• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مستقبل ۾ ايندڙ گلاس ٽيڪنالاجي...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستو ٽيڪنالاجي جو سفر جاري آهي۔۔۔ اسان موجوده دور ۾ ئي نت نيون شيون ڏسي حيران آهيون پر جي هن ئي دور ۾ 2020 ۾ ايندڙ ٽيڪنالاجي جي جهلڪ ڏيکاري وڃي ته عقل اصل دنگ رهجيو وڃي۔۔۔ هتي دوستن اڳيان مستقبل ۾ ايندڙ گلاس ٽيڪنالاجي جي ان دور ۾ روزانو استعمال ڪرڻ جي جهلڪ وڊيو جي صورت ۾ ڏيکارجي ٿي۔۔۔ اميد ته وڊيو ۾ ڪجهه سنسر کان رهجي ويل منظرن کي نظر انداز ڪندي خاص مطلب ڏانهن ئي ڌيان رکيو ويندو۔۔۔

 
دنيا جي حيرت انگيز سوچ​
سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ؛ ”پنڌ پيرن کان نه پڄي لک لعنت گوڏن تي“​
سنڌي ماڻهن جو مثال به مٿين چوڻي سان مشابهه آهي، سنڌي ماڻهن دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي ۽ انساني خوشحاليءَ کان منهن موڙي پاڻ کي اونداهين ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. اجايا بحث ۽ لاحاصل ۽ بيڪار ڪرت سان لڳي، هر ڏينهن دنيا ۾ ٿيندڙ ترقيءَ کان ڏور ٿيندا وڃون، ڪي مذهبن کي خراب پيا چون ته ڪي سياست کي ته ڪي وري علمي ڪمزورين جو روئڻ روئن ٿا پر عملي طور تي سنڌي قوم بجاءِ ترقي ڪرڻ جي هر گهڙي تنزليءَ طرف وڃي رهي آهي ...​
هن وڊيو مان اندازو لڳايو ته دنيا جا ماڻهون پنهنجين زندگين ۾ ڪهڙين سهولتن جي تمنا رکنٿا ۽ چنڊن تارن کي ڪمند وجهڻ کانپوءِ اهڙين سهولتن طرف قدم وڌائي رهيا آهن جيڪي سنڌي ماڻهن جي خوابن ۾ به ناهن ...​
ڇا اسين سنڌي قوم جا ماڻهون دنيا جي قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪنڌ مٿي ڪري هلڻ جهڙا رهيا آهيون .... بلڪه پنهنجي ڌرتيءَ جي خزانن کي استعمال ڪرڻ جا ڪي جتن ڪرڻ جهڙا آهيون ... يا ” ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي“​
خدارا پنهنجي قوم جي مالڪي ڪريو ۽ دنيا جي ترقيءَ مان سبق پرايو ...​
رڙيون ڪرڻ مون وس ... ٻڌڻ ڪم قوم جو ....​
 
Back
Top