سندس پنهنجو فلئٽ،پٽس سليم جي ويجهو ئي فرنشڊ ٿي رهيو هو جنهن جي نظر داري پاڻ پئي ڪيائين.اياز مشڪندي ٻڌايو ته ان فلئٽ جا ٻه ڪمرا ته سندس پڙهيل ۽ موجود ڪتابن سان ئي ڀرجي ويندا جنهن ۾ دنيا جي هر ٻوليءَ جا ڪتاب هئا.انگريزي،سنڌيءَ ۽ اردو ۾. اياز هڪ هٿ ۾ هڪ وڏي ڊائري کڻي ڊرائنگ روم ۾ داخل ٿيو.مان اٿي بيٺس ۽ اڳيان وڌي کيس هٿ ڏئي صوفا تائين وٺي آيس.هو صوفا تي ويٺو ۽ ٻه ڳالهيون چيائين”هري مالهيءَ کي چئجانءِ ته مان مرڻو ناهيان.مان موت کي تيسيتائين گوهيون ڏيندو رهندس جيسيتائين مون کي جيڪي لکڻو آهي،اهو لکي پورو نه ڪيو اٿم..مان سمجهي ويس ته هو مالهيءَ واري چٺي پڙهي آيو هو ۽ هيءُ ان چٺيءَ جو جواب هو. اياز جهٽ پل ساهي پٽي ٻي ڳالهه چئي چيائين”دوست کي ٻڌائج ته مان اڪٽوبر ۾ ضرور ايندس.مون سان گڏ منهنجي زال زرينه به ايندي“ڪا ساعت هن ڪجهه سوچيو ۽ پوءِ چيو ”مان پنهنجي زال جي عقيدي اڳيان جو اچان.هن جي خواهش آهي ته هوءَ اجمير شريف زيارت ڪري اچي.ڇا اهو بندوبست ٿي سگهندؤ؟“ ايترو چئي هن مون طرف نهاريو. مون اياز کي يقين ڏياريندي چيو ”اياز صاحب اهو ذمومنهنجو ٿيو.توهين خاطري رکو.اوهان صرف اتي اچو. اياز جي دل تان ڄڻ وڏو بوجهه لهي ويو.پوءِ هن نارائڻ شيام وارن بيتن جي ڊائري مونکي ڏئي چيو”جڏهن مون هي بيت لکي پورا ڪيا هئا تڏهن مان ٽي ڏينهن بي سرت ٿي ويو هوس.پٽ سليم گهڻو ئي سمجهايو ته بابا،پڙهو بلاشڪ پر لکو ڪجهه به نه.لکڻ سان اوهان کي تڪليف ٿي ٿئي.مون کيس چيو ته پٽ اگر لکان نه ته باقي آءٌ جيئان ڇا لاءِ؟مون کي ته اڇان گهڻو لکڻو آهي.منهنجو پٽ چپ ٿي ويو ۽ مان اڇان لکان پيو.“ مون ڊائريءَ جو پهريون ورق کوليو ته مٿان لکيل هو”سر نارائڻ شيام“جڏهن پهريون بيت پڙهيم ته سنجيده ٿي ويس بيت هو تنهنجي رک کڻي ويون گنگا جون لهرون سنڌوءَ اٻهريون ٻانهون ڦهلايون گهڻو. نارائڻ شيام کي سنڌ لاءِ گهڻي اڪير هئي.سنڌوءَ کي بنهه ماتا سمان سمجهندو هو.تڏهن ئي ته لکيو هئائين گنگا جمنا امرت امرت ليڪن ٿڃ ته سنڌو آ ڪير آهي جيڪو پنهنجي ماتا کي وساري سگهندو.سنڌ کي،جنم ڀوميءَ کي وسارن عبث آهي.نارائڻ شيام لاءِ به ٻين سنڌين لاءِ به! هڪ لڱا پاڪستان سرڪار جي سرڪاري نوتي تي شيام ۽ ڪي ٻيا اديب سنڌ وڃڻ لاءِ دهليءَ جي ائيرپورٽ تان واپس ورايا ويا هائ.سندن ويزائونرد ڪيون ويون هيون!ڪيڏو نه مذاق! ان درد وچان شام هڪ شعر لکيو هو جيڪو ڪنهن به ظالم جو جيڪو جگر ڏاري وجهي ها!ان ڪري جڏهن سنڌ جي هڪ شاعر مظهر لغاريءَ دهليءَ ۾ نارائڻ شيام کان پڇيو ته”سنڌ کي اوهان جي ضرورت آهي.اوهين سنڌ ڪڏهن ايندا؟“ته ڪجهه گهڙين جي ماڍار بعد ٿڌو ساهه کڻي شيام واراڻيو هو”مان پنهنجي سنڌ ۾ پاسپورٽ ۽ ويزا تي وڃڻ نٿو چاهيان.سنڌ کي جڏهن به منهنجي ضرورت هوندي مون کي گهرائي وٺندي.“ڪيترو نه درد،ڪيتري نه پيڙا هئيان جملي ۾ !ڇا ان جو احساس ڪنهن کي آهي؟هڪ ٻوٽو جيڪو پنهنجي زمين جي پاڙن کان پٽي ٻئي ڌرتيءَ جي پاڙ ۾ وڌو ويو آهي اهو ٻوٽو اتي گهڻو وقت جالي نه سگهندو؟. اياز الٽو شيام کي ڏوراپو ٿو ڏئي شيام اڃا اڏڻي هئي توهان لئي سنڌ ڇا تو هرکي هند،پنهنجي ڪئي پيار مان؟ ليڪن جيئن ڪرشن راهيءَ چيو آهي ته سنڌوءَ ۾ تن ساهه،سنڌو ڀانئن ماءُ! تيئن شيام جو به سنڌوءَ ۾ ساهه هو تڏهن ئي ته اهتمام سان چيائين سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان اياز جي عظمت ڏسو ته ڪيئن هو شيام کي پنهنجو اڌ انگ ٿو سمجهي صدين لاءِ رهندو سچو هي جو منهنجون ”مون“ متان ڀانئين تون اڌ ڪندس مان پاڻ کي مان جيئن جيئن سر نارائڻ شيام جا بيت پرهندو ويس تيئن تيئن من جي بحر ۾ درد جون لهرون اڀرنديون ويئون.هيءُ اهو درد هو جيڪو اياز هنن بيتن ۾ ائين پلٽيو هو جيئنب ڇيهو پگهاري قالب ۾ وجهبو آهي يا جيئن ڇوهه مان وهندڙ درياهه ۾ فاٽ پوي ۽ هر طرف جلمئي ٿي وڃي! ڏسو ته سهين ته ايازڇا ٿو لکي توکي ڇڪي ڪونه ٿي شفق سنڌوءَ تي دور ائين مرڪي ڪاڏي وئين ڪاپڙي؟ شيام کي اهڙي سرڌانجلي اياز کان سواءِ ٻيو ڪير ٿو ڏئي سگهي؟هو ٻئي ٻه سرير هڪ آتما هئا.ٻنهي سنڌوءَ کي پنهنجي امڙ ۽ ڀونءَ کي پنهنجو ڏيهه سمجهيو هو.اهو ئي سبب آهي ته جڏهن هند پاڪ جنگ لڳي ته اياز لکيو هو هي سنگرام!سامهون آ نارائڻ شيام ان تي ڪيئن بندوق کڻان مان؟..ان امر ڪويتا لکڻ بدولت هڪ طرف ادبي حلقن ۾ اياز کي خوب داد مليو ته ٻئي طرف پاڪستان جي تاناشاهيءَ کيس عدار جو ٺپو هڻي حوالات ۾ بند ڪيو. مون جڏهن سڀ بيت پڙهي پورا ڪيا ته منهنجو من ڳورو ۽ اکيون ڀنل هيون. اچانڪ اجهل جذبي ۽ سُرڌا وچان منهنجو سيس ازخود اياز اڳيان جهڪي ويو ۽ هٿ بي اختيار سندس ٿڪل سرير کي ڀيڙون ڏيڻ لڳا.ان ويل اياز جي من جا ڀاؤ ڪهڙا هئا.تنهنجي مونکي سڌ ڪانهي لڪن منهنجي من کي بيت سڪون ڏنو. مان اياز صاحب کان انهن بيتن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ جي اجازت وٺي .بيت کڻي مغل جي فلئٽ تي موٽي آيس. ان شام جو جڏهن آءٌ طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل ڪلفٽن تي سمنڊ ڪناري پسار ڪرڻ وياسين ته مون ڏٺو ڪلفٽن تي ڇوليون ماريندڙ وشال سمنڊ اڇا اڇا ابابيل پکي چيهون چيهون ڪندا اڏري رهيا هئا ڄڻ ڪيهون ڪري چئي رهيا هئا جيجل سنڌڙيءَ شل تنهنجا ٻچا جيئن! (ٽماهي سپون بمبئي اپريل جون 1990ع تان کنيل
جيتوڻيڪ 1990 ۾ حالتون خراب ٿيون هيون جو 88 ۾ نسلي قتل عام ٿيو هو۔ پر پوء به ڪراچي خوبصورت هئي۔ هري موٽواڻي کي ته سنڌ جي هر ڳلي خوبصورت لڳندي هئي جو هو سنڌ سان پيار ڪندو آهي۔ سندس لکڻ جو انداز به سهڻو ۽ دل کي وڻيو۔ اوهان جي چونڊ به لاجواب لڳي ۔۔۔۔ ڪاش ڪراچي وري اها ڪراچي ٿي پوي۔